سلام دوستو:مان پنهنجي سنڌ جي ثقافت کي ڪئي سالن کان ڳولهيان پئي۔ڇا توهان اُن جي ڳولها ۾ مُنهنجي مدد ڪندو؟ ڇا اسان جي ثقافت اِها آهي تـ سنڌي ٽوپي اجرڪ جهڙن ڏهاڙن تي سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي پنهنجين گاڏين تي اجرڪ سجائي تِنهن کان پوءِ هِڪ هٿ ۾ هٿيار ۽ ٻئي هٿ ۾ شراب جي بوتل کڻي سمورا روڊ رستا منجهائي ڇڏيون؟ يا وري ڪِنهن هِڪ مخصوص چونڊيل جاءِ تي سمورا سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي ڳيچ ڳايون،جهمريون پايون سمورا ويڇا وساري هِڪ ٻئي کي معافين جي ڀاڪرن ۾ ڀريون،ڇا اسان جو هر عمل اسان جي اندر جو عڪس ناهي؟ڇا اسان جا رويا اسان جو آئينو ناهن؟ پوءِ آخر ڇو؟سنڌ جي ثقافت فقط نالي ۾ وڃي رهي آهي؟۽ جي اگر ڪو هِڪ مخصوص ڏينهن ثقافت جي نانءُ ڪيو وڃي ٿو تـ پوءِ اُن ۾ هٿيارن جو ڪهڙو ڪم؟ڇا اسان اُهي سنڌي ناهيون جيڪي محبت ۽ قرب ،کان سواءِ ڪجهـ نـ ڄاڻيندا هئا؟سموري دنيا پنهنجي پنهنجي ثقافت کي مٿانهون ڪندي آهي ،نمايا ۽ ظاهر ڪندي آهي پر تمام خوبصورت نموني سان۔۔۔۔۔۔ ۽ اسان سنڌي ڇا ٿا ڪيون؟؟؟؟
يا وري ڪِنهن هِڪ مخصوص چونڊيل جاءِ تي سمورا سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي ڳيچ ڳايون،جهمريون پايون سمورا ويڇا وساري هِڪ ٻئي کي معافين جي ڀاڪرن ۾ ڀريون،ڇا اسان جو هر عمل اسان جي اندر جو عڪس ناهي؟ پياري سهڻي پارس! توهان جيڪي اسان جي قوم کي سنڌي ٽوپي اجرڪ واري ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان آئينو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ،اهو حقيقت تي مبني آهي۔ اسان ان ڏينهن کي ان اهميت ۽ ڀائيچاري جي جذبي سان نه ٿا ملهايون جنهن جو ذڪر توهان پنهنجي ليک ۾ ڪيو آهي ۔ شل اسان ان ڏينهن کي ناچ ۽ ٻين فضول شين ۾ ضايع ڪرڻ جي بجاء ڪنهن نيڪ مقصد لاء وقف ڪري ملهايون۔ اسان پنهنجي ماروڙن جي زندگي جي باري ۾ ڊيمو ڪري اهو ڏينهن ملهائي سگهون ٿا، شاه عبدالطيف سائين جي شاعري ۾ ٻڌايل ڪردارن ۽ سرن تي ٽبيلو پيش ڪري ملهائي سگهون ٿا۔ ان ڏينهن تي مسجدن ۾ الله پاڪ جي سامهون نوڙي سنڌ، ان جي ثقافت ۽ عوام جي ترقي لاء دعا گهري ملهائي سگهون ٿا۔روڊن تي نچڻ ڪنهن قوم جي ثقافت ٿئي سگهي ٿي ڇا؟ ان جوجواب ضرور ڏيندا۔
صنم مان بـ ڪجهـ اِن طرح جوئي پيغام ڏيڻ ٿي چاهيو۔۔۔۔جيڪو توهان واضع ڪيو۔۔۔ڪاش!اسان جي سنڌي عواماِهو سمجهي۔۔۔