سائين عبدالحفيظ پيارا وڊيو ته مان نه ڏسي سگهيو آهيان ليڪن ڪنهن به وڊيو جو بيڪ گرائونڊ تبديل ڪرڻ لاء توهان يوليڊ وڊيو ايڊيٽنگ سافٽويئر استعمال ڪري سگهو ٿا ٻيا به ڪيترائي وڊيو ايڊيٽنگ جا سافٽويئر آهن ليڪن اهو عام ڪمرشل استعمال ۾ هوندو آهي۔
سائين مون ته لنڪ درست موڪلي هئي پر سنڌ سلامت جي انتظاميا اها ڊلييٽ ڪري ڇڏي آهي ، خير ان ۾ منهنجي ئي غلطي هئي ، ۽ سنڌ سلامت جي انتظاميا کان معافي ٿو گهران
منهنجا دوست عبدالعزيز، اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي۔۔۔ سنڌ سلامت تي ايندڙ ڪنهن به موضوع يا تحرير کي ختم نه ڪيو ويندو آهي۔۔۔ جيئن ته توهان ۽ ڪجهه ٻين دوستن يوٽيوب به هڪ جهڙا موضوع موڪليا ان ڪري انهن موضوعن کي گڏ ڪري هڪ ئي موضوع جي شڪل ڏني وئي آهي۔۔۔ مٿي لنڪس درست ڪيا ويا آهن توهان پنهنجي تحرير ان موضوع ۾ ئي ڏسي سگهو ٿا۔۔۔ اميد ته عبدالحفيظ لغاري سائين رحيم بخش جن جي مشوري تي عمل ڪري پنهنجو مسئلو حل ڪري وٺندا۔۔۔