ناز چريا تون ڇا ٿو چاهين

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ وسندڙ سنڌي دوستو جيئي سنڌ
    اڄ ناز چريو، پنهنجي پاڻ سان مخاطب آهي، استاد بخاري جو گيت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان ڇو به رُنو آهيان ۔۔۔۔۔۔۔ پر يار رُنو آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏسون ڪير ٿو پرچائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏسون ڪير ٿو پرچائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پڙهندي پڙهندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ناز چريا تون ڇاٿو چاهين لکي ويٺو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مخاطب ناز چريو پنهنجو پاڻ سان آهي۔۔۔۔۔۔۔ پر جيڪڏهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ناز ويچاري کي توهان ڳراٽي پائي ڳل لائي سندس حال ڀائي ٿيندا ۽ تسلي ڏيندا ته ناز چريو ضرور ۽ ضرور دعائون ڏيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي شاعريءَ مان توهان ناز چرئي جي دل جي حاليت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن تسلي ۽ دلاسو نه به مليو تڏهن به خير آهي۔

    [​IMG]
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم ناز صاحب!

    تن ڀي توکي ڪين سُڃاتو
    ڪنهن لئه ايڏو سينو ساهين
    ”ناز“ چريا تون ڇاٿو چاهين۔۔۔

    آخري سٽون تمام گهڻيون لڳيون۔۔۔ اوهان به ڪافي عرصي کانپوٌءِ اسان سان پنهنجي شاعري ونڊ ڪئي آهي۔۔۔

    تمام پياري شاعري، مهرباني محترم سائين۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا مخدومي زاهد سومرا، شال جُڙيا هُجو۔ توهان کي مُنهنجي هن ڪافي جو آخري بند
    پيچ پرين تو جن سان پاتو
    تن ڀي توکي ڪين سُڃاتو
    ڪنهن لئه ايڏو سينو ساهين
    ناز چريا تون ڇا ٿو چاهين؟​

    سُٺو لڳو، مهرباني زاهد۔ ادا دنيا جو هر ڪو شاعر پنهنجي اندر جا جذبات شايد ائين ئي اوتيندو آهي، بس ڪافي ڏينهن کان پوءِ ابتا سُبتا اکر هن ڪافي جي صورت ۾ جُڙي پيا۔ اڄڪلهه ڏات جي ديوي مُنهنجي بي جا مصروفيتن جي ڪري مونکان ڪاوڙيل آهي۔ پر ڪڏهن ڪڏهن ڏات جي ديوي کي منٿون ميڙون ڪندا آهيون، پوءِ هُوءَ ڪنهن رُسڻي محبوبه وانگر ٿوري دير لاءِ دل جي اڱڻ تي اُتري به پوندي آهي۔ گهڙي کن قرب ڪري به وٺندي آهي۔ پوءِ اهو ئي هڪڙو سوال ته ”ناز چريا تون ڇاٿو چاهين؟ ڪري ڪنهن ڏورانهين ديس ڏي ڪنهن پکي وانگر اُڏامي ويندي آهي۔ ادا زاهد هڪ دفعو ٻيهر توهانجي مهرباني جو توهان هن شاعري تي پنهنجا پيار ڀريا ويچار ونڊيا
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين نثار ناز (چريا سائين)
    ڪافيءَ جا ٻول ۽ تڪبندي انتهائي وڻندڙ ۽ من موهيندڙ آهي، پر يار! چوندا آهن نه ته ”چريا ٿياسون پر پنهنجا پرکياسون“ ، ادا سائين پيار ڪرڻ ۽ حاصل ڪرڻ ته ڪنهن ڀاڳوند جو ڪم آهي، جڏهن ته سئو مان 99 فيصد عاشق پنهنجي پيار کي نه پائڻ ڪري، اوهانجي ڪافيءَ جيئان جهوگاريندا وتن...

    اندر لڳي ٿو تنهنجو اڌ آ
    سڏڪڻ تنهنجو ويران وڌ آ
    بن بادل پيو مينهن وسائين
    ناز چريا تون ڇاٿو چاهين ...

    ڳليون ڳليون خوب گهمين پيو
    پاڳل بنجي يار رلين پيو
    شايد پيار جو ماريل آهين
    ناز چريا تون ڇاٿو چاهين ...

    اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن، رب العالمين اوهانجو پيار اوهانکي نصيب ڪري ۽ ڪي مينگهه ملهار جا گيت اوهانجي قلم ۽ ڏات کان نڪرڻ شروع ٿين ...

    اوهانجو دوست
    نثار ابڙو
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اهڙا لفظ ڪٿان ٿو آڻين،
    او اسان جي سر جا سائين۔۔
    ناز سائين تون ڇا ٿو چاهين۔
    سائين اسان جي سمجهڻ کان توهان زور آهيو
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دل نه لاهه سائين هن مطلبي دنيا مان ڪنهن کي ڪجهه نه مليو آهي۔۔۔ جيڪي ٻاهر کلندي کلندي نظر پيا اچن نه۔۔۔۔ جي انهن کي به توهان وانگر لفظ لکڻ جو فن هجي ته توهان اردو جي هن شعر وانگر چوندا وتندو۔۔۔۔
    اورن ڪا غم ديکها تو مين اپنا غم بهول گيا
    دنيا مين کتنا دم هي ميرا غم کتنا ڪم هي

    بس سائين ۔۔۔ خوش رکو ۽ خوش رهو جي پاليسي رکو ته يقينن الله چڱي ڪندو ۔۔۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    دنیا میں دس ڪا دم ہے۔
    ٻيو وري مٿي پوائنٽ آئوٽ ڪيل اهو لفظ اٿو غم۔۔۔ دنيا ميں کتنا غم ہے میرا غم کتنا کم ہے
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تصحيح ڪرڻ جي مهرباني ادا
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    واه چريا سائين واه

    لاجواب شيئرنگ آهي توهان جي
    ڪافي ٽائيم کان پو۽ توهان جي شاعري پڙهي آهي لاجواب سائين خدا پاڪ توهان کي شاد ۽ آباد رکي
    سدائين گڏ
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙا: شال جُڙيا هُجو: لطيف سائين جن فرمائن ٿا ته
    سُورن سانڍيياس، پُورن پالِي آهيان
    سُکن جي سيد چئي پُکي نه پِيياس،
    جيڪس آئون هُياس، گُري گوندر وَلِ جي۔۔۔۔۔۔۔۔۔​


    رُئڻ ۽ راڙو، مُون نِماڻي جي نِجهري،
    ڪٺل کي قلب ۾ قُرب جو ڪاڙهو،
    هوتن لئه هاڙهو، رجائيندس رت سين۔۔۔۔۔۔​


    ڪاڪ ڪڙهي ، وڻ ويا جلي مُنهنجي جان،
    رکي ڪام ڪڻڪيو، ماريس تنهن گُمان،
    هڏ نه جئان هاڻِ! سگهو موٽج سپرين۔۔۔۔۔​


    يار نثار شل جيئين بچين ڳالهه ئي نه پُڇ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اصل
    تڙپڻ ۾ رڳو يارو سُڏڪن ۾ هتي آهيون
    محبوب ڌڪاريو آ، ڳولهيو ته ڪٿي آهيون
    اي مُرڪ جهروڪا ڇو ٽوڙين ٿو اسان ٻن کي
    هڪ ڏُکڙو ۽ هڪڙو مان جنمن کان ڪٺي آهيون​


    خير مڪي پاڪ وارا دعائون ڪندين ته سڀ سڻايون ٿي پونديون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا ڄامشورائي شال جُڙيا هُجو۔هڪ مُنهنجو پراڻو شعر آهي ته

    ڪهڙيون خبرون چارون آهن
    لُڙڪن جون وسڪارون آهن
    ابتن سُبتن لفظن جون چند
    مُنهنجا شعر قطارون آهن۔​


    الا! ڄامشورائي تُنهنجي سمجهڻ کان به زور ٿي ويس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين بروبر ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچن پيا شعر۔۔ HaqMojood
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بس ڙي رشيد ڀاءُ

    وار اهڙا ڪري دل ڪڍي هي وجهن،
    هي نشيلي اکيون ڪونه ڪنهنجون بڻن
    بي وفا هي صفا هي وڏيون بي رحم
    دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم
    هُو نه هِنَ پارَ آ، هُو نه هُنَ پارَ آ،
    ”ناز“ جِي ڪا خبرَ ۽ نَڪا چارَ آ
    ڪو ته ڳولهي وڃي ،ڪٿ کُٽا ٿس قدم
    دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم​

    جي سائين ماڻهن جي دلين کي سدائين خوش رکيو اٿئون اڃان به توهان جي هدايتن تي عمل ڪنداسين
    حُڪم ڪر مان حاضر آهيان جهڙو مُنهنجو حال آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    اڙي فقير اصل دل ۾ خنجر هڻي ڪڍين ها پر گهٽ ۾ گهٽ تون ته مونکي چريو نه چوين ها۔ جي توکي چريو چوڻو به هو ته سائين نه چوين ها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چريو به چوين پيو ۽ واهه واهه به ڪرين پيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    باقي تُنهنجي بي لوث دُعائن جو دل جي گهرائين سان شڪر گُذار آهيان۔ مهرباني
     
  15. محمد جمن شيخ

    محمد جمن شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين

    محترم سائين چوندا آهن ته شاعري اندر جي عڪاسي ڪري ٿي بلڪل توهان جي شاعري به توهان جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿي، مون توهان سان ڪافي وقت گذاريو آهي پر ان سموري وقت ۾ مون توهان کي پنهنجو پر پوري ٽيم جو هڪ همٿائيندڙ رهبر محسوس ڪيو ۽ سمجهيو آهي پر توهان جي اداس شاعري ۾ مونکي لڳي ٿو ته ڪنهن چاهت جي چوٽ توهان کي به اداس ڪيو آهي پر ان جو ذڪر توهان ڪڏهن به نه ڪيو آهي جيڪو بيان توهان جي شاعري ڪيو آهي توهان لکيو آهي ته آٿت نه ملي تڏهن به خير آ سائين بلڪل توهان ته بلند حوصلي وارا آهيو پر اسان توهان جا خادم آهيون ۽ مخدوم جي اداس ٿي پوي ته پوءِ خادم زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا توهان حڪم ڪري آزمايو ته سهي يا توهان سدائين اسان جا مسئلا حل ڪندا رهندا ۽ پنهنجي پاڻ کي ائين ماٺ ٿي پاڻ کان شاعري ذريعي پڇندا رهندا ته
    ـ نازچريا تون ڇا ٿو چاهين؟ـ
    توهان حڪم ڪيو سائين
    توهان جو خادم الرفيق
    محمد جمن شيخ
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    وڃ ڙي، هتي ته اهڙا خادم به موجود آهن جيڪي مون صفا مولائيءَ ، ٽي درجي واري شاعر ۽ معمولي ماڻهوءَ کي مخدوم ڪري پيا ليکين۔ لڳي ٿو ته هاڻي هن فورم مان راههِ فرار اختيار ڪرڻي پوندي، جمن شيخ ٻيلي ڏاهو ٿي، مونکي ”مان جو ئي آهيان “ سو ئي رهڻ ڏي، مٺا جن جو ڪم صرف هارائڻ آهي، تن کي پنهنجي زورِ بازو سان جيتائي ٻي معنى ۾ ان جا مسئلا حل ڪرائڻ سان ڪجهه به ڪين ٿيندو، جمن هارائڻ جو به پنهنجو مزو آهي، هن دفعي ڪجهه هارائڻ جو ڌڪ زبرو ۽ چوٽ ڪجهه زياده لڳي وئي هوندي ان ڪري رڙ ڪري وڌم، نه ته پنهنجي سدائين ٻاهر ٻاڦ نه نڪري هوندي آهي............. آئنده بلڪل احتياط ڪبو، No ناز چرئي کان سوال جواب.................................................. نڪو اهڙي مُئي باهه لڳي شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  17. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام پياري شاعري، مهرباني محترم سائين۔۔۔
     
  18. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    پيارا سائين دنيا ۾ ڪنين ٿورا ڪنين ؓگهڻا ڪانهي سورن ڌار هي دنيا آهي ڏکن جو گهر ۽ آزمائش جي جاء جيئن هڪ فارسي واري بزرگ جو اشارو به ان طرف آهي درين دنيا ڪسي بي غم نه باشد اگر باشد بني آدم نه باشد۔ترجمو : هي بزرگ فرمائي ٿو هن دنيا ۾ ڪو به بغير غم جي نه آهي اگر هوندو ته انسان نه هوندو ۔ پر ڏک سکن جي سونهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تن ڏکن کي شاباس جن محبتي ميڙيا۔ وغيره ۾ ته ڏکن جي تعريف آهي۔
     
  19. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ناز چريا تون ڇا ٿو چاهين

    واه چريا سائين واه

    لاجواب شيئرنگ آهي توهان جي
    ڪافي ٽائيم کان پو۽ توهان جي شاعري پڙهي آهي لاجواب سائين خدا پاڪ توهان کي شاد ۽ آباد رکي
     
  20. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ناز چريا تون ڇا ٿو چاهين

    فقير سائين۔۔۔۔ سائين نثار ناز جي شاعري ته روز پئي شايع ٿئي۔۔۔ اوهان الائي ڇو ”ڪافي ٽائيم“ کان بعد ۾ پيا پڙهو، اسان ته روز ”ٽِي ٽائيم“ (چانهه جي وقت) کان بعد سائين جي شاعري پڙهندا آهيون۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو