نئين سال جي شروعات ڪئين ڪجي؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    فيسبوڪ تي هڪ سٺي ڳالهه منهنجي نظر مان گذري جنهن ڪري ان کي اوهان سان ونڊ ڪرڻ لا دل گهريو، جنهن به دوست اها سهڻي ڳالهه سرجي آهي يقينن اهو دوست اسان جي بد اعمالين مان پيدا ٿيندڙ برائين جو بغور جائزو وٺي هي تاثر پيش ڪيو آهي، الله پاڪ ان کي ۽ ان جي سموري آل و عيال کي نيڪ عمل ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري آمين۔

    [​IMG]
     
  2. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    منهنجي خيال ۾ نئي سال جي شروعات رب کي تحجُد جي نماز۾ سجدي سان ڪري تِنهن کان پوءِ جي امڙ حيات آهي تـ اُن جي قدمن کي چُمي سموري گذريل غلطيُن جي دل سان معافي گهري،۽ ٻيهر اُهي غلطيون نـ دهرائڻ جي جي وچن سان ڪرڻ گهُرجي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    نهايت بهترين صلاح آهي اوهان جي۔ شل الله پاڪ هڙني کي اهڙي توفيق سان نوازي آمين
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو اڄ سال جو آخري ڏينهن آهي منهنجي گهڙي مطابق ٺيڪ 20 ڪلاڪن کان پوءِ نئون سال شروع ٿي ويندو۔۔۔ ۽ اسان 2012 مان ٽپي 2013 ۾ داخل ٿينداسين ۔۔۔۔
    پر سوال اهو آهي ته اسان بحثيتِ قوم 2012 ۾ ڇا حاصل ڪيو۔۔۔؟۔۔۔
    قومن کي سٺي قوم بڻجڻ لاءِ انصاف جو هڪ آزاد نظام کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ اهڙو نظامِ عدل قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين۔۔۔
    قومن کي ترقي ڪرڻ لاءِ جهموريت کپي ڇا اسان 2012 ۾ ملڪ ۾ خالص جهموريت قائم ڪري سگهيا آهيون ۔۔۔
    ملڪ کي ترقي لاءِ ميرٽ هجڻ گهرجي۔۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ ملڪ ۾ ميرٽ قائم ڪري سگهيا آهيون۔۔۔
    قومن کي پسماندگي مان نڪرڻ لاءِ سيلف ريسپڪٽ، معيشيت، علم، برابري ۽ اعتماد کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو۔۔
    قومن کي زندگي گذارڻ لاءِ زندگي جون ضرورتون کپنديون آهن ۔۔ ڇا اسان 2012 ۾ عوام لاءِ علم، مانيءَ ڳڀو، صحت، اجهو ۽ لٽي جو بندوبست ڪري ورتو۔۔۔

    سوال اهو نه آهي ته اسان انهيءَ هڪ سال ۾ ڇا حاصل ڪيو۔۔۔؟ سوال اهو آهي ته اسان هڪ سال حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا ڪيو۔۔۔؟
    اسان بري حالتن جي دلدل مان نڪرڻ لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي۔۔۔
    اسان غربت کان بچڻ لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي۔۔۔
    اسان ملڪ کي، عوام کي ۽ قوم کي بهتر قوم، بهتر عوام ۽ بهتر ملڪ بنائڻ لاءِ ڪيتري جدوجهد ڪئي۔۔۔

    دوستو ڪوشش اهو ڦڙو هوندي آهي جيڪو هڪ هڪ ملي ڪري دريا ٺاهيندي آهي۔۔۔
    هڪ اهڙو تنڪو هوندي آهي جيڪو ملي ڪري آکيرو ٺهندي آهي۔۔۔
    روشني جي هڪ اهڙي ڪرن هوندي آهي۔۔ جو ٻين ڪرنن سان ملي سج بنجندي آهي۔۔۔
    ۽ ترقي جي طرف اٿندڙ هڪ اهڙو قدم هوندي آهي جنهن سان ڏهه هزار ميلن جو سفر شروع ٿيندو آهي۔۔۔۔
    ۽ جيڪا قوم پهريون قدم ئي نه ٿي کڻي ان جي مستقبل جو برو حال هوندو آهي۔۔ ۽ حال ماضي کان به بدتر۔۔۔۔

    اسان کان مڃڻو پوندو ته اسان جو 2012 اسان جي 2011 کان مختلف نه هو۔۔۔
    پر ڇا اسان جو 2013 به ائين ئي هوندو۔۔۔؟
    اهو سوال آهي جيڪو هن وقت سموري قوم جو پلئه پڪڙيو بيٺو آهي۔۔۔ جيڪڏهن اسان ان سوال جي جواب جي ڳولا نه ڪئي ته اسان نقصان ۾ وينداسين۔۔۔

    مون ڪاٿي هڪ قول پڙهيو هو ته ”جنهن جو اڄ ان جي گذريل ڪلهه کان سٺو نه هو۔۔ اهو هلاڪ ٿي ويو۔۔۔۔“۔۔ بهرحال توهان سڀني کي منهنجي طرفان نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔ ۽ منهنجي دعا آهي ته توهان جيڪو ڪم اڃان تائين نه ڪري سگهيا آهيو۔۔۔ الله پاڪ توهان کي اهو چڱو ڪم هن سال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔۔۔۔ آمين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    دوست نئين سال جي شروعات تي اها ڌماچوڪڙي، ڀلارين راتين تي ڦٽاڪا وغيره اهڙيون شيون آهن جن انهن شين جي اصل روح کي ئي ماري وِڌو آهي۔ رهندو دِل چوندي آهي ته شل نه اهڙي رات شهر ۾ هُجي۔ اها رات ڪنهن ڳوٺ جي ڪُنڊ ۾ گُذري جيڪا گهٽ ۾ گهٽ سُڪون جي ته هوندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين رشيد صاحب جو ليک اسان کي جهنجوڙڻ لا ڪافي آهي، پر شايد اسان اهڙين ڳالهين جي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان پو محض جهنجوڙجي ته سگهون ٿا ان تي عملي قدم کڻڻ لا اڳڀرا نه ٿي سگهيا آهون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو