• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پکي ۽ فقير

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
پکي ۽ فقير ،
ثمر نه کڻن ساڻ!
'پکي چڳن چنهنج سان۔
فقير ڪشتي ساڻ !
الله اهڙو پکي آڻ!
جيڪو آس لاهي
اکين جي ۔۔




شاه

توهان جو ڪنگ
 
ادا جهانداد،
اوهان مرشد ڀٽائي جو شعر اسان ونڊ ڪيو ان جي لاٌءِ اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔

محترم سائين نثار ابڙو ۽ سائين نثار ناز کي عرض ٿو ڪجي ته شعر ۾ لکيل سنڌي کي درست ڪيو وڃي۔۔۔۔۔

مهرباني
 
ادا جهانداد،
اوهان مرشد ڀٽائي جو شعر اسان ونڊ ڪيو ان جي لاٌءِ اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔

محترم سائين نثار ابڙو ۽ سائين نثار ناز کي عرض ٿو ڪجي ته شعر ۾ لکيل سنڌي کي درست ڪيو وڃي۔۔۔۔۔

مهرباني
مٺا زاهد سومرا، لطيف سائين جو اهو بيت گهٽ ۾ گهٽ مُنهنجي نظرن مان اڃان تائين نه گُذريو آهي، ان هوندي به شاهه سائين جي هن بيت جي ڳولا جاري آهي، شاهه سائين جي گنج شريف کان مدد ورتي پئي وڃي ۽ ان کان علاوه شاهه سائين جا پارکو جيڪي پنهنجي معنى ۾ هڪ تاريخ رکن ٿا انهن سان به رابطو ڪريون ٿا ته شاهه سائين جو اهو بيت ڪهڙي سُر ۾ ۽ ڪٿي لکيل آهي. ان هوندي به پنهنجي سمجهه مطابق اهو بيت في الحال هينئن ڪري لکان ٿو.

پکي ۽ فقير ثمر نه اٿن ساڻ
پکي چُڳن چُنهنب سان، فقير ڪشتي ساڻ (1)
الله اهڙو پکي آڻ، جيڪو آس لاهي اکين جي.........​

مٿيئن بيت ۾ لطيف سائين جي بيتن وارو هڪ رنگ ”سورٺو“ رنگ نظر ئي ڪونه پيو اچي ان هوندي به ان بيت جي گنج شريف مان ڳولا جاري آهي..
1. ڪشتو هي ڪاري رنگ جو هُوندو آهي، جيڪو هاڻي ڪنهن ڪنهن فقير وٽ هُوندو آهي، فقير ان ڪشتي ۾ کائيندا پيئندا آهن، ڪشتو شايد ڪنهن جانور جي کل آهي يا ڪي ٻيو، اهو سوال سائين نثار ابڙو جي حوالي ٿا ڪيون ، باقي فقيرن جي ڪچهرين ۾ اها ڳالهه ٻُڌي اٿم ته جيڪڏهن زهر وارو کاڌوانهيءَ ڪشتي ۾ وڌو وڃي ته صحيح ڪشتو ٽڪرا ٽُڪرا ٿي ويندو. (وڌيڪ رب سائين کي خبر)
 
آءُ پڻ ادي نثار ناز جي ڳالهه سان متفق آهيان، مونکي پڻ لطيف سڳوري جو اهڙو ڪو شعر نه مليو آهي، دوست جهانداد کي جي ڪو حوالو آهي ته مهرباني ڪري اسان سان ونڊ ڪن ...
باقي ڪشتو شايد ڪنهن ڪدوءَ جهڙي ڀاڄيءَ مان ٺهندو آهي ۽ مون پڻ اها ڳالهه ٻڌي آهي ته زهريلي کاڌي وجهڻ سان ڪشتو ڀڄي پوندو آهي ... باقي ڪو فقير ئي ان جي سولي ۽ سڌي تشريح ڪري ...
والله عالم

sindhsalamatsaathsal
 
2hy8heb.jpg
 
Back
Top