• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هندو پنچائت ٽنڊو محمد خان پاران نئون سال نئين سوچ سان سنڌ امڙ جي خوشحالي لا پراٿنائون

نثارناز

سينيئر رڪن
هندوپنچائت ٽنڊو محمد خان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سهڪار سان ”نئون سال نئين سوچ سان“ ادبي ، ثقافتي ۽ سماجي پروگرام آرگنائز ڪري ايندڙ سال 2013 لا سنڌ جي خوشحالي لا پراٿنائون ڪيون
رپورٽ: نثاراحمدناز سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 29 ڊسمبر 2012 سنڌي ادبي سنگت آفيس ٽنڊو محمدخان
تصويرون: آغا جان آغا ٽنڊو محمد خان
دوستو ڪالهه رات ٽنڊو محمد خان ۾ نئون سال نئين سوچ سان هڪڙو زبردست رنگا رنگ ادبي ، ثقافتي ۽ قومي پروگرام هندو پنچائت ٽنڊو محمدخان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سهڪار سان منعقد ڪيو، جنهن ۾ شهر ٽنڊو محمد خان ۽ ڀرپاسي جي ليکڪن، قلمڪارن، شاعرن، راڳين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي ۔ جيئن ته هن ادبي قومي ۽ ثقافتي پروگرام جو عنوان هو ” نئون سال نئين سوچ سان“ ان ۾ هندو پنچائت جي دوستن جنهن جو سرواڻي نوجوان منور لال ڪري رهيو هو، ان باقائده لکت ۾ دوستن ليکڪن، شاعرن ، قلمڪارن ۽ راڳين کي دعوت نامون موڪليو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته جيڪو سال 2012 گُذري ويو سو گُذري ويو، ايندڙ سال 2013 کي اسان ڪهڙي سوچ سان ڀليڪار ڪندي سنڌ امڙ جي خوشحال، سنڌ امڙ جي تعليم، سنڌ مان بي روزگاري، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ جان جتن ڪنداسين ، انهي موضع تي ڪافي سارن دوستن پنهنجا ويچار ونڊيا۔ هن رنگا رنگ پروگرام جي صدارت : هندو پنچائت ٽنڊو محمد خان جو سرواڻ ڊاڪٽر جي ايم گُل ڪئي جڏهن ته مهمان خاص سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري هو باقي اعزاز مهمانن ۾ محترم محمد دائود تاج ٽکڙائي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر پهلاج مهل، ڊاڪٽر چمن لال، ڊاڪٽر لطف علي ٽالپر، ديوي داس، ۽ تُلسي داس هُئا۔ جڏهن ته هن پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڊاڪٽر نسرين هنڱورو ۽ سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز سرانجام ڏنا۔هاڻي پيش آهن هن پروگرام جون تصويري جهلڪيون
577798_10151333341808216_1864493886_n.jpg
574940_10151333355893216_693020476_n.jpg
اسٽيج تي ويٺل مهمان
77024_10151333344193216_66923492_n.jpg
409505_10151333338748216_964823518_n.jpg
اسٽيج سيڪريٽري هڪڙو سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز ۽ ٻي ڀيڻ سنڌ سلامت جي ميمبر ڊاڪٽر نسرين هنڱورو
66477_10151333346008216_1853267926_n.jpg
نئون سال نئين سوچ سان واري پروگرام جو آرگنائزر محترم منور لال
386581_10151333377048216_322630756_n.jpg
سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ محترم ڊاڪٽر احمد نُوناري صاحب
534462_10151333378083216_1858428428_n.jpg
هن پروگرام جي صدارت ڪندڙ ڊاڪٽر جي ايم گُل صاحب
262931_10151333373843216_996593500_n.jpg
ڊاڪٽر لطف علي ٽالپر صاحب
551616_10151333372153216_1886802025_n.jpg
ڊاڪٽر پهلاج مل صاحب
553751_10151333362128216_138836514_n.jpg
هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيندر معزز مهمانان گرامي
 
ڪاش اها به خبر پئي ته گڏ ٿيندڙ ايترن وڏين شخصيتن نئين سال لاءِ پنهنجا ڪهڙا ٽارگيٽ رکيا آهن۔۔۔ نه ته وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه۔۔
 
سڀني کي نئين سال جون واڌايون

دعا آهي ته هي سال دنيا ۽ سنڌ سان گڏ ٽنڊي محمد خان وارن لاء به خوشين جا خزانا آڻي۔

آغا جان آغا ۽ سائين نثار ناز جا ٿورا جن هي تصويرون اسان سان ونڊ ڪيون آهن۔
 
Back
Top