معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
نظم
ڪنهن ڪراچي ليڪيو ڪنهن ٺٽو ڪيٽي بندر
ماعيل اداسي
1511 اٽيچمينٽ ڏسو
سنڌ سستي پئي وڪامي، ڪو وٺڻ وارو هجي
بنهه ڀڳڙن مٺ عيوض، ٻولي ڏيڻ وارو هجي
آهي ايوان صدر جي در ديوارن تي لکيل
پهرين اچو پهرين وٺو، باقي جيڪو آهي بچيل
وڌندا اچو هلندا اچو، نيلام بلڪل آ کليل
دام ديوارن تي آهي، ڪو پڙهڻ وارو هجي
ڪشمور کان ڪيٽي بندر، ٻولي ڏيو مرضي کپي
شرط بس هڪڙو ئي آهي، يار کي ڪرسي کپي
نوٽ ناڻو ڪو به ناهي، ووٽ جي پرچي کپي
شرط بلڪل سادو آهي، ٽينڊر ڀرڻ وارو هجي
ڪنهن ڪراچي ليڪيو ڪنهن ٺٽو ڪيٽي بندر
ڪنهن سکر کي سوٿيو، ڪوٽڙي دادو قمبر
ٻئي سرا ٻولي تي آهن، لاڙ ڪاڇو ۽ اُتر
کل مڏي ڪاتي سان لهندي، کلهڻ وارو هجي
سڀ عقل جي ڳالهه آهي، عقل قل کي ڇا ڪندا
سنڌي نه رهندا سنڌ رهندي، ان ۾ ڪهڙي اربع خطا
دنيا ڀلي ڇاڀي چوي، ڪرسيءَ جا آهن ٻيا مزا
ڪينجهر به پاڻي تار آهي، ڪو ٻڏڻ وارو هجي
ڀل ”اُداسي“ آڱرين مان پيو ڪڍي سکڻا ٺڪاءَ
سولي سنڌي ۾ جي نه سمجهيو، ڪٽ باس پوءِ پاسا پٺا
مال کائي جان ٺاهي يارن ڪڍيا ڳاڙها ڳٽا
لٺ آهي چٺ آهي، ماڻهو مڃڻ وارو هجي
(مڪلي تي مزاحمتي مشاعري ۾ پڙهيل)
ڪنهن ڪراچي ليڪيو ڪنهن ٺٽو ڪيٽي بندر
ماعيل اداسي
1511 اٽيچمينٽ ڏسو
سنڌ سستي پئي وڪامي، ڪو وٺڻ وارو هجي
بنهه ڀڳڙن مٺ عيوض، ٻولي ڏيڻ وارو هجي
آهي ايوان صدر جي در ديوارن تي لکيل
پهرين اچو پهرين وٺو، باقي جيڪو آهي بچيل
وڌندا اچو هلندا اچو، نيلام بلڪل آ کليل
دام ديوارن تي آهي، ڪو پڙهڻ وارو هجي
ڪشمور کان ڪيٽي بندر، ٻولي ڏيو مرضي کپي
شرط بس هڪڙو ئي آهي، يار کي ڪرسي کپي
نوٽ ناڻو ڪو به ناهي، ووٽ جي پرچي کپي
شرط بلڪل سادو آهي، ٽينڊر ڀرڻ وارو هجي
ڪنهن ڪراچي ليڪيو ڪنهن ٺٽو ڪيٽي بندر
ڪنهن سکر کي سوٿيو، ڪوٽڙي دادو قمبر
ٻئي سرا ٻولي تي آهن، لاڙ ڪاڇو ۽ اُتر
کل مڏي ڪاتي سان لهندي، کلهڻ وارو هجي
سڀ عقل جي ڳالهه آهي، عقل قل کي ڇا ڪندا
سنڌي نه رهندا سنڌ رهندي، ان ۾ ڪهڙي اربع خطا
دنيا ڀلي ڇاڀي چوي، ڪرسيءَ جا آهن ٻيا مزا
ڪينجهر به پاڻي تار آهي، ڪو ٻڏڻ وارو هجي
ڀل ”اُداسي“ آڱرين مان پيو ڪڍي سکڻا ٺڪاءَ
سولي سنڌي ۾ جي نه سمجهيو، ڪٽ باس پوءِ پاسا پٺا
مال کائي جان ٺاهي يارن ڪڍيا ڳاڙها ڳٽا
لٺ آهي چٺ آهي، ماڻهو مڃڻ وارو هجي
(مڪلي تي مزاحمتي مشاعري ۾ پڙهيل)