مهنجا خيال

ماريه ڪنول

سينيئر رڪن
آ سراپا محبت آهيان،عورت آهيان
خيال ڪرڻ جي عادت آهيان ،عورت آهيان

تون آ مرد ڏنگو  ڏاڍو آهين تون
ها پر مان نفاست آهيان ، عورت آهيان

تهنجي طاقت هٿيارن سان به ڪانهي ڪا
حسن سندي مان طاقت آهيان ، عورت اهيان۔

تهنجي محبت آ بدن جي لذت تائين
روح سندي مان راحت آهيان، عورت آهيان

:ماريه ڪنول:
 
Back
Top