ڀٽائيءَ جو علامتي شعور 1514 اٽيچمينٽ ڏسو 1514 اٽيچمينٽ ڏسو فرانس ۾ علامتي شاعري جي شروعات بودلئير کان ٿئي ٿي پر علامتن کي مطالعي ۽ علم جي حيثيت فرائڊ بخشي. بودلئير هن ڪائنا ت کي اهڃاڻن جو جهنگل سڏيو آهي، فرائڊ انسان جي دماغ ۾ علامتن جي جهنگل جي نشاندهي ڪئي. بودلئير جي ادبي روايت جو معنوي رنگ فرائڊ جي نفسياتي مامرن سان گهاٽو واسطو رکي ٿو،انهن ٻنهي جو دارومدار علامتن تي آهي. بودليئر جو مجموعو بدي جا گل انساني زندگي ۽ تجربن کي سمجهڻ جو ذريعو آهي، انساني زندگي ۾ سچي تبديلي اندر مان ئي پيدا ٿئي ٿي. ان ڪري هو حقير شيءِ کي به بي معنا نٿو سمجهي. ويهين صدي جي انسان جو وڏو مسئلو پنهنجي حقيقت کي تسليم ڪرڻ آهي، حياتياتي عنصر جو دارومدار شعور تي آهي ۽ انساني شعور جو هجڻ ڏک ۽ سور جي حاصلات جو سبب آهي پر انهن نفسياتي مامرن جي بنياد تي جيڪو انساني شرف حاصل ٿئي ٿو، ان کي صوفي عرفان سڏين ٿا. فرائڊ چويٿو علامت ئي دٻيل تصادم جو نشان آهي ۽ ان جي معنا کي تحليل ۽ تجزئي سان قابو ڪري سگهجي ٿو. مگر زونگ چواڻي آرڪي ٽائيپل علامتون لاشعورسان واسطو رکن ٿيون ۽ انهن جي معنا کي سمجهڻ ڏکيو آهي (2). فرائڊ لاشعور ۾ دٻيل زندگي جي هر حقيقت ۽ اصليت جو ظهور علامتن ۾ ڏٺو آهي ۽ انهن علامتن جي فهم لاءِ تجربي ۽ تجزئي جوقائل آهي. جڏهن ته زونگ انهن تائين رسائي کي ناممڪن سمجهي ٿو. پر حقيقت ۾ فرائڊ ۾ انساني زندگي جي حقيقت کي مڃڻ جي همت ۽ ڏک سور واري حياتي سان منهن مقابل ٿيڻ جي سگهه آهي.آرٽ ۾ شعور جي دخل بابت ايلٽ چوي ٿو “منجهس شعور کي گهٽ ۽ لاشعور توڙي تحت الشعور جو وڌيڪ دخل آهي ۽ آرٽ ان جي ابتڙ لاشعور وٽان ايندو آهي.(3) ان ڪري علامت نگارن جو چوڻ آهي ته امنگن، احساسن، جذبن ۽ تصورن کي اهڙي ريت بيان ڪجي جو انهن جي ڄاڻ ته حاصل ٿئي پر اهي چٽي ريت بيان ٿي نه سگهن. فرائڊ جي پوئلگ نقادن، اديبن جي ڇنڊ ڇاڻ به سندن تخليق جي لفاظي کي سامهون رکي ڪئي. فرائڊلاشعور جي پيروي ڪرڻ کي ترجيح ڏي ٿو. شادي ۽ پيشي جي لحاظ کان به هو تقدير سان مقابلي ڪرڻ کي مردانگي ڄاڻي ٿو. محمد حسن عسڪري لکي ٿو ته فرائڊ انسان کي مشين نٿو سمجهي ۽ هن جي قوت ارادي کان به انڪاري آهي. البتا کيس اهو گواراناهي ته انسان زندگي جي ڏک ۽ درد کان اکيون ٻوٽي، خوشين جا اهڙا خواب ڏسي جييڪي ڪڏهن به پورا نه ٿين. (4) مگر جن نقادن زونگ جي نظرئي کي سامهون رکي اديبن جي ڪاوش کي پرکيو، تن ادب جي اندروني عنصرن جي نشاندهي ڪري ثابت ڪيو ته اديب جو رشتو انسان جي اجتماعي لاشعور سان آهي،انهن فرد جي بجاءِ اجتماعي طور انساني قدرن جو جائزو ورتو، اهڙي ريت جيڪو ادب اسري ٿو، اهو هنگامي واقعي جو نتيجو ڪونه هوندو آهي بلڪ اهو اجتماعي لاشعور سان ڳنڍيل هوندو آهي.ان ڪري علامتن جون معنائون لغت جي ڪتابن بجاءِ شاعرن ۽ اديبن جي لاشعور ۾ هونديون آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي علامتي شاعري اهڙي آفاقي قدرن جي حامل آهي جنهن ۾ قدرت جي حادثاتي تصور کان هٽي، خير ۽ محبت جي تصور کي سامهون رکيو ويو آهي. معلوم ٿيو ته علامت نگاري جو تعلق حياتياتي اظهار کان وڌيڪ نفسياتي ۽ روحاني نوعيت جو هوندو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته حياتياتي پهلو کان وڌيڪ جيڪو نفسياتي پهلو علامت جي واضح اظهار لاءِ ضروري آهي، ان کي ڪيئن سمجهجي. جئين ته ”دونهون”نشاني آهي ’باهه‘ جي. هي آهي شيءِ جو حياتياتي عنصر پر اهو غلط به ٿي سگهي ٿو پر علامت ۾ اهڙي قسم جي غلطي جو ڪو سبب ڪونهي، ڇو ته جڏهن ڪو شاعر يااديب ڪنهن علامت کي استعمال ڪندو آهي ته انهن مان ڪو مخصوص مفهوم، حقيقت يا نفسياتي ڪيفيت مراد هوندي آهي ۽ هو حياتي يا طبعي پهلو سان بحث نه ڪندو آهي.مثال طور شاهه لطيف سر سسئي ۾ لفظ ’ ڏير ‘ استعمال ڪري، علامت جي حياتياتي مفهوم مطابق يعني مڙس جي ڀائرن ڏانهن اشارو ڪيو آهي. پر لطيف جو ڪنهن جي مڙس جي ڀائرن سان ڪو ڪم ڪونهي. شاهه صاحب پنهنجي قاريءَ جي ذهن ۾ جنهن حقيقت کي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اها آهي (ناروا دشمني) يا اهڙي دشمني جنهن جو حقيقي بنياد ڪونهي۽ اهڙي روشن حقيقت ٻين جي نگاهن ۾ قابل مذمت شيءِ آهي،انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو. ’’ شاعري واري اهڃاڻ جي باري ۾ وڏي ۾ وڏي ڳالهه آهي، اهڃاڻ جي مڃيل حيثيت مقرر ڪرڻ جي. ان لاءِ ڪجهه مثال ڏنا اٿس، مثال طور شاهه لطيف سائين وٽ ( ا ٺ)ويري جو اهڃاڻ آهي آءُ نه گڏيس پرين کي، تون ٿو لهين سج.(5) گهڙو ظاهري وسيلن جو اهڃاڻ آهي ۽ اهڙي ريت شاه جو سڄو شعر انهن اهڃاڻن تي ٻڌل آهي. حقيقت ۾ اهي سڀ حياتياتي پهلو آهن. پر جئين ته مان مٿي عرض ڪيو آهي ته شاعر انهن جي حياتياتي پهلو سان بحث نه ڪندو آهي، بلڪ اهو مٿ، روايتن ۽ اعتقادن جي اوٽ ۾ هڪ آفاقي حقيقت جو اظهار ڪندو آهي. سج، گهڙو ۽ اٺ ظاهري وسيلا آهن پر لطيف سائين جو ان ظاهري وسيلن کان گهڻو مٿي ۽ هڪ جداگانه حقيقت ڏانهن اشارو آهي. ٻوهيو صاحب به ساڳئي مقصد لاءِ اڳتي هلي چوي ٿو ته”هن معنيٰ جو تعلق انهي مٿ سان آهي جنهن کي تاريخ ۽ داستان جي سماجي حيثيت اڳم ئي مليل آهي (6) ساڳئي ريت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو : ”هڪ سالڪ سدائين خدا جي رحمت“ جو طالب هوندو آهي. لطيف پڻ پاڻ کي مختلف سالڪي ويسن ۾ ظاهر ڪيو آهي. صوفي لفظ ته اسان وٽ مروج آهي پر ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي نالا ان مقصد لاءِ ورتا ويا آهن جيئن يوگي وغيره. لطيف سر رام ڪلي ۾ سچ جو متلاشي هڪ يوگي ٻڌايو آهي ۽ ساڳئي طرح مارئي جو رشتو وري کيت سان ڏيکاريو آهي (7) جيئن آءٌ مٿي چئي آيس ته لطيف سائين جو ڪنهن به حياتياتي پهلو سان واسطو ڪونهي، پر هو هڪ يوگي جي علامت استعمال ڪري پنهنجو مقصد بيان ڪري ٿو. انهي بحث کي اڳتي وڌائيندي علامت نگاري جي هڪ ٻئي انتهائي مخصوص پهلو کي ڏسنداسون ته معلوم ٿيندو انسان جتي مادي شين جو احساس رکيٿو، اتي روحاني (سچائي) پهلو کيس پستين کان بلندين تائين وٺي ويندو ۽ ڪڏ هن ڪڏهن ان حاصلات لاءِ حياتيا تي پهلو جي قرباني (ڀيٽا) ڏيڻي پوي ٿي. انساني عظمت جو راز به انهي ءَ ۾ آهي ته عظيم تر يا بين الاقوامي مقصد لاءِ هر ڪنهن قسم جي محدود ۽ مادي خوشي کي گهوري ڦٽو ڪجي.لطيف سائين ان پهلو کي سر سهڻي ۾ واضح نموني پيش ڪيو آهي. (1) گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مرچور ٿئي چوڙو (سهڻي ؛ ـ 1 ـ ـ 17) (2) گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب. (سهڻي ؛ ـ 1ـ ـ 19) (3) گهڙو ڀڳو ته گهوريو، تان ڪي ترهنيان، (سهڻي ؛ ـ 1 ـ ـ 20) (4) گهڙو ڀڳو ته گهوريو، اسرم لاهيج، ( سهڻي ؛ ـ 1 ـ ـ 21) (5) گهڙو ڀڳو منڌ مئي، وسيلا ويا (سهڻي ؛ـ 1 ـ ـ 22) مٿين بيتن مان اهو نڪتو به ظاهر ٿئي ٿو ته علامت نگاري جو هڪ دلچسپ پهلو هي به آهي ته زندگي انسان جي آڏو ڪي اهڙا چئلينج پيش ڪري ٿي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ انسان کي ڪڏهن ڪاميابي ڪڏهن ناڪامي ڏسڻي پوي ٿي، اهڙي موقعي تي هڪ حساس شاعر تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي قاري ۾ طاقت، جذ بي ۽ قوت جو روح ڦوڪي، جيئن انسان زندگيءَ جي حادثن کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿئي. ڀٽائي صاحب اهڙي ابدي، بامراد ۽ قوي علامتن کي سامهون رکي شاعري ڪئي، ڇو ته جڏهن شاعر جي نظر ۾ بلند ترين مقاصد آهن ته پوءِ هو پنهنجي لفظن کي قوت شناسي خلوص ۽ جذبي سان نه فقط معنيٰ خيز بڻائي ٿو. پر اهي لفظ خود هڪ مستقل ۽ ٺوس علامتون بڻجيو پون ٿا. جيڪي هونءَ عام رواجي طور تي ڪا حيثيت نه رکندا آهن. سر سهڻي ۾ شاهه سائين انسان کي اهڙي چئلينج جي مقابلي ۾ همٿائيندي چوي ٿو. ڪنڌي اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن، ڪنين سانگو ساه جو ڪي گهوريس ڪيو گهڙن. ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي. سر ڪيڏارو ۾ انسان جي ساڳي عمل کي اڀاريندي لطيف چوي ٿو ؛ ڪــربلاجي پـــڙ ۾ خيمـــا کوڙيائـــــــون، جهيڙو يزيد سامهون، جنبــي جوڙيائون، منهـــــن نه موڙيائون، پسي تاءُ ترار جــو، علامتن جو مقصد اهو به آهي ته قاري ءَ کي ابهام کان بچائي، سڌو سنئون مقصد تي پهچائي . ڀٽ ڌڻي پنهنجي قاريءَ کي ڪنهن خاص مقصد ڏانهن رجوع ٿيڻ جي دعوت ڏي ٿو ۽ نڪي سندس مقصد کيس ڪنهن الجهن يا مشڪل ۾ ڦاسائڻ آهي، هونءَ به نفسياتي توڙي طبعي مسئلن جو حل علامتي اظهار جي ذريعن ۾ لڪل آهي رولف لنٽن چوي ٿو ته علامتن جي مدد سان هڪ ماڻهو لاءِ اهو آسان ٿي پيو آهي ته مسئلا حل ڪري ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچي ڀٽائي انهيءَ ڪريئي علامتن سان دوستي رکي ۽ پنهنجي شاعري ۾ علامتي عمل کي ضرروي سمجهيو ’’’’’’’’’’’’’’.’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’