پاسورڊ

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ عبدالعزيز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2012۔

  1. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    اسلام عليڪم دوستو ۔ ڇا ڪو اهڙو طريقو آهي جنهن سان ڪمپوٽر جي هر فائل تي پاسورڊ هڻي سگهجي ، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ انٽرنيٽ هلائڻ وارن سافٽويئرز تي ۽ آ ڊي ايم تي،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا سائين، مون به ڪجهه ڪوشش ڪئي ته ڪجهه تالا وٺجن، ۽ ڪٿي ڪٿي تالا لڳايم ته چاٻيون گم ٿي ويون، مطلب پاسورڊ وسري ويا ۽ پو ۔۔۔۔ انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين ۔۔۔ خئير اوهان کي اهو ڪم شايد ذيشان رشيد ڪري ڏي، انڪري انکي پرسنل ميسيج ڪيو يا وري جي رشيد جلد هي ليک پڙهيو ته اوهانکي جواب ملندو ۽ ان سان گڏ اسانکي به رستو ملي ويندو ۔۔۔

    لک قرب۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سڀ کان سولو حل ته اهو آهي ته توهان پنهنجي پي سي تي پاڻ ايڊمنسٽريٽر اختيار رکو جڏهن ته باقين کي ڪلائيٽ يوزر کاتو ٺاهي ڏيو۔۔۔ ۽ ڪلائينٽ يوزرس لاءِ جيڪي چاهيو پرميشنس رکو۔۔۔
    ان کانسواءِ پنهنجي ضرورتن مطابق هر سافٽويئر کي پروٽيڪٽ ڪرڻ لاءِ گوگل تي ڳولا سان پڻ آساني سان سافٽويئر ملي ويندا ۔۔۔ ان باوجود جيڪڏهن توهان ڪنهن مخصوص سافٽويئر کي رڳو پاڻ تائين محدود رکڻ چاهيندا هجو ته سوال ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
    هتي توهان جي سوال جي آخري حصي جو به جواب ڏيندو هلان ته آئي ڊي ايم تي پاسورڊ لڳائي توهان ڪنهن مخصوص سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ کي روڪي سگهو ٿا۔۔۔ ان لاءِ آئي ڊي ايم کوليو ان جي آپشنس منجهان Sites Logins ٽيب چونڊيو۔۔۔ ۽ هيٺ موجود نيو بٽڻ تي ڪلڪ ڪري کلندڙ ڊائلاگ باڪس ۾ سائيٽ جو يو آر ايل شامل ڪريو۔۔۔ جهڙوڪ هيٺ تصوير منجهه ڏيکاريل آهي ته http://www.mysite.com تي پاسورڊ سيٽ ڪيو ويو آهي۔۔۔ ها ڪجهه سائيٽن جا وري سب ڊومين پڻ ٿيندا آهن جهڙوڪ http://members.mysite.com ان ڪري مڪمل سائيٽ تان ڊائونلوڊنگ کي روڪڻ لاءِ ولڊ ڪارڊ يوآر ايل لڳائي سگهو ٿا ۔۔۔ جنهن لاء سائيٽ يو آر ايل اڳيان اسٽار ڊاٽ لڳائڻ گهرجي ۔۔ جهڙوڪ۔۔۔ mysite.com۔* وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو۔۔۔


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو