يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پريٽروناس ملائيشيا ۾ اسڪالرشپ

'مختلف موضوع' فورم ۾ بدرحداد طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2012۔

  1. بدرحداد

    بدرحداد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ادا مهرباني ڪري هيءِ معلومات سڀني سنڌين سان ونڊيندا. مان هتي يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس جو شاگرد آهيان ۽ سنڌين لاءِ سڄو داخلا پراسيس سنڌي ۾ ترجمو ڪيو اٿم ته جئين سڀ سولائي سان سمجهي سگهن.
    Universiti Teknologi Petronas, Malaysia
    يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پريٽروناس ملائيشيا ۾ اسڪالرشپ تي هيٺين ڊپارٽمينس ۾ مختلف پروگرامن ۾ رسرچ موڊ ۾ ماسٽرس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلا جو طريقيڪا؛ جيڪو هن لنڪ تي به بيان ڪيل آهي ۽ هن لنڪ تي رسرچ ايرياز ۽ ڊپارٽمينٽس جا تفصيل به ڏنل آهن،. نوٽ؛ هتي داخلا سڄو سال کليل رهندي آهي. توهان ڪهڙي به وقت اپلاءِ ڪري سگهو ٿا. سال ۾ 3 سيميسٽر هوندا آهن. توهان کي جڏهن اپلاءِ ڪندا ته ان سيميسٽر جي حساب سان توهان کي داخلا ڏي ويندي ۽ داخلا ٿيڻ کانپوءِ توهان ان سيميسٽر جي ڪهڙي به مهيني ۾ اچي هتي رجسٽريشن ڪرائي سگهو ٿا.
    http://www.utp.edu.my/index.php?option=com_content&view=article&id=472&Itemid=3004
    Chemical Eng, Petroleum Eng، Petroleum Geoscience, Civil Eng, Mechanical Eng, Electrical & Electronic Eng, Information Technology, Science(Msc), Management (MPhil & phd), Social Science & Humanities (MPhil & phd)
    ياد رهي ته اسڪالرشپ رڳو رسرچ موڊ ۾ ڊگري ڪرڻ تي ئي ملندي. رسرچ موڊ ۾ شاگرد پنهنجو پاڻ آزادنه طور تي رسرچ ڪندو آهي ان کي رڳو پنهنجو سپروائيز گائيڊ ڪندو ويندو آهي. رسرچ موڊ ۾ ڊگري ڪرڻ لاءِ ڪي به ريگيولر ڪلاسز اٽينڊ ناهن ڪرڻا پوندا. رڳو هر4 مهينن کان پوءِ پريزنٽيشن ڏئي پنهنجي رسرچ پراگريس جو اپڊيٽ ڏبو آهي ۽ اهو شاگرد تي ٿو دارومدار رکي ته هو پنهنجي ڊگري ڪيتري عرصي ۾ ٿو ختم ڪري. ماسٽرس لاءِ اسڪالرشپ وڌ ۾ وڌ ٻه سال ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ وڌ ۾ وڌ ساڍا ٽي سال اسڪالرشپ ملندي. ماسٽرس لاءِ اسڪالرشپ 1650 ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ 2200 ملائيشين رنگٽ پئسا ملندا آهن. جڏهن ته هڪ ماڻهو جو سراسري خرچ 500 کان 700 ملائيشين رنگٽ تائين هوندو آهي. جنهن جي ڪري ڪيترائي پاڪستاني ۽ سنڌي شاگرد پنهنجي فيمليز کي به وٺي آيا آهن. هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل 35 سنڌين ۽ 150 پاڪستاني آهن. ۽ انهن مان اڪثر شاگردن وٽ موٽرسائيڪل يا ڪارون به آهن جيڪي انهن اسڪالرشپ جي پئيسن مان ورتيون آهن. ۽ ڪجهه شاگرد پئسه بچائي گهر به اماڻيندا آهن.
    داخلا لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 75سيڪڙو مارڪون يا 3.0 جي پي اي هجڻ لازمي آهن. جي مارڪون گهٽ آهن ۽ لاڳاپيل تجربو يا قابليت آهي ته پيٽروناس يونيورسٽي جي ڪنهن استاد جي رڪمنڊيشن تي داخلا ٿي سگهي ٿي. جيڪي شاگرد پنهنجي فائينل رزلٽ جو انتظار ڪري رهيا آهن ته اهي پنهنجي يونيورسٽي مان اپيئرنس سرٽيفڪيٽ وٺي پنهنجي اپيليڪشن فارم سان گڏ موڪلن.
    داخلا لاءِ سڀ کان پهريان هيٺيان ڪاغذ هجڻ لازمي آهن جنهن جا تفصيل هتي نه لکيل آهن ۽. هن لنڪ تي به تفصيل ڏنل آهن. http://www.utp.edu.my/index.php?option=com_content&view=article&id=79&Itemid=2991
    ڊاڪيومينٽس اسڪين ڪري اي ميل ذريعي موڪليا ويندا ۽ اسڪين ٿيل ڊاڪيومينٽس پي ڊي ايف ۾ هجن يا وري جي اميج فارميٽ ۾ آهن ته اي 4 سائيز ۾ هجن. اسڪين ٿيل ڊاڪيومينٽس جي وڍ ٽڪ نه ڪيو جيڪو اوريجنل سائيز آهي اهو ئي رهڻ ڏيو
    .ڀلو ائين ٿيندو ته اي ميل تڏهن موڪليو جڏهن توهان وٽ هر گهربل شيءِ ۽ ڪاغذات پورا هجن. پنهنجا ڊاڪيومينٽس 4 يا 5 اي ميلن ذريعي موڪليو ۽ اها به پڪ ڪريو ته اي ميل 4 ايم بي کان وڌيڪ سائيز نه هجي.

    1. Research Proposal
    جنهن فيلڊ يا ڪنهن خاص ٽاپِڪ ۾ توهان جو رسرچ سان ماسٽرس يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو ارادو آهي سڀ کان پهريان ان فيلڊ سان لاڳاپيل هڪ رسرچ پروپوزل ٺاهيو. رسرچ پروپوزل ٺاهڻ جو طريقيڪار مٿين ڏنل لنڪ تي ڏنل گائيڊلائنس ڊالونلوڊ ڪري سمجهي سگهجي ٿو. يا وري انٽرنيٽ تي ڪيترائي رسرچ پروپوزل ٺاهڻ جا نمونا ملي ويندا يا وري هيٺ ڏنل فيس بڪ پيج تي توهان کي اٽيچمينٽس ۾ ملي ويندا. اهو رسرچ پروپوزل يونيورسٽي جي ڪنهن لاڳاپيل استاد ڏانهن اي ميل ڪري موڪليو. هن لنڪ تي يونيورسٽي جي استادن جي لسٽ، انهن جي اييمل ايڊريس ۽ ان جي سامهون انهن جي فيلڊ يا ايريا آف رسرچ به ڏنل آهي. هن لنڪ تي وڃي ڪو به ڊپارٽمينٽ سرچ ڪيو ته ان ڊپارٽمينٽ جي استادن جي لسٽ اچي ويندي. رسرچ پروپوزل آهي ته رڳو هڪ فارملٽي پر جي سٺو پروپوزل ٺاهيندا ته بهتر ٿيندو. http://www.utp.edu.my/index.php?option=com_wrapper&view=wrapper&Itemid=451
    ڪنهن به استاد کي رسرچ پروپوزل موڪلڻ کان اڳ ۾ ان سان ايميل تي رابطو ڪيو ۽ پنهنجي دلچسپي ڏيکاريندي ان استاد کي عرض ڪيو ته هو توهان جو رسرچ سپروائيزر ٿيڻ لاءِ راضي ٿي. ۽ جي اهو استاد اوهان جي سپروائيزر ٿيڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ هو توهان کي هڪ رڪمنڊيشن ليٽر به ڏئي سگهي ٿو جيڪو پنهنجي ايپليڪيشن فارم سان گڏ جمع ڪرائبو ته داخلا ٿيڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي.

    2. Two Referee Forms
    ٻه ريفري فارم ڊائونلوڊ ڪري ڀريا ويندا. اهي فارم هن يونيورسٽي جي ڪنهن شاگرد يا پنهنجي پهرين يونيورسٽي جي ڪنهن استاد يا پنهنجي ڪمپني جي ڪنهن باس يا دوست کان ڀرائي ان جي پرسنل اي ميل ايڊريس تان يونيورسٽي ايڊميشن ڊپارٽپمينٽ وارن ڏي موڪلبو.

    3. Statement of Interest
    هيءِ اسٽيٽمينٽ آف انٽريسٽ وڌ ۾ وڌ 150 لفظن جي هجي جنهن ۾ توهان اهو ڄاڻايو ته توهان يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس ۾ داخلا ڇو ٿا وٺڻ چاهيو ۽ جيڪو توهان پروگرام يا ڊگري چونڊي آهي ان ۾ توهان جو انٽريسٽ ڇو آهي ۽ وغيره وغيره

    4. Application check list
    هيءَ چيڪ لسٽ توهان ڀريندا اهو يقين ڪرڻ لاءِ ته سڀ ڊاڪيومينٽس پورا آهن ۽ ڪا شيءِ رهجي ته نه وئي آهي.

    5. Printed Application form
    آن لائن فارم ڀري پوءِ اهو محفوظ ڪيو ويندو پنهنجي رڪارڊ لاءِ به ۽ يونيورسٽي ۾ موڪلڻ لاءِ به.

    6. Passport
    پاسپورٽ تازو ٺهيل هجي ته بهتر آهي. جي داخلا ٿي وڃي ته ان تي پاڪستان ۾ موجود ملائيشين سفارتخاني طرفان اسٽوڊنٽ ويزا لڳايو ويندو.پاسپورٽ تي اسٽوڊنٽ ويزا لڳائرائڻ لاءِ هن يونيورسٽي طرفان پاڪستان ۾ موجود ملائيشين سفارتخاني يا ڪونسليٽ ڏانهن هڪِ ليٽر ڏنو ويندو جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هوندو ته هن شاگرد جي اسان جي يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي وئي آهي سو هن کي شاگرد ويزا جاري ڪيو وڃي. توهان اهو به نوٽ ڪندا هلندا ته هتي گهڻا شاگرد داخلا ٿيڻ کانپوءِ بنا اسٽوڊنٽ پاس جي به آيا آهن. ڇو جو اسٽوڊنٽ ويزا لڳزائڻ ۾ گهڻو وقت لڳي وڃڻ ڪري ڪيترائي شاگرد وزٽ ويزا وٺي ايندا آهن پوءُ اهي هتي يونيورسٽي ۾ پنهنجو پاسپورٽ جمع ڪرائيندا آهن ۽ هتي يونيورسٽي وارا پاڻ انهن کي شاگرد ويزا لڳرائي ڏيندا آهن.
    اسٽوڊنٽ ويزا لڳرائڻ لاءِ ميڊيڪل فارم هجڻ لازمي آهي. جيڪو توهان پنهنجي ايپليڪسشن فارم سان گڏ به جمع ڪرائيندا. اهو ميڊيڪل فارم توهان پاڪستان ۾ ئي پنهنجي علائقي جي ڪنهن ڊاڪٽر وٽان ڀرائيندا پر ان ڳالهه جو خيال هجي ته توهان کي هيپاٽائيٽس وغيره جهڙي بيماري نه هجي. جي توهان کي ڪابه بيماري نه آهي ته بنا ميڊيڪل ٽيسٽن جي توهان اهو فارم ڀرائي سگهو ٿا.
    7. Degree, Transcript and marks sheets
    توهان پنهنجا سڀ سرٽيفڪيٽ، ڊگريون، ۽ مارڪ شيٽون اسڪين ڪري پنهنجي درخواست فارم سان گڏ اي ميل ڪندا. ڪوشش ڪري سڀ ڊاڪيومينٽس ۽ ايپليڪيشن فارم هڪ ئي وقت جمع ڪرايا وڃن. پنهنجي ڊگريون ۽ ٽرانسڪرپٽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ منسٽري آف فارين افيئرس ڪراچي مان تصديق يا اٽيسٽڊ ٿيل هجن ته ڀلو ٿيندو جي اتان اٽيسٽڊ نه آهن ته هتي توهان جي ڊگري ۽ ٻيا ڊاڪيومينٽس قابل قبول آهن. ڊاڪيومينٽس اسڪين ڪري اي ميل ذريعي موڪليا ويندا ۽ اسڪين ٿيل ڊاڪيومينٽس پي ڊي ايف ۾ هجن يا وري جي اميج فارميٽ ۾ آهن ته اي 4 سائيز ۾ هجن. اسڪين ٿيل ڊاڪيومينٽس جي وڍ ٽڪ نه ڪيو جيڪو اوريجنل سائيز آهي اهو ئي رهڻ ڏيو. .ڀلو ائين ٿيندو ته اي ميل تڏهن موڪليو جڏهن توهان وٽ هر گهربل شيءِ ۽ ڪاغذات پورا هجن. پنهنجا ڊاڪيومينٽس 4 يا 5 اي ميلن ذريعي موڪليو ۽ اها به پڪ ڪريو ته اي ميل 4 ايم بي کان وڌيڪ سائيز نه هجي.
    نوٽ؛ پنهنجا سڀ ”مڪمل“ ڊاڪيومينٽس آن لائن اپيليڪيشن فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ 7 ڏينهن اندر ئي جمع ڪرايو. ڀلو ائين ٿيندو جو آن لائن فارم ڀرڻ کان اڳ ۾ گهربل ڪاغذات تيار ڪري رکي ڇڏجن.

    8. English Language Certificate
    آئيلٽس يا ٽافل نه هجڻ جي صورت ۾ توهان پنهنجي پهرين يونيورسٽيءِ مان هڪ سرٽيفڪيٽ وٺو جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هجي ته هن شاگرد اسان وٽان انگريزي ۾ ئي سڄي ڊگري ڪئي آهي ۽ اسان جي يونيورسٽي ۾ ميڊيم آف اسٽڊي انگريزي ئي آهي.

    9. 50 USD admission application fees
    يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس جي هيٺ ڏنل اڪائونٽ تي 50 ڊالر يا ان جي برابر ملائيشين رنگٽ ۾ داخلا فارم جي پراسيسنگ في پياري ويندي. اها في هيٺين طريقن سان جمع ڪرائي سگهجي ٿي.،
    (Internet Banking/Cash Deposit/Electronic Fund Transfer/Telegraphic Transfer)
    Payee: Institute Of Technology Petronas Sdn Bhd
    Bank Account Number: 0809 0004124 054
    Banker’s Name: CIMB Berhad
    Swift Code: CIBBMYKL
    Banker’s Address: 20, Jalan Pos Baru, 31000 Batu Gajah, Perak, Malaysia
    اهو ياد رکڻ گهرجي ته اپيليڪيشن پراسيسنگ في نه ڀرڻ جي صورت ۾ داخلا فارم ڪونه پراسيس ٿيندو ۽ داخلا ڪونه ٿيندي.

    10. Approval/confirmation letter from Proposed Supervisor (Research only - if any),
    جي توهان اڳ ۾ ئي هن يونيورسٽيءِ جي ڪنهن ليڪچرار، پروفيسر سان رابطي ۾ آهيو ته ان کي عرَض ڪيو ته هو توهان کي رڪمنڊيشن ليٽر ڏي. اهو رڪمنڊيشن ليٽر يا ته اهو استاد توهان کان توهان جي ايپليڪيشن جو رفرنس نمبر وٺي پاڻ ئي ايڊميشن ڊپارٽمينٽ وارن ڏي موڪلي ڇڏيندو يا ته توهان کي ڏيندو ته توهان پنهنجي اپيليڪيشن سان گڏ اماڻيو.

    11. Any other relevant documents to support your application
    جي توهان وٽ ٻيا به ڪي ڊاڪيومينٽس ، سرٽيفڪيٽس آهن ته اهي به اي ميل ڪري موڪليو.
    ايڊميشن ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل ماڻهن جا اي ميل ايڊريس. توهان هيٺين مان ڪنهن به هڪ تي پنهنجا ڊاڪيومينٽس اي ميل ذريعي موڪلي سگهو ٿا.
    Tajul Ariffin Shamsuddin tajul_ariffin@petronas.com.my [​IMG]+6053688403
    Nurzaihan Zulkefly zaihan.zulkefly@petronas.com.my [​IMG]+6053688346
    Nur Idyawati M Yusof idyawati_yusof@petronas.com.my [​IMG]+6053688359
    Nor Fadzilatul Hanuzah hanuzah@petronas.com.my [​IMG]+6053688345

    خرچن جا تفصيل؛
    توهان کي شروع شروع ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ لک کان ٻه لک پاڪستاني رپيا خرچ ايندو. جن جا تفصيل هن ريت آهن.
    1. ايئر ٽڪيٽ
    پاڪستاني وَنِ وَي ٽڪيٽ اٽڪل 30 کان 35 هزار تائين آهي ۽ رٽرن ٽڪيٽ اٽڪل کان 60 هزار تائين پئجي ويندي. هر ائير لائين جا پنهنجا ريٽ آهن. پر گهڻو ڪري سريلنڪن ائيرلائين ئي استعمال ڪندا آهن ماڻهو پاڪستان کان ملائيشيا اچڻ لاءِ.
    2. پهرين مهيني جو خرچ
    پهرين مهيني ۾ اٽڪل 20 کان 30 هزار پاڪستاني روپيه تائين خرچ ٿي ويندو آهي.
    3. رجسٽريشن في
    داخلا ٿيڻ کان پوءِ هتي يونيورسٽي ۾ پهچي رجسٽريشن ڪرائي ويندي جنهن جي في اٽڪل 700 رنگٽ يا 23000 روپيه ٿيندي.

    اسٽوڊنٽ ويزا في؛
    هتي اچي توهان پنهنجو پاسپورٽ يونيورسٽي ۾ جمع ڪرائيندا ۽ يونيورسٽي توهان کي هڪ سال جو اسٽوڊنٽ ويزا لڳرائي ڏيندي جنهن جي في 200 رنگٽ يا اٽڪل 6000 روپيه ٿيندي..

    ميڊيڪل انشورنس؛
    يونيورسٽي هتي پڙهندڙ هر شاگرد کي پڙهائي جي سڄي مدي دوران مفت علاج معالجي جي سهولت ڏيندي آهي جنهن لاءِ توهان کي شروع ۾ ميڊيڪل انشورنس في ڀرڻي پوندي جيڪا اٽڪل 300 رنگٽ يا 9000 روپيه ٿيندي.
    داخلا جا وڌيڪ تفصيل هيٺين ڏنل لنڪ تي موجود آهن.
    http://www.utp.edu.my/index.php?option=com_content&view=article&id=79&Itemid=3006
    داخلا کان هٽي ڪري ٻيون ضروري ڳالهيون؛
    هتي ليپ ٽاپ تمام ضروري آهي. جي توهان وٽ پنهنجو ليپ ٽاپ آهي ته اهو ساڻ کڻي اچو. نه ته هتي توهان کي ليب ۾ وڃي ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻو پوندو. ڪجهه شاگردن هتي پهچڻ کان پوءِ به ليپ ٽاپ وٺندا آهن. پر پريشاني کان بچڻ لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته پاڻ سان ليپ ٽاپ کڻي اچو.
    ڊرائيونگ لائيسنس؛
    هتي پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ جي برابر آهي ڇو ته هتي هر ماڻهو وٽ پنهنجي پرسنل ڪارون يا گاڏيون وغيره آهن. جنهن جي ڪري هتي ڊرائيونگ اچڻ لازمي آهي. ۽ ڊرائيونگ لاءِ لائيسنس هجڻ لازمي آهي. پاڻ سان گڏ پاڪستاني ڪمپيوٽرائزڊ ڊرائيونگ لائيسنس لازمي طور گڏ کڻي اچو. پاڪستاني ڊرائيونگ لائيسنس هتي ملائيشين ڊرائيونگ لائيسنس ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. جنهن لاءِ توهان کي پنهنجي ڊرائيونگ لائينسس جي فوٽو ڪاپي منسٽري آف فارين افيئرس پاڪستان جي شاهراه فيصل تي واقع آفيس مان اٽيسٽ ڪرائڻي پوندي. جيڪا بعد ۾ هتي ملائيشيا ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني مان تصديق ٿيندي ۽ توهان کي هتي موجود پاڪستاني سفارتخانو هڪ ليٽر ڏيندو جيڪو پوءِ ملائيشين ڊپارٽمينٽ آف ٽرانسپورٽ ۾ جمع ڪرائبو ته توهان کي ملائيشين ڊرائيونگ لائيسنس ملي ويندو.
    پنهنجي لاءِ جيڪي به ضرورت جون شيون، جهڙوڪ؛ بيڊ شيٽ، چادر، وهاڻن جا ڪوَرَ وغيره آهن پاڻ سان گڏ پاڪستان مان کڻي اچو ته جئين هتي پهچڻ کان پوءِ توهان کي گهٽ ۾ گهٽ خريداري ڪرڻي پوي. هتي ملائيشيا ۾ سڄو سال هڪ ئي موسم هوندي آهي بهار جي ۽ اٽڪل هر روز مينهن پوندو آهي. سو رات جو سمهڻ لاءِ هڪ چادر ئي ڪافي هوندي آهي. ۽ ڪپڙن ۾ ٽي شرٽس ۽ هلڪا ڪپڙا ۽ نِڪَر وغيره هجڻ گهرجي. رات جو گهٽ ۾ گهٽ ٽيمپريچر 24 ڊگري ۽ ڏينهن جو وڌ ۾ وڌ 35 ڊگري تائين هوندو آهي.

    وڌيڪ تفصيل ۽ مدد لاءِ هي فيس بڪ پيج جوائن ڪريو ۽ اتي پرسنل ميسج ڪيو يا وال پوسٽ ڪيو.
    Universiti Teknologi Petronas - Info and Help
    . https://www.facebook.com/groups/352150308216137/

    Application Procedure
    Candidates are required to apply online at UTP website http://www.utp.edu.my/ click Application – Postgraduate


    ونڊ؛ زبير احمد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو