پراڻي زماني ۾ اسانجون امڙيون، پنهنجن نون ڄاول ٻارڙن کي دُڪو کارائينديون هيون .... پڪ سان مون به کاڌو هوندو، ڇاڪاڻ ته اسانجي گهر ۾ منهنجي ڄمڻ وقت 6 مينهون هيون، جن مان لڳ ڀڳ 4 ته کير ڏيندڙ هيون ۽ منهنجي ڏاڏي صبح جو ويهي وڏي چاڏيءَ م مهي ولوڙيندي هئي ۽ پوءِ ويهي مکڻ ۽ ڏڌ مائٽن مٽن، پاڙي اوڙي ۾ ورهائيندي هئي ... پراڻي زماني ۾ مکڻ لسي کپايو ڪون ويندو هو، پر انهن پاڙي وارن کي يا مٽن مائٽن کي ڏنو ويندو هو جن وٽ ڪا سئا مينهن نه هوندي هئي ... خاص ڪري ڏڌ ته اصل به نه کپائبو هو ... ماڻهن کان بچي وڃڻ جي صورت ۾ گهر جي پالتو جانورن کي پياريو ويندو هو، ها ڪجهه ضرورتمند، مکڻ شهرن ۾ چاڏي مٿي تي رکي وڪڻڻ ويندا هيا ۽ مکڻ ايترو سستو هوندو هو جو غريب غربا به پنهنجن نون ڄاول ٻارن کي تازو دڪو کارائينديون هيون ۽ وڌيڪ وٺي رجائي گهه ٺاهينديون هيون. ڊالڊا گهه ڀٽي صاحب جي زماني ۾ شروع ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سچو گهه ۽ مکڻ غائب ٿي ويو ... ڀٽي صاحب جي زماني ۾ هڪ ٻيو گند ملڪ ۾ آندو ويو اهو آهي سڪو کير .... جيڪو پهريان اسڪولن ۾ مفت ۾ پياريو ويندو هو ۽ بعد ۾ کپڻ لڳو ۽ اڄ اهو سڪو کير اصل کير کان به مهانگو آهي ۽ اصل کير اڻلڀ ... هاءِ ڙي زمانه !!!