ڪاڪي آچار هڪ گڏهه ورتو، انهيءَ گڏهه سان گڏ هڪڙو ننڍڙو کودو به مليو، گڏهه ته بار کڻڻ جي ڪم ايندو هو پر اهو کودڙو من مستيون پيو ڪندو هو، ڪڏهن ڪنهن جي ٻني ۾ ويو ته ڪڏهن وري ڪنهن جي گهران گاه کائي ايندو هو۔۔ هڪ ڏينهن کودڙو وري ساڳئي نموني مستي ڪندو نڪري ويو، گهڻي دير تائين ڪونه وريو ته ڪاڪو کيس ڳولڻ لاءِ نڪري پيو، گهڻي ڳولا کان پوءِ ڪنهن ٻڌايس ته توواري کودڙي کي مُلو پڪڙي مار پيو ڪڍي۔ ڪاڪو آچار جو مُلي وٽ وڃي ته واقعي مُلو ۽ اٺ ڏهه کتابي کودڙي کي ڪُٽ ڪُٽان لايو ويٺا هُجن۔۔ ڪاڪو وڃي وچ ۾ پيو، کودڙي کي رسي مان وٺي ڇڪيائين، مُلي کي اکين ۾ اکيون وجهي چيائين۔۔ اڙي مُلا تون مون واري کودڙي کي ڇو پيو ڪُٽين۔۔؟ ڇا ڪيو اٿئين توکي۔۔؟ مُلو۔ تو وارو اهو لاڏڪو کودو مسجد ۾ گهڙي آيو، نڪري ئي ڪونه پيو۔ ڪاڪو آچار ! اڙي پيٽُو مُلا! هي ساسي ساهه مسجد جو ڪهڙو نقصان پيو ڪري؟ پيار سان نه پيو ڪڌينس مسجد مان، اڳتي ايئن مون واري کودڙي کي هٿ لاٿو اٿئي ته کڻي ليٽائيندو مانئين۔۔ مُلي صدري سنڀاليندي چيو! پوءِ تواري کودڙي کي جهلينس، مسجد ۾ نه اچي۔۔ ڪاڪو آچار۔۔ ها ڀائو ها۔۔ هاڻي ڪونه مسجد ۾ ايندو، ويچارو ڀُل ۾ اچي ويو، ڀلا مونکي ڪڏهن ڏٺو اٿئي مسجد ۾۔۔۔ asul mattasul mattasul matt
لڳي ٿو ڪاڪو آچار اڃان تائين فل فارم ۾ آهي؟ ڪرائينس نه قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڀرتي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪي وڃي اتي چوڪا ۽ ڇڪا هڻي، هتي ته روٽيون ٽوڙي ٽوڙي ٽوٽي ٿي پوندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪرڪَٽ ته پاڻ وارو ڪاڪو آچار ڄاڻي ئي ڪونه باقي سائين ملهه، ۽ ٻيون رانديون به جواني ۾ کيڏندو هو۔۔۔ shabash