• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي ڌيءُ ۔۔۔۔۔

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
ڇا ھوءَ ڪا ياد ھئي،
ڪو خواب ھئي
ڪو خيال ھئي
جو مٽجي وڃي،
جو وسري سگھي!
ھوءَ ڪو سڪل پن ھئي
جو ڇڻي وڃي
ڪا ندي ھئي
اکين مان وھي وڃي
ھوءَ ڪا رات ھئي
ڪو پھرھئي
جو گذري وڃي يا
ٽري وڃي
ھوءَ تـ آڪاش آ
چنڊ آ
جيڪو اٽل آھي
کڙيل آھي
ازل آھي
ابد آھي
ھوءَ روح آ
ويساھ آ
يقين آ
ھوءَ منھنجِي مڪمل
تخليق آ
ھوءَ منھنجي ڌيءٌ آ
منھنجو آڌار آ
منھنجي پڪـ آ
منھنجو سچ آ
ھوءَ منھنجي ڌيءٌ آ..............
 
مهربان
ڇا ھوءَ ڪا ياد ھئي،
ڪو خواب ھئي
ڪو خيال ھئي
جو مٽجي وڃي،
جو وسري سگھي!
ھوءَ ڪو سڪل پن ھئي
جو ڇڻي وڃي
ڪا ندي ھئي
اکين مان وھي وڃي
ھوءَ ڪا رات ھئي
ڪو پھرھئي
جو گذري وڃي يا
ٽري وڃي
ھوءَ تـ آڪاش آ
چنڊ آ
جيڪو اٽل آھي
کڙيل آھي
ازل آھي
ابد آھي
ھوءَ روح آ
ويساھ آ
يقين آ
ھوءَ منھنجِي مڪمل
تخليق آ
ھوءَ منھنجي ڌيءٌ آ
منھنجو آڌار آ
منھنجي پڪـ آ
منھنجو سچ آ
ھوءَ منھنجي ڌيءٌ آ..............
ي زيشان
 
Back
Top