ڪراچي جا گهاءَ۔۔۔۔۔اختر حفيِظ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2012۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    ڪراچي جا گهاءَ


    اختر حفيِظ
    ڪلاچيءَ کان ڪراچيءَ جو سفر طئي ڪندڙ سنڌ جي راڄڌاني پنهنجي انهيءَ سموري سفر ۾ ڪيترا لاها چاڙها ڏٺا آهن انهي جي خبر نه فقط اسان جي سموري سنڌ بلڪه ملڪ کي به آهي.[​IMG] گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ڪراًچيءَ جي سيني تي رڳو زخم آهن پر انهن ڦٽن تي ڪو به مرهم لڳائڻ وارو نه آهي، ها باقي انهن تي لوڻ ٻرڪڻ لاءِ تمام گهڻا هٿ آهن جيڪي لوڻ ٻُرڪي به رهيا آهن. بدامني جي آڙاهه ۾ جلندڙ ڪراًچي مامري جي حل لاءِ سمورن سياستدانن ۽ دانشورن وٽ تمام گهڻيون صلاحون آهن پر انهن تي عمل ٻڙي آهي ڇو ته ڪراچي تي مالڪي جي دعوى جو مسئلو آهي. ڪو دور هو جو اهو شهر روشنين سان جڳمڳائيندو هو هاڻ اهو رت ۾ ٻڏل آهي. انسانن جي رت سان رڱيل شهر آهي. هر سياسي ڌر کي ڪراًچي ۾ حصو پتي کپي پر ڪراچي جو امن نه کپي. ڪراچي جي ماڻهن جي سلامتي جي ڳڻتي ڪنهن به نه آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ڪراچي جي صورتحال ڳنڀير ٿي وئي آهي جنهن کي اسان جون سياسي پارٽيون پنهنجي مفادن خاطر حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. انهي ڪري نيٺ اسان جي اعلى اداري سپريم ڪورٽ انهي معاملي ۾ هٿ وڌا ۽ ماڻهن ۾ ڪجهه ساهه پيو ته هاڻ اهي انهي شهر ۾ آزاديءَ سان جيءَ سگهن ٿا پر سپريم ڪورٽ جي فيصلن کان پوءِ جيڪو ٻڙڌڪ متو آهي، انهي ويتر صورتحال کي منجهائي ڇڏيو آهي.[​IMG]
    هٿيار ۽ بارود جي ڍير تي ساهه کڻندڙ ڪراچي ۾ اڄ به ماڻهن جو ڪوس جاري آهي. اڄ به انهي شهر ۾ ٻوري بند ۽ گولين سان پروڻ ٿيل لاش ملندا آهن پر حڪومت کي اهو ئي لڳي رهيو آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.
    سينٽ ۾ ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو ٺهراءَ منظور: ايم ڪيو ايم جي مخالفت – 20 نومبر 2012ع
    ڪراچي ۾چونڊ تڪ لساني بنيادن تي آهن فقط هڪ پارٽي جي نمائندگي نه هئڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ -27 نومبر 2012ع
    ڪراچي ۾ ووٽر لسٽن لاءِ فوج مقرر ڪئي وڃي امن امان جو مسئلو به حل ٿي ويندو: سپريم ڪورٽ – 29 نومبر 2012ع
    سنڌ حڪومت جي نين تڪبندين جي مخالفت، متحده جو انڪار – 2 ڊسمبر 2012ع
    ڪراچي جي مينڊيٽ تي ڌاڙي جي ڪوشش ڪرڻ تي ججن کي معافي وٺڻي پوندي: الطاف حسين – 3 ڊسمبر 2012ع
    رڳو ڪراچي ۾ تڪبندين جي ضرورت نه آهي: پاڳارو، طالبان دهشتگرد آهن ته متحده به دهشتگرد آهي: فضل الرحمان 5 ڊسمبر 2012ع
    ڪراچي ۾ ووٽر لسٽون بوگس آهن فوج ذريعي تصديق ڪرايو: سپريم ڪورٽ – 6 ڊسمبر 2012ع
    سڄي سنڌ ۾ نوان تڪ ٺاهيا وڃن: قائم علي شاهه-10 ڊسمبر 2012ع
    مٿي ڄاڻايل سمورين خبرن مان اها ڳالهه پڙهندڙ سمجهي سگهن ٿا ته اهي سموريون خبرون ڪراچي مسئلي جي حوالي سان آهن. ڪراچي مسئلو هاڻ ڪيتري اهميت اختياري ڪري ويو آهي، انهي جو اندازو اسان کي انهي ڳالهه مان به لڳائڻ گهرجي ته ڪراچي معاملي تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان وٺي سول سوسائٽي به پنهنجو موقف بيان ڪندي رهي آهي.
    جڏهن سينٽ ۾ ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ منظور ٿيو ته انهي جي پهرين مخالفت اسان کي ايم ڪيو ايم طرفان نظر آئي ڇاڪاڻ ته انهي کي وري سڄي ملڪ ۾ موجود هٿيارن جي ڳڻتي کائي رهي آهي. انهي ڪري انهي قومي اسيمبلي ۾ سموري ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو بل پيش ڪيو جيڪو منظور به ٿي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ٻنهي بلن تي عمل بلڪل به نه ٿيو آهي. ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڳالهيون هليون ته ايم ڪيو ايم انهي جي مخالفت ڪئي ته ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جي ضرورت نه آهي، تنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت به اها ساڳي ڳالهه ڪئي ۽ آرمي چيف اشفاق پرويز ڪياني به اها وضاحت ڪئي ته ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جي ضرورت نه آهي. خير اها ته حڪومت جي مرضي آهي ته اها ڪراچي جو امن بحال ڪرڻ لاءِ ڪهڙن وسيلن کي ڪتب آڻي آپريشن ڪري ٿي.
    انهي کان اڳ جڏهن پيپلز پارٽي لياري واسين کي دهشتگرد قرار ڏئي انهن تي گوليون وسائي رهي هئي ته انهي وقت ڪراچي کي هٿيارن کان ۽ دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اسان جي صدر کي انهي ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي انهن “دهشتگردن” سان ڳالهيون ڪجن. پر انهي وقت ڪراچي جي دعويدار ايم ڪيو ايم انهي آپريشن جي ڪابه مخالفت نه ڪئي بلڪه اها انهي علائقي ۾ آپريشن جي وڏي حامي هئي. وري جڏهن سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ تڪبندين جي حوالي سان معاملو اٿاريو ته انهي تي به پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو ردعمل نظر آيو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم اهو چيو ته ڪراچي ۾ تڪبنديون نه ڪيون وڃن، جڏهن ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندي اهو چيو ته سموري ملڪ ۾ تڪبنديون ڪيون وڃن. پر اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جو حڪم مڃيندي ڪراچي ۾ نئين سر تڪبندين ۽ ووٽر لسٽن جي چڪاس واري ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي.
    3 ڊسمبر تي الطاف حسين جو بيان آيو ته ڪراچي جي مينڊيٽ تي ڌاڙي جي ڪوشش ڪرڻ تي ججن کي معافي وٺڻي پوندي. ججن پاران تعصباڻا رمارڪس ڏنا ويا آهن، جنهن تي کين معافي وٺڻي پوندي، ايم ڪيو ايم خلاف پاڪ فوج کي استعمال ڪيو پيو وڃي پر ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ مٽجي ويا، هن چيو ته جمهوريت تي راتاهو هڻڻ نه ڏينداسين، چيف جسٽس تعصباڻي رمارڪس جو نوٽيس وٺي، الطاف حسين چيو ته تڪبنديون عدالتن جو ڪم ناهي پر اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ انهي بيان تي الطاف حسين کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي 7 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن تي مختلف شهرن ۾ هڙتالن ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
    ايم ڪيو ايم هن وقت اهو به چئي رهي ته انهي خلاف شازش ٿي رهي آهي ۽ عوام طرفان آيل ردعمل کي اها انهي موقف سان جسٽيفاءِ ڪري ٿي ته انهن جي پارٽي جي لکين چاهيندڙ آهن انهي ڪري اهو ردعمل اچڻو آهي. پپيلز پارٽي حڪومت جڏهن کان آئي انهي جو عدالت سان ٽڪراءَ هلندو پيو اچي. انهي ٽڪراءَ ۾ انهن جو هڪ وزيراعظم گهر ڀيڙو به ٿي چڪو آهي. عجيب ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڪورٽ طرفان جاري ڪيل نوٽيس انهي جي مينڊيٽ جي توهين لڳي رهيو آهي جڏهن ته انهي معاملي کي ڪورٽ ۾ سادي نموني سان حل ڪري سگهجي ٿو اهو ڪو ايڏو مسئلو نه آهي. انهي کان اڳ ايم ڪيو ايم سپريم ڪورٽ جي ڪيترن کي فيصلن کي ڀليڪار ڪندي رهي آهي، مطلب ته معاملو پسند ۽ ناپسند جو آهي.
    جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ڪراچي معاملي تي ايتري حساس آهي ته انهي کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اهو رڳو اردو آبادي جو شهر نه آهي بلڪه اتي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ آباديون به رهن ٿيون. جن جون زندگيون انهي شهر ۾ گذرن ٿيون. انهي ڪري لساني بنيادن تي ڪيل سياست رڳو رت وهائي سگهي ٿي پر ڪنهن به ريت امن نه ٿي آڻي سگهي. مثال طور اڄ جيڪا صورتحال ڪراچي جي آهي اها ملڪ جي ڪنهن ٻي شهر جي نه آهي. ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگ، بيلڪ ميلنگ، لساني گروهه بندي، لينڊ مافيائون، جانورن جي کلن توڙي ڀتي لاءِ پرچي موڪلڻ، ٻوري بند لاش ملڻ. اهو سمورو لقاءَ ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي. ظاهر آهي جنهن مريض کي جيتري بيماري وڏي هوندي آهي انهي جي علاج لاءِ به ايترو جلدي اپاءَ وٺبا، انهي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ترت ئي دوا ڪرڻي پوندي. هن وقت ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ بيمار شهر آهي جنهن کي ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون آهن. انهي ڪري انهي کي جلدي ٺيڪ ڪرڻ جي به ضرورت آهي. پر اسان جي حڪومتي ڌر مفاهمت مان پاڻ کي واندو ئي نٿي ڪرڻ چاهي جو اها ڪراچي جي معاملي کي صحيح نموني حل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي. جيڪا رڳو ڪرپشن ۾ ترقي جون منزلون طئي رهي آهي.
    هي سموري پارٽين لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي ته ڪراچي جي زخمن تي پها رکجن، انهي جي نڙي تي آيل دهشتگردي جي لت کي لاهي امن جو شهر بڻائڻ جي ڪوشش ڪجي. سپريم ڪورٽ ته پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ ۾ حڪومتون پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪنديون هجن. جن کي عوام جي مسئلن سان ڪو لڳاءَ نه هجي اتي هاڻ ماڻهن توڙي سياسي پارٽين جي آخري اميد اهو ادارو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪراچي وري رت سان ٿو رڱجي يا انهي ۾ امن جا پکي ٿا اڏامن.

    About these ads​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو