• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو ڳوٺ

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
منهنجو ڳوٺ جيڪو هاڻي شهر ٿي ويو آهي
ڳوٺ جو نالو ڇڄڙا آهي، سنڌ جي انهن ٿورن ماڊل ۽ مثالي ڳوٺن مان هڪ منهنجو هي ڳوٺ جتي ڪو ايجوڪيشن سسٽم آهي مئٽرڪ تائين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهن ٿا.هتي ڇڄڙا، ميمڻ،ڀٽا، ٻرڙا، مگسي، پٺاڻ،سومرا، سيد،مڱريا، عباسي،لاڙڪ، ڪنڀر،بروهي،دايا، تنيا،۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون.اڪثريت ڀٽن ۽ ميمڻن جي آهي.باقي ذاتيون ٿورائي ۾ آهن.هن ڳوٺ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو به دنگو فساد ناهي ٿيو.هتان جا رهواسي آزاد خيال، مثبت سوچ رکندڙ ۽ سياسي بصيرت رکندڙ آهن.هي ڳوٺ قمبر جي يوسي 3 ۾ شمار ٿئي ٿو.هن ڳوٺ ۾ ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ماستر آهن، ان ڪري گهڻي ڀاڱي ڇڄڙا ڳوٺ کي ماسترن جو ڳوٺ به سڏيو وڃي ٿو.پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سياستدان، اديب، دانشور، شاعر، صحافي، ڪلاڪار، اداڪار ۽ مصور هن ڳوٺ ۾ موجود آهن.
منهنجي ڳوٺ جو الهندو گس،جيڪو شهدادڪوٽ روڊ سان لڳي ٿو
1529 اٽيچمينٽ ڏسو
منهنجي ڳوٺ جو اتانهون هڪ منظر
1530 اٽيچمينٽ ڏسو
منهنجي ڳوٺ جو هڪ ڦٽل کوهه
1531 اٽيچمينٽ ڏسو

منهنجي منشا آهي ته سنڌ جا سمورا ڳوٺ ايئن ئي خوبصورت هجن
 
منهنجو ڳوٺ جيڪو هاڻي شهر ٿي ويو آهي
ڳوٺ جو نالو ڇڄڙا آهي، سنڌ جي انهن ٿورن ماڊل ۽ مثالي ڳوٺن مان هڪ منهنجو هي ڳوٺ جتي ڪو ايجوڪيشن سسٽم آهي مئٽرڪ تائين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهن ٿا.هتي ڇڄڙا، ميمڻ،ڀٽا، ٻرڙا، مگسي، پٺاڻ،سومرا، سيد،مڱريا، عباسي،ڪنڀر،بروهي،دايا، تنيا،۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون.اڪثريت ڀٽن ۽ ميمڻن جي آهي.باقي ذاتيون ٿورائي ۾ آهن.هن ڳوٺ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو به دنگو فساد ناهي ٿيو.هتان جا رهواسي آزاد خيال، مثبت سوچ رکندڙ ۽ سياسي بصيرت رکندڙ آهن.هي ڳوٺ قمبر جي يوسي 3 ۾ شمار ٿئي ٿو.هن ڳوٺ ۾ ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ماستر آهن، ان ڪري گهڻي ڀاڱي ڇڄڙا ڳوٺ کي ماسترن جو ڳوٺ به سڏيو وڃي ٿو.پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سياستدان، اديب، دانشور، شاعر، صحافي، ڪلاڪار، اداڪار ۽ مصور هن ڳوٺ ۾ موجود آهن.
منهنجي ڳوٺ جو الهندو گس،جيڪو شهدادڪوٽ روڊ سان لڳي ٿو
1529 اٽيچمينٽ ڏسو
منهنجي ڳوٺ جو اتانهون هڪ منظر
1530 اٽيچمينٽ ڏسو
منهنجي ڳوٺ جو هڪ ڦٽل کوهه
1531 اٽيچمينٽ ڏسو
منهنجي ڳوٺ جو هاءِ اسڪول

منهنجي منشا آهي ته سنڌ جا سمورا ڳوٺ ايئن ئي خوبصورت هجن
ماشا الله تمام پيارو خوبصورت ڳوٺ آهي ، دعا آهي ته امن امان واري اها صورتحال هميشه قائم هجي ، الله پاڪ اوهانکي به آباد رکي
 
Back
Top