ڀلي ڪري آيا ٿر

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رياض علي منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2009۔

  1. رياض علي منڱريو

    رياض علي منڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 نومبر 2009
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ٿر جو سير

    جي آيا جي آيا ٿر ۾
    ٿر، مارئيءَ جو ديس
    روپلي سورهيه جو مسڪن
    راڻي مينڌري جو پيار
    ڀوڏيسر جي حياتي
    سنرگه جي سونهن
    ڪارونجهر جي اورچائي
    اسلام ڪوٽ جو ڪوئلو
    عمر ڪوٽ جو قلعو
    ۽ نئون ڪوٽ
    دپلو جو لوڻ
    ويرا واه جو سنگمر مر
    ڇاڇري جا ڪپڙا
    حليم باغيءَ جي شاعري
    آريسر ۽ ڄام ساقيءَ جي قومپرستي
    مورن جا رنگ
    هرڻن جا ڇال
    بازن ۽ تلورن جي اڏار
    همرچي جو ناچ
    الغوزي جي ڌن
    مائي ڀاڳيءَ جو آواز
    مونکي پيار آهي ٿر سان
    ٿر جي رڻ پٽ سان
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا رياض علي ڀاءُ اوهان جي تحرير تمام وڻندڙ آهي۔۔۔ پر ادا جيڪڏهن اوهان انهي کي سنڌي سولي لکي ڪري موڪليو هان ته ان کان وڌيڪ مزو ڪري ها۔۔۔۔۔۔۔

    مهرباني
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا بلڪل۔۔۔ پر اسان سمجهيو ته توهان اسان کي ٿر جي سهڻي منظرن جا ديدار ڪرائيندو
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! ادي رياض ته اصل قرب ڪري ڇڏيا آهن ... اصل ٿر جي اهڙي ته منظرنگاريءَ سان نوازيو اٿس جو وڃي ٿيا خئير ... اهو سڄو ليک ادي رياض جو آهي يا ڪنهن ٻي دوست جو اها ڳالهه ته ادو رياض ئي واضح ڪندو پر مون منظرنگاريءَ کي سولي ۽ سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ... ادي رياض کي عرض آهي ته انمان چڪون ڪڍي صاف ڪري ته جيئن جيڪي دوست انگريزي نه پڙهي سگهن سي به لطف اندوز ٿي سگهن ...

    ٻي ڳالهه جيڪا دوستن کي مون اڳ ۾ به عرض ڪئي هئي ته هن فورم کي سادو سنڌي رکجي پر جي ڪنهن ليک ۾ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو حوالو اچي به وڃي ته ڪو نقصان ناهي پر جي سڄا ليک اسين ٻين ٻولين ۾ لکي هت شامل ڪنداسون ته فورم سادي سنڌيءَ واري هام هڻي نه سگهندو ...

    وڌيڪ دوست پاڻ قومي زبان سان پيار ڪندڙ آهن، اميد ته منهنجي ڳالهه کي دل ۾ نه ويهاريندا ...

    ٿر جو سير

    جي آيا جي آيا ٿر ۾
    ٿر، مارئيءَ جو ديس
    روپلي سورهيه جو مسڪن
    راڻي مينڌري جو پيار
    ڀوڏيسر جي حياتي
    سنرگه جي سونهن
    ڪارونجهر جي اورچائي
    اسلام ڪوٽ جو ڪوئلو
    عمر ڪوٽ جو قلعو
    ۽ نئون ڪوٽ
    دپلو جو لوڻ
    ويرا واه جو سنگمر مر
    ڇاڇري جا ڪپڙا
    حليم باغيءَ جي شاعري
    آريسر ۽ ڄام ساقيءَ جي قومپرستي
    مورن جا رنگ
    هرڻن جا ڇال
    بازن ۽ تلورن جي اڏار
    همرچي جو ناچ
    الغوزي جي ڌن
    مائي ڀاڳيءَ جو آواز
    مونکي پيار آهي ٿر سان
    ٿر جي رڻ پٽ سان
     
  5. رياض علي منڱريو

    رياض علي منڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 نومبر 2009
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جي ادا نثارابڙو توهان جي مهرباني توهان جي ڳاله تي عمل ڪيو ويندو...
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا رياض ٿر جي باري ۾ اهڙي ناياب غزل شيئر ڪرڻ جي مهرباني ۽ مٿان وري سائين نثار ابڙي جي لفظن جا گل، جنهن انهي تحرير کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو