سهڻي پارس
سينيئر رڪن
دل لڳائي ٿو،پڇتائي ٿو
ڇا ھوُ بـ مون کي چاھي ٿو
خواب کِلي ٿو مون تي ڇو؟
۽ جام ڇُلي ٿو مون تي ڇو؟
ھر محفل ۾آ ھڪ تنھائي
مون تنھنجي دل آ ريجھائي
ھر گيت کڻي ٿو ھٿ پنھنجا
۽ سارا رستا پوءَ ٿيا سھنجا
ھر اک لکي ٿي خاموشي،
مان جنھن ۾ ڀانيان ٿي مُڪتي
مان لايان ٿي دل تو تي ڇو؟
مان ڀانيان ٿي دل تو کي ڇو؟
تون آھين منھنجي ماٺ مٺا!
مان تون ۾ ڊوڙ لڳايان ڇو؟
ھڪ رات اچي ٿي جھانجھر جيان
دل پوءَ نچي ٿي جوش منجھان
سنسار سڄي جي ھِن سڃُ ۾
مان پاڻ۾ پاڻ کي ڳوليان ڇو؟