• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ منهنجي امان

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
سنڌ منهنجي امان،
توتان صدقو ٿيان،
توکي لٽندو ڏسي،
پيو اندر ۾ پچان۔
توکي جن آ لٽيو،
جنگ تن سان ڪيان،
ٻڌ اي منهنجي امان،
مان اهو ٿو گهران۔
جي مان وڙهندي مران
تنهنجي هنج ۾ رهان۔
پنهنجي وڏڙن جيان،
ٿي امر مان وڃان۔
پر اسد آس آ،
پنهنجي جيئري توکي،
هُوند آجو ڏسان۔
سنڌ منهنجي امان،
توتان صدقو ٿيان۔
 
پر اسد آس آ،
پنهنجي جيئري توکي،
هُوند آجو ڏسان۔
سنڌ منهنجي امان،
توتان صدقو ٿيان۔

رب العالمين اسد جي ۽ اسان سڀني جي اها آس پوري ڪري ... آمين

سهڻا خيال ۽ سهڻو جذبو...

هڪ ٻي ڳالهه جا سنڌ سلامت جي دوستن کي عرض ڪندم...
ڪجه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ ۽ خاص ڪراچيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي هڪ ريلي نڪتي هئي پر افسوس سنڌ سلامت جي ڪنهن دوست به ان ريليءَ مطلق ڪا خبر نه ٻڌائي نه وري ڪو ٿورو يا گهڻو ڪو بيان ڏنو ... خبر ناهي ڇو؟
 
سائين جواب ڏيڻ جي مهرباني،
باقي ڪراچي واري ريلي جو مونسان ڪنهن دوست ذڪر نه ڪيو، مان پهرين پيادل مارچ ۽ ان مارچ کي هڪ ئي پئي سمجهيو، پر عين ٽائيم تي جڏهن ٽي وي تي خبر نشر ٿي ته پتو پيو ته اهو مارچ ٻيو هو۔۔۔
 
سائين منهنجا، تمام بهترين پر درد سوز شاعري آهي، ادا توهان جي شاعري جي انداز مان لڳي ٿو ته توهان به سچا ديشي آهيو
 
Back
Top