ڪاري جا قيام سئين هوت جنهن جو حامي.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪاري جا قيام سئين هوت جنهن جو حامي.
    اصل ۾ لطيف ظاهري عشق ڪرڻ واري روش جي خلاف هو. هو باوقار ۽ سليقي مند انسان هو. هن اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي ڪرڻ چاهي، جنهن سان سندس عشق ۽ محبت واري هستي سڀ جي توجهه جو مرڪز بڻجي. بلڪه هن پنهنجي پيار کي ايترو ته لوڪان لڪائي پاڪيزو بڻايو جو ان رشتي ۽ تعلق تائين ڪنهن جي رسائي ڪو نه ٿي سگهي. “اکين ۾ ٿي ويهه، توکي وارين ڍڪيان.”جيستائين سندس پرين سان پيار جي ثابتي جو واسطو آهي ته اها سندس ڪلام جي سٽ سٽ ۾ نظر اچي ٿي. ڪو به اهڙو سر ڪونهي جنهن ۾ سونهن، انتظار، بيچيني ۽ بيقراري جون وارداتون موجود نه هجن :
    ساهــڙ ڌاران، سهڻـي، آهـي ۾ آزار،
    ڏم پاسي ۾ ڏکندو، محبت وٽ سنگهار،
    تــــوڏي سنـــدي تـن جي، دوا ۾ ديـدار،
    جي پسي منهن ميهار، ته سگهيائي سگهي ٿئي.
    (سهڻي ابياتِ متفرقه _5)
    ڊاڪٽر گر بخشاڻي، شاهه جي مجازي عشق کي به مڃي ٿو ۽ شاهه جي حقيقي عشق جي ڳالهه به ڪري ٿو.(11) انهي ڳالهه کي سامهون رکندي لطيف جي ڦوهه جواني واري دور کي جيڪڏهن مجاز جي پس منظر ۾ نه ڏسبو ته حقيقتون لڪي وينديون. پيار ڪرڻ نه برو عمل آهي ۽ نه وري حسن جي پرکا ڪرڻ ڪا اهڙي الجهن آهي، جنهن ۾ جڪڙجي انسان پنهنجو ارڪو ترڪو وڃائي ويهي. عشق ته پاڻ اهڙو عمل آهي جنهن سان رتبي جي سڃاڻ ٿئي ٿي، سماجي گهٽ وڌايون دور ٿين ٿيون ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ راهون کلن ٿيون. ڇا اهو عشق جو ڪمال ناهي جو نوريءَ لاءِ ڄام تماچي ڄارو ڪلهي تي کڻي ٿو؟
    ڪـو جو ڪــامڻ مي، آهي اکڙين ۾،
    تـن تماچي ڄام جـو، ناڀون پايو ني،
    عشق ايئن ڪري، جيئن ڄارو ڄام ڪلهي ڪيو.
    عشق هڪ اهڙو مرغوب مشغلو آهي، جنهن جي لذت جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي ٿي. يعني جيتري جدائي اوتري شدت، جيترو تجربو يا ڪوشش اوتري اڃ ۽ پريشاني، حسن جي ڇهاءُ سان موت کان نفرت ٿئي ٿي ۽ زنده رهڻ جو احساس وڌي ٿو. مطلب ته حسن ذريعي ڪنهن نه ڪنهن اعتبار سان انساني حياتيءَ کي ماڻڻ ۽ اهم مقصد حاصل ڪرڻ جي ترغيب ملي ٿي. حسن جي ترغيب ۽ ڪشش ۽ عشق جو اڀار ٻئي انساني خواهشن تي مدار رکن ٿا، ڇو ته خواهش هڪ اهڙي نفسياتي سگهه آهي جنهن وسيلي فرد پنهنجين خوشين جو دائرو جيترو وسيع ۽ ويڪرو ڪندو اوترو اهو سماجي مسئلن کي نبيرڻ جي قابل بڻبو. ذاتي خواهش جي تڪميل جو دائرو جڏهن اجتماعي صورت اختيار ڪري ٿو، تڏهن هر پاسي خوبصورتي، خوشي ۽ خوشبوءِ جي ورکا ٿئي ٿي. اهڙي ذاتي خواهش جڏهن اجتماعي صورت اختيار ڪئي، تڏهن ڀٽائي اهڙي تصور کي سامهون رکندي چيو :
    برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو.
    انسان جو خواهشون جڏهن اجتماعي صورت اختيار ڪن ٿيون، تڏهن ڄام ڄارو ڪلهي تي کڻي ٿو ۽ آرياڻي بري ڀنڀور کي اجاري پاڪ ڪري ٿو. پوءِ اهڙو انسان سماج لاءِ روشن ضميريءَ جو مثال بڻجي پوي ٿو ۽ هن جي ذات پوري سماج توڙي پوري ڪائنات ۾ خوبصورتي ۽ سچائي جو سمبل بڻجي پوي ٿي.
    انساني ڪردار جي حوالي سان لطيف سائين جو ست سورميون ۽ ست سورما ته مشهور آهن ئي آهن، پر بروي جي بهادري ۽ رپ سان عشق جا آهيرا، راءِ ڏياچ جو سر ڏيڻ، ٻيجل جي فن جو ڪمال، ڏونگر راءِ، جادم جکري ۽ سپڙ سخيءَ جي سخاوت، انيراءِ جي ڪڌائپ، وڳنڌ جا فڪري چرچا، علاءُالدين جي ڪاهه، ابڙي جي بهادري ۽ سام جهلڻ جا واقعا ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا ڪردار آهن جن جي حيثيت هينئر علامتي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.
    انهن سڀني ڪردارن جي اهميت جو اندازو انهي پسمنظر ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته انهن هر موڙ تي عظيم تر ۽ بين الاقوامي مقصدن جي حاصلات لاءِ توڙي پستين کان بلندين تائين پهچڻ لاءِ مادي يا حياتياتي (Biological) خواهشن کي گهوري ڦٽو ڪري ڇڏيو. سر سهڻي ۾ لطيف سائين اهڙا مثال ڏنا آهن:
    گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مر چور ٿئي چوڙو
    گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حــجاب،
    گهڙو ڀڳو ته گهوريو، آسر م لاهـــيج،
    انساني زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙا چئلينج به اچن ٿا، جو هو مقابلي جي سگهه وڃائي ويهي ٿو. اهڙي ويلي عشق ئي آهي جيڪو منجهس قربانيءَ جي قوت يا مقابلي جي قوت پيدا ڪري ٿو. لطيف سائين سر سهڻي ۾ اهڙي ئي صورتحال سڻائيندي چوي ٿو:
    ڪنڌي اڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
    ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن
    ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.
    ڪائنات ۾ انساني قرباني، جاکوڙ ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ کلندي ميدان ۾ گهڙي پوڻ سان نه صرف بلندين تائين رسائي حاصل ٿئي ٿي پر اهڙي روش سان فرد، مادي توڙي روحاني ٻئي خواهشون به ماڻي سگهي ٿو. لطيف سائين ڪائنات جي انهي سوڀ ۽ مقصد تائين رسائي جو ذريعو عشق ۽ عورت کي سمجهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جي سماج جي عورت وڏين ويساه گهاتين جي ور چڙهندي به عشق ۽ ارادي جي مضبوطيءِ جي ڪري پاڻ بچائي سگهي آهي، لطيف سائين کيس وڏيڪ هوشيار ڪـندي چوي ٿو ؛
    ”ڪرڪو واڪو وس، ويهه م منڌ ڀنڀور ۾.“
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لطيف سائينءَ جي انهي ءَ مقصدي ڪردار عورت کي مستقل مزاجي ۽ عشق جو اهڃاڻ سمجهندي چوي ٿو، ماڻهن ليکي منڌ پر اهو ڪو نينهن جو نعرو آهي ۽ ان تي اعتبار ڪرڻو پوي ٿو (12).
    لطيف سائين هڪ سڄاڻ ڏاهو هو. هن کي پوري پروڙ هئي ته مادي مسئلا هجن يا روحاني راز هر هنڌ عورت ئي آهي جيڪا پنهنجي خوبصورتي ۽ عشق سان ڪنهن به سماجي تبديلي واري عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. انهي ءَ ڪري هن عورت جي روشن خيالي ۽ سجاڳيءَ کي نينهن جي نعري سان علامتائيو ( Symbolized) آهي.
    عجيب ڳالهه اها آهي ته هن ڌرتيءَ جي عورت اڄ کان تقربياً اڍائي سوسال اڳ به ظلم ۽ زيادتي جو شڪار ٿيندي رهي ۽ اڄ به سندس حقن جي پائمالي ٿيندي رهي ٿي. لطيف سائين سسئيءَ کي سورن جو سمبل به انهن سماجي روين جي بنياد تي بنايو آهي. هوءَ ڄمندي ئي سورن ۾ آئي. مرداني سماج (Male Oriented Society) ۾ نائون مل ( سسئي جو پيءُ) جي معاشري محض ان ڪري کيس قبول نه ڪيو جو هڪ مرد جوتشي هن جو سڱ ڪنهن غير مذهبي مرد سان ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي. محمد کٽي ( سسئي جو پاليندڙ پيءُ) کيس ان ڪري پنهل سان نه پئي پرڻايو جو اهو پنهنجي ڪڙم مان نه هو.پنهون پا ئڻ سان سندس ڏيرن جا ڏک ۽ ويساه گهاتيون شروع ٿي ويون. پنهل ڏانهن ويندي ڀنڀور جو ڪوبه مرد ساڻس ساٿي ڪونه بڻيو. اڪيلي عورت پهڻن جا پنڌ ڪندي هاڙي ڏونگر ۾ ايل پنهوار نالي ٻڪرار جي ڪڌي خواهش کان پاڻ بچائيندي، پهاڙي غار ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو. اها آهي لطيف جي سماج جي عورت جي ڪهاڻي جيڪا هر قدم تي ڏاڍ جو شڪار ٿيندي رهي پر عشق کيس سر خرو ڪري هميشه لاءِ زندهه بڻائي ڇڏيو. عورت جي عظمت حديث شريف ۾ به واضح آهي ته جنت ماءُ جي قدمن هيٺان آهي. هندو به عورت جي تقدس جي بحالي لاءِ ماتا ديوي جي پوڄا ڪندا آهن. انهي ءَ جي باوجود به هتان جي عورت سڱاوتي فيصلي ۾ چٽي طور جانورن جيان ڪاهي ڏجي ٿي. دشمني جي حالت ۾ يا ڪن ٻين حالتن هيٺ مٿس ڪارپ جو ڪارو ٽڪو لائي کيس ڪهاڙين ۽ بندوقن جو کاڄ بڻائجي ٿو. لطيف اهڙي نفسياتي ۽ سماجي برائي تي خاموش رهڻ بجاءِ عورت جي پٺڀرائي ڪئي آهي چوي ٿو ؛
    ڪاري جا قيام سئين هوت جنهن جو حامي.
    تنوير عباسي انهيءِ وائيءَ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته هتي ڪاري جو مطلب عام سنڌي سماج ۾ استعمال ٿيندڙ ڪارو ڪاريءَ وارو آهي ۽ شاهه لطيف ڪاري رنگ کي برائي جي اهڃاڻ ۾ ڪتب آندو آهي
    بهرحال اهو طئي آهي ته لطيف سائين عورت جي عظمت جو پاسدار آهي هن پنهنجي نظرئي جو بنياد عشق کي ڄاتو آهي ۽ سندس خيال مطابق هن جهان جو بنياد به عشق تي ٻڌل آهي ۽ اهائي سوچ انسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ اڪسائي ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو