• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاڙڪاڻي لڳ سيتا سانحي جو ورجاءُ

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
لاڙڪاڻي لڳ سيتا سانحي جو ورجاءُ
لاڙڪاڻي تعلقي ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ هڪ پراڻي ڦٽل ڪچي ڪوٺيءَ ۾ دل دکائيندڙ واقعي ۾ نوجوان کي سخت تشدد ڪرڻ کان پوءِ باهه ڏئي ساڙيو ويو،. ان ڏس ۾ ڄاڻ ملي آهي ته ٻيڙي چانڊيي ڀرسان سم شاخ وٽ ٺهيل هڪ پراڻي ڪچي ڪوٺيءَ ۾ دونهون دکي رهيو هو ته اتان گشت ڪندڙ پوليس ڏسي ڪوٽيءَ وٽ پهچي جيئن ئي ڪوٺيءَ اندر آئي ته پلال کي باهه لڳل هئي، پلال پري ڪيو ويو ته هڪ نوجوان جو تازو لاش سڙي رهيو هو ۽ هو مئل حالت ۾ پيل هو. بعد ۾ پوليس آس پاس جي ڳوٺن ۾ اهڙو اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ پهچي سڙيل نوجوان جو لاش ڏٺو پر ڪنهن به سڃاڻپ نه ڪئي. لاش پوليس چانڊڪا اسپتال جي مارچري ۾ کڻائي آئي. قتل ڪري ساڙيل نوجوان جي عمر اٽڪل 20، 22 سال هئي ڪوٺيءَ تائين هڪ ڪار جي ٽائرن جا نشان ٺهيل هئا، جڏهن ته جنهن همراهه ٻاهران پلال کڻي اچي ڪوٺيءَ ۾ نوجوان مٿان رکيو، ان جا پير به ٺهيل آهن. سڙي ويل نوجوان کي پينٽ شرٽ ۽ بوٽ پاتل آهي، لاش ڀرسان هڪ فون ڊائري هٿ آئي آهي جنهن تي موبائل نمبر لکيل آهن افواهه آهن ته نوجوان کي ڳڙهي خدابخش ۾ بي نظير ڀٽو جي ورسي تي وٺي اچڻ کان پوءِ واپسيءَ تي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي.
 
Back
Top