• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشهور ڪرڪيٽر ۽ ڪمينٽيٽر ٽوني گريگ لاڏاڻو ڪري ويو

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
tony.jpg

ننڍي هوندي ڪرڪِٽ کيڏبي به هئي ۽ ڏسبي هئي ڀلي اُها پنهنجي ڳوٺ ملڪاڻي ۾ جهڏو_پنگريو وچ ۾ هُجي ۽ ملڪاڻي جو اڪبر يا پپيتو پتافي ڪمينٽري ڪندو هُجي يا وري ڪا انٽرنيشنل مئچ جنهن ۾ مائڪل هولڊنگ، رميز راجه، سنجي منجريڪر يا ٽوني گريگ جي ڪمينٽري هُجي۔ پر هاڻي نه ڪرڪيٽ ڏسڻ جو جُنون رهيو آهي نه کيڏڻ جي فُرصت۔
پر اڄ صبح جڏنهن خبر پئي ته مشهور ٽيسٽ ڪرڪيٽر، انگلينڊ جي ڪئپٽن ۽ ڪمينٽيٽر ٽوني گريگ جو لاڏاڻو ٿي ويو ته انهي مهل ئي چيم ”اڙي ڊسمبر ڇا تون ويندي ويندي به نه ڇڏيندي ڪنهن کي؟“
بهرحال وڃڻو ته هر ڪنهن کي آهي۔ ۽ رضاءِ الاهي جي رضا ۾ راضي رهڻ کپي پر ڪُجهه ماڻهو تاريخ ٿين ٿا تِن جي وڃڻ جو ڏُک ٿيندو آهي۔

ٽوني گرين جهن جو پورو نالو انٿوني وليم گريگ هو۔ هي 6 آڪٽوبر 1946ع تي سائوٿ آفريڪا ۾ ۾ ڄائو ۽ اڄ 66 سالن جي عمر ۾ 29 ڊسمبر 2012 ۾ ڦڦڙن جي ڪئنسر سبب سڊني (آسٽريليا) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 6 فوٽ 6 انچ جي هن قداور گوري رائيٽ آرم آفر بريڪ بالر طور پنهنجي ڪيئريئر جي شروعات 8 جون 1972 ۾ ڪئي۔ پر بهتر بئٽنگ سبب هو آل رائونڊر طور پاڻ مڃائڻ ۾ جلد ڪامياب ٿيو۔۽ 1975ع کان 1977ع تائين انگلينڊ جو ڪئپٽن رهيو۔ هي مختلف تنازعات جو به شِڪار رهيو سو هن جو کلاڙي طور ڪيريئر صرف پنج سال ئي هليو۔ ۽ پوءِ هو ڪمينٽيٽر بڻجي ويو۔ ۽ آڪٽوبر 2012 تائين انهي ڪم ۾ رُڌل هو جو اچانڪ کيس ڦڦڙن جي ڪئنسر جي تشخيص ٿي ۽ صرف ٻِن مهينن ۾ هو هي دنيا ڇڏي ويو۔ پوءِ به سندس نڊر طبيعت ۽ خوش مزاجي ڏسو۔ آخري ڏينهن ۾ هڪ انٽرويو ۾ هو پنهنجي بيماري ۽ زندگي جي خطري کي ڪيترو آرام سان بيان ڪري مُسڪرائي رهيو آهي۔

video_object.png
 
ٽوني گريگ هڪ عظيم ۽ منفرد ڪمينٽيٽر هيو۔ ڪرڪيٽ جا مداح کيس سدائين ياد رکندا۔
 
تمام بهترين ڪمينٽيٽر ۔ جنهن مهل چوڪوياڇڪو لڳندو هو ته ان وقت ڪمينٽري سان جذبات جاڳائي وجهندو هو. ان جي ڪرڪيٽ ته مون ڪونه ڏٺي آهي پر لاجواب ڪمينٽيٽر هو. خاص طور تي جڏهن جيوفري بائيڪاٽ ڪيمينٽري ۾ گڏ هوندو هو ته اها مئچ ڪمينٽري جي حساب سان بهترين مئچ بنجي ويندي هئي .
 
Back
Top