سنڌ سلامت تي هر وقت موجود رڪنن جي تعداد کي ته سائيڊ بار تي هر وقت ڏيکارڻ لاءِ بلاڪ اڳ ئي تيار ڪيل آهي... هاڻي فورم جي فوٽر ايريا جي مٿان گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ايندڙ رجسٽرڊ رڪنن کي پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ... ته جيئن رڪنن جي حاضري لڳائي سگهجي....
ذيشان رشيد صاحب اهي سڀ انهن دُهلن جا اثر آهن جيڪي وڄايا ويا ته سڀ سُتل اُٿي پيا ۽ ٻين کي به ڄاڳائين ٿا پيا۔
هڪ بهترين ۽ ساراھ جوڳو قدم ۔ اهڙيون تبديليون جاري رکجو تانته ڏينهنون ڏينهن فورم مزين ۽ خوبصورت ٿيندو وڃي ۔
ادا تمام بهترين پر تڏهن اڃان بهتر ٿيندو جڏهن فيسبڪ جيان ڪچهري جو سيڪشن شروع ٿيندو پوءِ ته اسان جهڙن گھڻن ئي دوستڻ جي فيسبڪ مان جان ڇٽي پوندي مون اڳ به اهو موضوع اوهان جي نظر هيٺ رکيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا رشيد صاحب توهان جي محنت کي خلوص ڀريو سلام آهي جو توهان پنهنجي ذاتي زندگي جي مصروفيت هوندي اهڙا ڪٺن ڪم ڪري ۽ سنڌ سلامت جي فورم کي اسان جي سامهون کڻي اچو ٿا، ادا اسان ته صرف اسڪرين تي ڪيل ڪم پيا ڏسو، ان ڪم جي پٺيان ان ڪم ڪرڻ جو ڪيترو مٿي سور آهي اهي ته توهان يا وري ٽيڪنيڪل ڪم ڪندڙ ئي ڄاڻي سگهي ٿو، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا رشيد صاحب منهنجي هڪ رهنمائي ڪندا، منهنجو مونجهارو اهيو آهي ته پهرين ته لکاري پنهنجون سڀ تحريون پاڻ ڏسي سگهندو هو، اهو آپشن مون کي نظر نه ٿو اچي جنهن سان مان پنهنجون شروع کان آخر تائين پنهنجو سڀ تحريرون ڏسي سگهان۔مهرباني۔
اوهان پنهنجي پروفائل جي صفحي تي اچو تحريرون ڏسڻ لاء تحريرون تي ڪلڪ ڪيو ۔۔۔۔ اوهان جون تحريرون ترتيبوار نظر اينديون۔ شروع ڪيل موضوع ڏسڻ لاء صفحي جي آخر ۾ هيٺ لکيل هوندو ممتاز علي وگهيو جي موڪليل موضوعن مان ڳولا ڪريو ۔۔۔۔ اتي ڪلڪ ڪيو ته اوهان جا موضوع ترتيبوار نظر ايندا۔ اميد ته مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔ پوء به ڪو مسئلو هجي ته پڇي وٺجو۔
ادا سليمان وساڻ يار ممتاز عرف سيلاني اسان کي ڏاڍو پيارو آهي ، تنهن ڪري ڪجه وڌيڪ سولائي ڪجي ٿي ۔ پروفائيل ۾ وڃڻ کان پو گهرجي ته ”معلومات “ واري خاني ۾ وڃجي ۔ وڌيڪ تصويرن مان رهنمائي حاصل ڪندا ۔ والسلام