• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرپشن يا بي ايماني

نثارابڙو

نائب منتظم
556970_10151312283543948_738875255_n.jpg



جن معاشرن ۽ قومن ۾ ڪرپشن، ڌانڌلي، بي ايماني، بد ديانتي, بد عمليءَ جهڙيون خرابيون اچي وڃن ته اها قوم هرگز به ترقي ڪري ناهي سگهندي، ان معاشري ۾ هر روز خرابيون پئدا ٿينديون آهن ۽ هر روز اهڙا ته دل ڏاريندڙ واقعا پيش ايندا آهن جو حيوانيت به شرمائي ويندي آهي .... اهڙن معاشرن ۾ شيطان ۽ ابليس جو راڄ هوندو آهي ...

سنڌ ڌرتيءَ تي جيڪڏهن چوڦير نظر گهمائي ڏسندا ته اوهانکي هر طرف ناانصافي جا ڍير انڌير نظر ايندا ... اهڙو انڌير جو ماڻهون پنهنجو پاڻ کي به سڃاڻي نه سگهي ...

ڇا اوهان سڀ سنڌي چاهيو ٿا ته اوهانجي ملڪ ۽ قوم جي اها حالت برقرار رهي ....؟؟؟ فيصلو اوهان تي آهي ... فيصلو به اوهانجو، عمل به اوهانجو ...

نه ته آسمان کان ڪي فرشتا ايندا ۽ نه ئي وري ڪو معجزو ٿيندو ... ڇاڪاڻ ته الله تعالا قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته؛ ” جيستائين ڪا قوم پنهنجي حالت پاڻ نٿي بدلائي تيستائين آءُ به ان قوم جي ڪا مدد نه ٿو ڪريان“

سوچيو ، غور و فڪر ڪري عمل ڪريو.
 
Back
Top