تبرڪات مُبارڪ پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه (فيسٽيول) سانگهڙ سنڌ

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم سنڌي ساٿيو، السلام عليڪم، پير سائين پاڳاري جي حُر جماعت جي فقير ڪاشف انور نظاماڻي پنهنجي شهر سانگهڙ ۾ پير سائين جي ٿَلهي ۾ هڪڙو فيسٽيول نمائش جي صورت ۾ ڪرايو
    انهي فيسٽيول ۾ حضور اڪرم محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جن جي بادشاه هرقل کي لکيل خط مُبارڪ جي عڪسي ڪاپي، حضور اڪرم جن جي مرقد شريف جي غلاف مُبارڪ جو هڪ ٽڪڙو مُبارڪ، ۽ هڪڙو پٿر جنهن تي قدرتي طور اسم محمد صلي الله عليه وسلم لکيل هو کان سواءِ حضرت پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه جي تبرڪات شريف، جنهن ۾ حضرت پير سائين روضي ڌڻي جو پهراڻ مُبارڪ،، سندن تسبيح مُبارڪ، سندن انگوڇو مُبارڪ، سندن پيزار مُبارڪ، سندن وار مُبارڪ،کان سواءِ پير سائين مسند ڌڻي رحمت الله عليه جا تبرڪات شريف، پير سائين تجر ڌڻي رحمت الله عليه جا تبرڪات شريف، پير سائين سورهيه بادشاهه شهيد رحمت الله عليه جا تبرڪات شريف ۽ حُر جماعت جي موجوده روحاني پيشوا حضرت پير سائين پاڳارو سان تعلق رکندڙ شيون رکيون ويون سنڌ سلامت جي ٽيم حُر فقير ڪاشف انور نظاماڻي جي خصوصي دعوت تي جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد علي ماڻڪ ميمڻ، عبدالغفور سمون ڪئمرا مين هن ناچيز جي سرواڻيءَ ۾ گُذريل جمع بتاريخ 6 نومبر 2009 تي پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان کان صُبح جو ساڍي ستين وڳي سانگهڙ شهر لاءِ انهي فيسٽول جي رڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ نڪتي، سانگهڙ شهر ٽنڊو محمد خان کان تقريبن 180 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي، توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته اهو سفر ڊاڪٽر محمد علي ماڻڪ ميمڻ صاحب جي ذاتي الٽو ڪار ذريعي ممڪن بڻيو. اهو .اهڙي ريت اسان صُبح جو ڏهين وڳي پير سائين جي ٿَلهي سانگهڙ ۾ پهتاسين. اُنهي فيسٽيول ۾ تبرڪات شريف جي زيارت ڪرڻ لاءِ پير سائين پاڳاره صاحب جي مُريدن جي ڪافي تعداد شريڪ هُئي، جيئن ته ڊاڪٽر محمد علي ماڻڪ ميمڻ جي توسط سان اسان کي انهيءَ فيسٽول ۾ شرڪت جي دعوت ملي هُئي . ۽ انهيءَ فيسٽول کي منعقد ڪرڻ وارو آرگنائزر حُر فقير محترم ڪاشف انور نظاماڻي صاحب کلندي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. عبدالغفور سمون باقاعده هڪڙي تجربيڪارڪئمرا مين وانگر سنڌ سلامت لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون. توهان عبدالغفور سمون جي محنت هن وڊيو کي ڏسي لڳائي سگهو ٿا. اسان جمع مبارڪ جي نماز پڻ پير سائين جي ٿَلهي مبارڪ سان متصل حُر جماعت جي قائم ڪيل مدرسي واري مسجد ۾ ادا ڪئي، نماز کان پوءِ فقير ڪاشف انور نظاماڻي، ٻنپهرن جي ماني جو انتظام ڪيو هو اها کاڌيسين، ماني کائڻ کان پوءِ ڪافي دير هند ۽ سنڌ ۾ پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه جي ديني خدمتن جي باري ۾ معلوماتي ڳالهه ٻولهه هلي، فيسٽول ۾ رکيل تبرڪات جي باري ۾ پڻ جامع معلومات فقير ڪاشف طرفان ونڊي وئي انهيءَ دوران هڪڙو چانهه جو دور پڻ هليو، اهڙي طرح تقريبن شام جو ساڍي پنجين وڳي پنهجون سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي حيثيت واريون ذميواريون ادا ڪرڻ کان پوءِ واپس ٽنڊو ڏانهن راهي ٿياسين. رات جو ساڍي اٺين وڳي عبدالغفور سمون ڪئمرامين کي سندس شهر هوسڙي ضلع حيدرآباد ڇڏيوسين. رات جو ساڍي نائين وڳي پنهنجي ماڳ ٽنڊو محمد خان پهتاسين. انهي فيسٽول جي وڊيو رڪارڊنگ پيش خدمت آهي، ڪئمرا مين جي نالي جي خبر ته توهان کي آهي، هن وڊيو جي ڪمپليٽ ڪرڻ جي ڊائريڪشن ۽ پهريون دفعو وڊيو ايڊيٽنگ ڪرڻ جو شرف توهان جي هن غريب دوست نثار ناز کي مليو آهي. سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان هي وڊيو ونڊ ڪريان پيو خاص طور تي ساري دنيا ۾ رهندڙ حضرت پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه جي سڀني مُريدن سميت بلخصوص پير سائين پاڳاره صاحب جي حُر جماعت کي پڻ.
    دعائن ۾ ياد رکندا

    هديو براءِ ديدار تبرڪات شريف پير سائين حضرت روضي ڌڻي رحمت الله عليه سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي نهايت ئي عمده پيشڪش ​


    مهرباني دوستو
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهرباني سائين ! تمام قيمتي شِئرنگ آهي
     
  3. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا نثار احمد ناز السلام عليڪم ۔ اوهان هميشه ڪا نه ڪا نئي تخليق پيش ڪندا رهندا آهيو پر هيل ته اوهان ڪمال ڪري ڇڏيو آهي جو سنڌ سلامت تي وڊيو شيئرنگ ڪري نئين روايت جو بنياد وڌو آهي ۔ انهيءَ سان گڏ ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته اوهان اهي وڊيو ٻي هنڌان چورائڻ جي بدران خود ايڊٽ ڪيآهن جيڪا واقعي تعريف جي لائق محنت آهي اوهان جا وڊيو طبع زاد آهن جن جي ڪري واقعي سنڌ سلامت کي هڪ نئون رخ مليو آهي منهنجي دعا آهي ته اوهان جي تقليد ڪندي ٻيا دوست به اهڙا طبع زاد وڊيو شيئر ڪن جيئن سنڌ سلامت کي بهتر کان بهتر ڪري سگھجي
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا ڄامشورائي ڪروڙين قرب توهان جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جو توهان هن وڊيو کي ڏٺو ۽ قيمتي شيئرنگ قرار ڏنو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني مٺا۔۔۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا حڪيم محمد يوسف کتري توهان مُنهنجي هن محنت کي ڪمال جي ڪاوش چئي مون مسڪين کي نوازي ڇڏيو، باقي ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جو هڪڙي شهر ۾ رهندي به پنهنجي ملاقات نه پئي ٿي سگهي۔ باقي وڊيو ايڊٽ ڪري اپلوڊ ڪرڻ وارو ڪم ٿورو ٽيڪنيڪي حوالي کان مشڪل ضرور آهي پر دشوار ڪونهي۔ توکي ته ذاتي خبر آهي ، مُنهنجي اها ننڍي لاڪون ڪوشش رهي آهي ته ڪجهه ڪجي ته سُٺو ڪجي ۽ نواڻ آڻجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو فلسفو جيڪو توهان کان سکيو آهيان، انهيءَ تي اڃان تائين عمل پيرا آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي سنڌ سلامت سان الله جي فضل و ڪرم سان ٻٽيهه دليون آهن۔ دعا ڪريو ته سنڌ سلامت سان محبت جو اهو ناتو ساري عمر نڀايان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب شيئرنگ آهي سائين نثار ناز صاحب

    مهرباني سائين
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    واقعي دوست ڦلپوٽا هاڻي مڙوئي محسوس ٿئي پيو ته توهان جي هر پوسٽ تي نظر آهي۔ قربان وڃان توهان تان جو توهان هن پوسٽ کي لاجواب چيو۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. abdulsalampanhwer

    abdulsalampanhwer
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تبرڪات مُبارڪ پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه (فيسٽيول) سانگهڙ سنڌ

    ڀيڄ پاڳارا
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: تبرڪات مُبارڪ پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه (فيسٽيول) سانگهڙ سنڌ

    سائين قبلا نثار احمد توهان جي ٿريڊ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي اميد ته آئنده به اهڙا ونڊ سنگت سان ونڊيندا رهندا۔
     
  10. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: تبرڪات مُبارڪ پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه (فيسٽيول) سانگهڙ سنڌ

    تبرڪات بابت وڌيڪ ڄاڻ جي لاءِ هن مضمون جو مطالعو ڪيو وڃي
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تبرڪات مُبارڪ پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه (فيسٽيول) سانگهڙ سنڌ

    سائين اهڙي وڊيو شيئر ڪرڻ جي مهرباني
    هي اسان جي تاريخ جو هڪ حصو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو