• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پروٽوڪول.

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
پرٽوڪول!
رات جي وقت هڪ سپاهي ڪٿان لنگهي رهيو هئو،هن کي ويجهو کان بچايو بچايو جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو۔هن ان طرف پنهنجو قدم وڌايو،هن کي اندازو ٿيو ته ڪوئي ماڻهون کوه ۾ ڪري پيو آهي۔هن سپاهي رسي جي مدد سان ان ماڻهون کي کوه مان ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيو۔ جڏهن اهو ماڻهون اڌ تائين ٻاهر آيو ته سپاهي ڏٺو ته اهو ته هن جي ايس پي صاحب آهي۔ سپاهي هڪدم چيوء :” سر توهان!“ ايئن چئي هڪدم رسي ڦٽي ڪري ۽ هٿ مٿي ڪري سليوٽ ڪيائينس۔ ايس پي صاحب جيڪو اڃا کوه کان ٻاهر نه نڪتو هو جو رسي ڇڏڻ جي صورت ۾ ڇا حال ٿيو هوندو۔ان جو اندازو توهان لڳائي سگهو ٿا۔هاء سائين اهو اٿئو پروٽو ڪول۔ اسان جي اڱڻ جي جادوگر کي به شايد اهڙي پروٽوڪول جي ضرورت آهي پڇي ڏسوس۔(ههههههههههه ههههههههههههههههههههه ههههههههههههههههههههههه)
 
ههههههه۔۔۔۔
اهڙيون ڳالهيون هميشه لطيفن ۾ ئي ٻڌبيون آهن۔۔۔ ڪنهن کڏي ۾ ڪرڻ ۽ وري پروٽوڪول جي اهڙي انداز سان سنڌ سلامت جو ڪو دوست مون سان سلوڪ ڪندي ڪو لطيفو نه جوڙي۔۔
خير ڳالهه جڏهن پروٽوڪول جي پئي هلي ته هڪ سنجيده مذاق تحت هڪ وڊيو پيش ڪجي ٿي۔۔۔ ته وڏيرو ته سائين پر سندس پٽ به سائين ۔۔۔ بلاول ڀٽو لاءِ پروٽوڪول جي هڪ نظر۔۔

 
ههههههه۔۔۔۔
وڏيرو ته سائين پر سندس پٽ به سائين ۔۔۔

پٽ ته آهي ئي سائين۔۔ پر هتي ته وڏيري جو نوڪر به سائين، گهوڙو به سائين، ڪتو به سائين۔۔ وڏيري جي گاڏي کي به چميون اها به سائين۔۔ قصو اڻ کُٽ آهي بابا۔۔ وڏيري جي نسبت سان هر شي سائين۔۔ ”سائين“ جو مذاق بنجي ويو آ قسم سان۔۔
 
ههههههه۔۔۔۔
اهڙيون ڳالهيون هميشه لطيفن ۾ ئي ٻڌبيون آهن۔۔۔ ڪنهن کڏي ۾ ڪرڻ ۽ وري پروٽوڪول جي اهڙي انداز سان سنڌ سلامت جو ڪو دوست مون سان سلوڪ ڪندي ڪو لطيفو نه جوڙي۔۔
خير ڳالهه جڏهن پروٽوڪول جي پئي هلي ته هڪ سنجيده مذاق تحت هڪ وڊيو پيش ڪجي ٿي۔۔۔ ته وڏيرو ته سائين پر سندس پٽ به سائين ۔۔۔ بلاول ڀٽو لاءِ پروٽوڪول جي هڪ نظر۔۔

آخر ڪار صدر جو پٽ آهي۔
 
Back
Top