رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سندان تنهنجي يادن ۾ ترندا رهياسن
ڪري ساه ۾ توکي ڦرندا رهياسين
ڪڏهن ڇوليون ڇلندي غوطا به آيا
اوهان جي ئي قربن ۾ ڪڏندا رهياسين
ڪڏنهن بادلن جون بوندون ڪي بڻجي
ڪڪر ڪارونڀاري ٿي وسندا رهياسين
ڪڏنهن روشنيَٕ جي ڪرڻن ۾ لڪندي
ترورا ٿي مک تنهنجو چمندا رهياسين
ڪڏنهن چنڊ تارن ڀري رات ۾ ڀي
اوهان جي اوجاڳن ۾ ايندا رهياسين
پري ڪين ٿياسين اوهان کان ڪڏهن ڀي
ائين نينهن نازڪ ٿي نچندا رهياسين
اڃان ڀي اسان جو سفر آ سلوڻو
ڏئي جان توکي جيئندا رهياسين
گلابن جو خوشبو اوهان ساٿ جي هو
مثل ماکي محبت ۾ ملندا رهياسين
او آزادي تنهنجا سدان خيال دل ۾
اجهو تو ن ته آئين چوندا رهياسين
سندان تنهنجي يادن ۾ تَرندا رهياسن
ڪري ساه ۾ توکي ڦرندا رهياسين
ڪري ساه ۾ توکي ڦرندا رهياسين
ڪڏهن ڇوليون ڇلندي غوطا به آيا
اوهان جي ئي قربن ۾ ڪڏندا رهياسين
ڪڏنهن بادلن جون بوندون ڪي بڻجي
ڪڪر ڪارونڀاري ٿي وسندا رهياسين
ڪڏنهن روشنيَٕ جي ڪرڻن ۾ لڪندي
ترورا ٿي مک تنهنجو چمندا رهياسين
ڪڏنهن چنڊ تارن ڀري رات ۾ ڀي
اوهان جي اوجاڳن ۾ ايندا رهياسين
پري ڪين ٿياسين اوهان کان ڪڏهن ڀي
ائين نينهن نازڪ ٿي نچندا رهياسين
اڃان ڀي اسان جو سفر آ سلوڻو
ڏئي جان توکي جيئندا رهياسين
گلابن جو خوشبو اوهان ساٿ جي هو
مثل ماکي محبت ۾ ملندا رهياسين
او آزادي تنهنجا سدان خيال دل ۾
اجهو تو ن ته آئين چوندا رهياسين
سندان تنهنجي يادن ۾ تَرندا رهياسن
ڪري ساه ۾ توکي ڦرندا رهياسين