جي تو بيتَ ڀانئيا، سي آيَتون آهِينِ نئون مَن لائِينِ، پريان سندي پار ڏي شاه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه! شاه عبداللطيف رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي اسان اهو پنهنجو فرض ٿا سمجهون ته شاه سائين جي سوانح حيات جي باري ۾ ڪجه اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيون۔ شل الله پاڪ کي اسانجو اهو عمل قبول پوئي ۽ توهان سڀني جي دعائون ۾ اسان کي به حصو ملي پوئي۔ (نسب نامو): شاه عبداللطيف ڀٽائي رح ، سنڌ جي ”مَتهلوي“ ساداتن ، يعني ” متعلوي“ يا مٽياري سيدن جي ”ڪريم پوٽا“ خاندان مان ٿيو جيڪو مٿي شجري ۾ هڪ وڏو پاڙي ” جراڙ“ يا ” جراڙ_ پوتا“ پاڙي جي هڪ شاخ آهي۔انهيء پاڙي جو وڏو سيد جراڙ (جلال) هو جيڪو سيد شرف الدين جو فرزند هو۔ انهي لحاظ سان ” جراڙ_ پوٽا“ ساڳئي وقت ”شرف_پوٽا“ آهن۔ شرف الدين جو ڏاڏو سيد حيدر، هرات شهر جي سيد مير علي جو پٽ هو جيڪو مٿي امام موسي ڪاظم جي اولاد مان هو۔انهيء لحاظ سان مٽياروي سيد شهر هرات جي سندن وڏي ڏاڏي مير علي( يعني سيد علي) جي اولاد سببان ” هراتي سيد“ آهن ، پر مير علي هراتي کان مٿين نسب نامي جي اعتبار سان ” ڪاظمي سيد“ آهن۔ مٽياروي سيدن جي شجري موجب سيد حيدر پهريائين سنڌ ۾ آيو ۽ هالا_ ڪنڊي ( قديم شهر هالا) ۾ اچي رهيو جتي هالا قبيلي جي رئيس شاه محمد بن درياه خان کيس پنهنجي نياڻي ڏني،جنهن مان کيس ” علي“ نالي پٽ پيدا ٿيو۔ سيد حيدر موٽي هرات ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، پٽس سيد (مير) علي سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ ڪريم _ پوٽا ٻيا سڀ مٽياروي سادات هن ” سيد علي سنڌي“ جو اولاد آهن ۔ شجري جي روايت موجب سيد (مير) علي (سنڌي) 802_ 803 وارن سالن ۾ هالا_ ڪنڊي ۾ ڄائو هوندو، پر غالبا سندس والد سيد حيدر ڳچ وقت اڳ ( اٺين صدي هجري جي آخر ۽ سمن جي حڪومي جي شروعاتي دور ۾ ) سنڌ ۾ آيو ۽ مير علي سنڌي به 8 صدي هجري جي آخر ڌاري ڄائو۔هو هالا _ ڪنڊي ۾ پنهنجن ناناڻن ۾ نپيو،جن کيس پرڻايو۔ هن ٻيو نڪاح ترڪن جي قبيلي مان ڪيو۔کيس ٽي پٽ ٿيا۔ احمد، شرف الدين ۽ مرتضئ عرف ڀرڻو، جن سڀني کي اولاد ٿيو۔سيد علي سنڌي جڏهن اولاد وارو ٿيو ته هالا_ ڪنڊي مان لڏي اچي پينگهاري پرڳڻي سان لاڳو پرڳڻي جي ” متعله “ يا ” متعاله“،يعنئ ” متهل“ ( مٽهالو: مٽ_هالو) شهر ۾ ويٺو، جنهن جي نالي مان ڀانئجي ٿو ته اهو هالا قبيلي جي سربراهن جي زمينداري ۾ هو جن پنهنجي ڏوهٽي کي جاگير ڪري ڏنو۔اهو شهر هن وقت موجود ناهي پرشهدادپور کان 8_9 ميل اوڀر طرف ” متهلو“ ديهه ۽ تپو ان نالي جي يادگار طور موجود آهن۔سيد علي سنڌي ۽ سندس اڪثر اولاد، 9 صدي هجري وارو گهڻو عرصو ” متهلي“ ۾ رهيا ۽ سيد علي به متهلي ۾ ئي وفات ڪئي۔ هنن سيدن پنهنجي دينداري، ديانتداري ۽ ڪامياب زمينداري جي ڪري ديندار سلطان ڄام نظام الدين جي دور حڪومت(866 کان 914 هجري) ۾ وڏو اثر رسوخ پيدا ڪيو۔ متهلي طرف جڏهن پاڻي جي اڻاٺ ٿي، تڏهن هي سڄو خاندان 9 صدي جي پوين ڏهاڪن ۾ موجوده شهر مٽياري واري ماڳ تي لڏي آيو۔ جتي هو ” متهلوي“ ( متهلي جا) سڏجڻ لڳا۔ هي هڪ علمي گهراڻو هو ۽ سندس تحريرن ۾ جئن پوء تئن ” متهلوي“ کي ”متعلوي“ ڪري لکيو ويو۔ مٽيارين واري ماڳ اصل ۾ چانگن بلوچن جو شهر ”مّٽَ_ آري“ هو، پر هن سيد گهراڻي جي وڌندڙ اثر رسوخ سببان پوء سندن نالي پويان ” متعلوي“ به سڏجڻ لڳو۔ عوام ۾ اصل نالي ”مٽ _آري“ پويان ” مٽياري“ وڌيڪ مشهور رهيو۔ مٽياري واري ماڳ تي لڏي اچڻ کانپوء ، چاليهن پنجهاهن سالن اندر۔سنه 944 هجري ۾ سيد علي سنڌي جي پٽ شرف الدين جي اولاد ( شرف _ پوٽن) جي ” جراڙ“ يا ” جراڙ_ پوٽا“ پاڙي مان ۔لال محمد شاه عرف لَلي شا ه جي گهر عبدالڪريم شاه ڄائو۔ جيڪو پنهنجي درويشي ۽ دينداري، فڪر۽ فهم ، تصوف ۽ توڪل جي ڪري مشهور ٿيو۔ سندس والد جو گهر” مٽياري“ ۾ موجود جامع مسجد جي ڏکڻ_اولاهين ڪنڊ سان لڳو لڳ هو۔ جتان مسجد جي ديوار ۾ هڪ نشان يادگار طور موجود آهي۔ شاه للو پاڻ عابد زاهد ۽ سهروردي طريقي جو سالڪ هو۔ سندس گذر سفر اڪثر لاڙ طرف ٿيندو هو ۽ وفات پڻ اتي ئي ڪيائين ۽ سهروردي سلسلي جي بزرگ شهاب الدين قريشي جي مقام ۾ مدفون ٿيو۔( بزرگ شهاب الدين جو مقام ۔ بدين شهر کان ڏيڊ ميل کن اتر _ اوله طرف آهي ۽ عوامي زبان ۾ شاه بدي جو مقام سڏجي_ بدين شهر جو نالو پڻ شهاب الدين (شاه بدين_ بدين) جي نالي پويان پيو۔) جئن ته شاه للو پاڻ هڪ وڏو درويش هو ، انهيء ڪري گهڻين جاين تي سندس پڻ معتقد ۽ مريد ٿيا، جن مان ڪي غالبن ” نلڙي“ واري جَوء ۾ هئا، جن جي محبت ۽ عقيدي جي ڪري عبدالڪريم شاه پنهنجي تعليم ۽ شادي بعد ”مٽياري“ مان لڏي وڃي اتي ويٺو۔ انهي ڪري ان ڳوٺ کي ” سيد پور“ توڙي ” لَلاڻي لوء“ سڏيو ويو، پر جيئن ته اهو بلڙيء واري ڀيڻيء ۾ هو انهي ڪري اهو ماڳ به انهيء جوء جي نالي سان ” بلڙي“ سڏجڻ لڳو۔ ميون شاه ڪريم گهر ٻار عيال سوڌو،سندس زندگي جي وڏي عرصي تائين، اتي رهيو ۽ وفات به سنه 1032 هجري( 1623ع) ۾ اتي ئي ڪيائين۔ تصوف جي سلسلي ۾ ميين شاه ڪريم جي سندس والد جي سهروردي طريقي سان نسبت باقي رهي، پر هو پاڻ قادري طريقي سان وڌيڪ وابسته ٿيو۔ ميين شاه ڪريم کي اَٺ پٽ ٿيا، جن مان چئن کي اولاد ٿيو جيڪو وڌيو ويجهيو ۽ ڏاڏي جي نالي سان سندن پارو ” ڪريم _ پوٽا“ ٿيو، سندس ٽيئن نمبر فرزند جلال شاه ( اوئلي مصنفن، مير علي شير قانع توڙي ٻين، جن ” بيان العارفين“ واري شجري کي سامهون رکيو تن هي نالو ”جلال“ ڪري ڄاڻايو اهي۔ البت ان کان پوئين دور ۾ اهو نالو ” جمال شاه“ ڪري لکيوويو آهي۔) شاه حبيب ، ميين شاه ڪريم جو پڙ پوٽو هو، سندس ڏاڏو جلال شاه يا جمال شاه غالبن پنهنجي والد ميين شاه ڪريم جي وقت ۾ مٽياري ۽ هالن طرف گهڻو گذارڻ لڳو۔هو هالن جي طرف هو جو ڦورن ڪنهن مائي جو مال چوري ڪيو ۽ جڏهن شاه پويان واهر تي ويو تڏهن ڦورن (ڌاڙيلن) کيس شهيد ڪيو ۽ هو ” گولي پيرجي مقام“ ۾ مدفون ٿيو۔ هي مقام شهدادپور تعلقي جي ديهه ۽ تپي ”جما“ ۾ ڀٽ کان 7 ميل کن اتر طرف آهي جتي جلال شاه ( جمال شاه) جي تربت موجود آهي۔ سندس شهيد ٿيڻ بعد سندس ٻار ٻچاء جيڪڏهن مٽياري ۾ هئا ته به موٽي وڃي پنهنجي ڏاڏي سان ” سيد پور“ ( بلڙي) ۾ رهيا۔جلال شاه ( جمال شاه) جو فرزند عبدالقدوس شاه به عابد ۽ درويش ٿيو جنهن اتي وفات ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي ميين شاه ڪريم جي ويجهو ڏکڻ _ اوڀر طرف دفن ٿيو۔ کيس ٻه پٽ ٿيا: حبيب الله شاه ( شاه حبيب) ۽ عبدالرشيد شاه،ٻنهي کي اولاد ٿيو۔ دينداري درويشي جي ورڇ حبيب الله شاه کي ملي۔ميين شاه ڪريم بعد ، جملي ڪريم _ پوٽن ۾ شاه حبيب ئي زهد ۽ عبادت،فقر ۽ فضليت جو صاحب ٿيو۔ ۽ سندس اخلاق ، فيض ۽ فقيري جو خاص طرح سندس فرزند شاه عبداللطيف رح جي تربيت تي وڏو اثر پيو۔ پڻ ڪريم_ پوٽن ۾ شاه حبيب شاعر ٿيو جنهن بيت چيا جن مان ڪي ”شاه جي رسالي“ ۾ موجود آهن۔ شاه حبيب جي شاعري ء جو پڻ شاه عبداللطيف رح تي اثر پيو۔ شاه عبداللطيف رح جي ولادت (1102هجري):_ عام رويتن جي موجب ، شاه حبيب کي اولاد ڪونه ٿيندو هو ۽ ڪنهن درويش کان دعا گهريائين،جنهن چيس ته : توکي پٽ ٿيندو، پر سندس نالو ”عبد اللطيف“ رکجان ( مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته شاه صاحب کي اولاد ڪونه ٿيندو هو ۔هنن ڪنهن اولياء کان دعا گهريائين،جنهن کيس يقين ڏياروته ” توکي پٽ ڄمندو، جو زماني جو غوث ٿيندو۽ تنهن جو نالو عبداللطيف رکجان ”احوال شاه عبداللطيف ڀٽائي ۔صفحو13“ ) البت اهو ڪونه ڄاڻائين ته کيس اها ڳاله ڪٿان معلوم ٿي يا اهو ولي ڪهڙو هو جنهن دعاڪئي، هي روايت مٽياروي ساداتن جي خانداني راويت آهي،جيڪا مسلسل طور هلندي آئي آهي ۽ اعتبار جوڳي آهي سنه 1300هجري ۾ اتاريل هڪ بياض ۾ اها آڳاٽي روايت جيئن نقل ٿيل آهي، تنهن موجب اها دعا شاه حبيب کي مٽياري شهر جي مست درويش هاشم شاه ڪئي هئي ، جيڪو پاڻ جراڙ_ پوٽو هو ۽ شاه حبيب جو عزيزهو۔ شجري مان پڻ اهڙي تصديق ٿئي ٿي ته ٻئي همعصر هئا۔ شاه حبيب دل ۾ ارادو رکي هاشم شاه وٽ ويو ،جنهن کيس ڏسي چيوء ته”حبيب مان لطيف جي بوء ٿي اچي“(درويش هاشم شاه جڏهانڪر مستي ۽ مجذوب ۾ آيو ته هندوستاني ڳالهائڻ لڳوغالبن قلندر شهباز تي ڪن عقيدتمند سان ڳالهائيند ي اها ٻولي اختيار ڪيائين۔ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”شاه جي رسالي: شاه جي ڪلام “ واري پنهنجي تصنيف ۾ سندس قول هندوستاني بدران سنڌي ۾ ڪري لکيا آهن) شاه حبيب کي ڄڻ وڌائي ملي ته کيس عبداللطيف نالي پٽ ڄمندو،جنهن جي خوشبوء ملڪ واسيندي۔ پوء پٽ ڄائو،جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين پر ٻاروڙو گذاري ويو۔ساڳئي گهر مان ٻيو پٽ ڄائس تنهنجو نالو به عبداللطيف رکيائين پر اهو به گذاري ويو، وري به ساڳئي گهرمان ٽيون پٽ ڄائس، جنهن جو نالو به عبداللطيف رکيائين، جيڪو بچيو ۽ اهوئي شاه عبداللطيف ٿيو۔ اهي ٽئي ٻارڙاجنهن بيبيء مان ٿيا ۔ سا عرس فقير ڏيري جي نياڻي هئي، جيڪو ملتان جي ولي غوث بهاوالدين زڪريا جي خليفي قندر فقير ڏيري جي اولاد مان ”ڌئونريات“ لقب وارن ڏيرن فقيرن جي ”ثابت“ يا ” ثابت پوٽا“ نکَ مان هو۔ هنن ڏيرن فقيرن جا ٻه سلسلا هئا: هڪڙا ” سايات“ يا سبزپوش (سائو ويس ڪندڙ) ۽ ٻيا ”ڌونريات“ يا سفيد پوش۔ اهي وڏي پهتل درويش هئا ۽ ” گنباٽ ڌڻي“ ( گنباٽ واري ايراضي جا رکوال ولي) ڪري سڏبا هئا۔ ثابت فقير پاڻ وڏو درويش ٿي گذريو_ جو چيائون ته: سوالي سچيء سڪ مان جي ”ثابت“ کي سارين تن نڪا تنگي توڻ جي، نڪي اَڌارين۔ (ثابت فقير ايڏي وڏي درجي وارو هو جو کيس ” ميان ثابت“ ڪري سڏيو ويو۔ سندس قبر ” سَئي قندر“ واري قبرستان ۾ ڏيرن فقيرن جي خاص مقام ۾ هڪ اوچي ٿلهي تي آهي، جنهن تي ست قبرون آهن۔جن مان اولهه طرف کان پهرين قبر ثابت فقير جي آهي ۽ سر تي پڻ نالو ”ميان ثابت “ لکيل آهي۔ ” شاه جو رسالو: شاه جو ڪلام۔ ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ“) عرس فقير کي ٻه نياڻيون هيون: وڏي ڏنائين رب رکيي فقير ڏيري کي ۽ ننڍي نياڻي ڏنائين شاه حبيب کي، شادي بعد، شاه حبيب به سهريجن جي پاڙي ۾ ٿي ويٺو جتي سندس گهر ” سئي قندر“ واري تاريخي مقام کي بلڪل ويجهو اولهھ طرف هو۔ اها گهروري جاء روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134 ديه ” سئي قندر جاگير“ تعلقي شهداد پور ۾ آهي ۽ مقامي طور 1950_ 1960 تاقئين اتي جي سڀني ماڻهن کي ان جي خبر هئي۔” سئي قندر مقام“ کان نمبر جي لام تي اتر_ اولهه طرف ۽ موجود شاخ جي اوڀر،شاه حبيب جي گهر لڳ هڪ کڏ هئي جنهن کي ” ساياتن جي کَڙ“ ڪري چوندا هئا۔ انهي جي ڀريان 1930ع تائين ڪنڊي جا وڻ بيٺل هئا جيڪي ” شاه حبيب جا ڪنڊا“ سڏبا هئا۔ اتي سندس حويلي هئي جنهن جي ڀتين جون بنائون به ان وقت ماڻهون ڏٺيون۔ انهي حويلي ۾ ئي شاه حبيب جا پهريان ٻه پٽ ڄاوا جيڪي گذاري ويا ۽ ” سئي قندر مقام “ ۾ دفنايا ويا، ٻنهي جون قبرون اڃا تائين موجود آهن۔ ( سن 1959ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاه حبيب جي گهر واري جاء ۽ اندر مقام ۾ شاه عبداللطيف جي انهن سڳن ڀائرن جون قبرون وڃي ڏٺيون ته اهي تازو ڪجه وقت اڳ نئين سر ٻڌايون ويون هيون ۔ هڪ تي ” عبداللطيف “ جي نالي جي سر لڳل هئي، پر ٻئي تي جيڪا سر هنئي وئي هئي،تنهن تي ”عبدالرشيد“نالو لکيو ويوهو،حالائنڪ اڳ ٻنهي تربتن تي ” عبداللطيف“ نالا لڳل هئا۔ٽکڙ واري شجري ۾ ، شاه عبداللطيف جي ٻين ٻن ڀائرن جا نالا ساڳيا ”عبداللطيف“ ڄاڻايل آهن۔ ”شاه جو رسالو : شاه جو ڪلام، صحفو۔۔ 5“) ٽيون پٽ شاه عبداللطيف به انهي ساڳئي گهر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو۔ هجري سنه مطابق اهو سال 1102 هو،جنهن جي تصديق انهيء روايت مان ٿئي ٿو ته وفات وقت (1165هجري) شاه صاحب جي عمر 63 سال هئي۔ 13 صدي هجري (19 صدي عيسوي) تائين باخبر ۽ ڄاڻو ماڻهون وٽ سال 1102 هجري شاه صاحب جي ولادت جو مڃيل سال هو جو ان وقت جي عالم شاعر سيد غلام محمد ”گدا“ اهوئي سال پنهنجي هيٺين تاريخي مادي واري شعر مان ڪڍيو(لطائف لطيفي صحفو 204): گدا، سال توليد سلطان ” ڀٽ“ شنيدم زهاتف ” عنايت شعار“ 1102۔ شاه عبداللطيف ڪٿي ڄائو ان بابت البت پوئين دور جا لکندڙ صحيح راء قائم ڪري نه سگهيا، ڇاڪاڻ جو هڪ ته سندن ڌيان تي اها ڳاله ويٺل هئي ته شاه صاحب جي امڙ”دياڻي“ خاندان مان هئي،يعنئ ته هالن پراڻن جي هئي، جنهن ڪري شاه جي ولادت به ان طرف ٿيڻ گهرجي ۔البت ٻئي طرف ، مقامي طور تي تي جيڪا پڪي پختي ڳاله هلندڙ هئي سا هيء ته شاه صاحب جي امڙ”ڀٽ“ کان اوڀر طرف ڏيرن فقيرن مان هئي ۽ انهي ڪري ان طرف سندس ولادت جو فطري طور وڌيڪ امڪان هو، پر ” سئي قندر“ لڳ ڏيرن فقيرن جي ڳوٺ جي حوالي ڏيڻ سان،”دياني“ خاندان مان شاه صاحب جي امڙ هجڻ واري نظريي جي نفي پئي ٿي، انهي ڪري اوڀر طرف جا حوالا آندائون: پوء هڪڙن”ڀينء پور“ کي ته ٻين ” هالا حويلي“ :کي شاه جي والادت جو ماڳ ڪري لکيو۔ لونگ فقير مهيسر جنهن جي مزار شادي شهيد لڳ خيرپور ضلعي ۾ آهي ،تنهن جي فقيرن ڪٿان ٻڌو ته شاه عبداللطيف ”ڀين پور“ ۾ ڄائو هو يا اتي چلو ڪڍيو هئائين، سو اتي وڏي مسجد ٺاهيائون۔ مير سانگي پوء ”لطائف لطيفي، صحفو 29“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو ۽ ”ڀئي پور“ (صحيح ڀينء پور) کي شاه صاحب جي ولادت جي جاء ڪري ڄاڻايو۔ ان بعد مولوي دين محمد وفائي به ”لطف اللطيف،ڪراچي 1950ع صحفو 10“ ۾ انهيء ساڳئي ڳاله کي ورجايو۔ٻئي طرف ليلارام وتن مل لالوڻي پنهنجي ڪتاب ۾ ” هالا حويلي“ ( ڀٽ کان 18 ميل ڏکڻ_اوڀر) جو نالو لکيو۔(لالوڻيء جو شاه عبداللطيف بابت انگريزي ۾ لکيل ڪتاب، ڇپيل سنه 1889ع، صحفو 1) پر اهو ڪونه ڄاڻايائين ته ڪهڙي زباني يا شاهدي جي اڌار تي هن اهو نالو لکيو۔ باوجود انهي جي ۔لالوڻي جي پوئلڳي ڪندي گربخشاڻي به ” هالا حويلي“ شاه سائين جي ولادت جي جاء ڪري ڄاڻايو آهي ( گربخشاڻي ،شاه جو رسالو جلد_1 صحفو11)، مرزا قليچ بيگ وري ”ڀينء پور“ ۽ ”هالا حويلي“ ٻنهي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي جو لکيائين ته ”ڀٽائي رح جي ڄمڻ جي جاء ”هالا حويلي“ ۾ هئي جا ”ڀئي پور“ (صحيح ڀينء پور) سان لڳ ڏکڻ_اڀرندي ڪنڊ ڏي هئي۔ جنهن گهر ۾ شاه صاحب ڄائو هو اتي پوء هڪڙي مسجد جوڙائي وئي هئي جا اڃا تائين نصيرواه جي ڪنڌي تي بيٺل آهي۔(مرزا قليچ بيگ: احوال شاه عبداللطيف ڀٽائي۔راقم جو سنوريل ڇاپو۔1392 هجري/ 1972ع،صحفو9) ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ جي مطابق: نصير واه جي حوالي کان سواء مراز صاحب جي ٻي سڄي عبارت خيالي آهي ۽ سرزمين جي ڄاڻ کان سواء لکي ويئي آهي۔ شاه صاحب ساڳئي وقت هالا حويلي ۾ ۽ ڀينء پور لڳ مسجد واري ڳوٺ توليد ٿي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو ڀينء پورکان ” هالا حويلي“ ڪافي پري آهي، ٻيو ته اها ڏکڻ _ اوڀر طرف ڪانهي پر اتر _ اوڀر طرف آهي۔ ”ڀينء پور“ تعلقي حيدرآباد ۾ ۽” هالا حويلي“ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي۔ (شاه جو رسالو،شاه جو ڪلام،صحفو 6،ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)۔ ميين شاه عنايت رضوي، پنهنجي حياتيء جي آخري سالن 1130 هجري_1133 هجري ڌاري (جڏهن شاه عبد اللطيف رح به ٽيهن سالن کن جو هو، ۽ ماڻهن توڙي ميين شاه عنايت وٽ سندس عزت هئي) وڏيري ڏهيسر پليجي تي ڏمرجي هيٺيون بيت چيو، جنهن ۾ رخ بدلائيندڙ درياء کي خطاب ڪندي هالا حويلي کي بد دعا ڏنائين ته واريء ۾ لٽجي پورجي وڃي: ڳاهڪي کي ڳَڙ ڪري پليجاڻي پاء واري جا ولايت جي هالا حويلي لاء۔ (((”””شاه عبد اللطيف جي ميين شاه عنايت سان محبت هئي، جيڪڏهن شاه عبد اللطيف هالا حويلي ۾ ڄائو هجي ها ته اها ڳاله ميين شاه عنات کان ڳجهي ڪانه رهي ها ( جو هالا حويلي نصرپور کان فقط چار ميل پري هئي) ۽ پاراتي ۾ ان جو نالو نه آڻي ها ،مٿين بيت لاء ڏسو ”ميين شاه عنايت جو ڪلام ، مقدمو صحفو 35: لطائف لطيفي ،صحفو 164۔““““)))__________________ (مٿيون اقتباس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل شاه جو رسالو: شاه جو ڪلام، صحفي 6، مان ورتو ويو آهي) سنه 1958ع ۽ 1959ع ۾ ان بعد 1974ع ۾ ۽وري سنه 1976ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ” سئي قندر“ واري ماڳ توڙي ” گنباٽ“ لڳ ڳوٺن ۾ وڃي پڇائون ڪيون ته ان جي سامهون هڪ روايت اها بيان ڪيائون ته شاه حبيب ڪئي سال ” سئي قندر“ واري مقام لڳ اوله طرف واري ڳوٺڙي ۾ پنهنجي حويليء رهيو، ۽ جڏهن اتان لڏيو ته پوء ڪوٽڙي ويو۔ ٻي روايت جيڪا پوئين دور جي مصنفن جي لکتن کان متاثر ٿي بيان ڪئي ويئي ساء هي ته : ڇاڪاڻ جو پهريان ٻارڙا ڪين بچيا، انهي ڪري جڏهن شاه عبداللطيف پيٽ ۾ ٿيو ته شاه حبيب ماڱ مٽايو ۽ اتان لڏي ويو۔ ڊاڪٽر نبي بخش جي بقول اهو دليل ايڏو وزندار ڪونهي ڇاڪاڻ جو شاه حبيب پختي ارادي ۽ وڏي توڪل وارو بزرگ هو، جو باوجود پهرين ٻن ٻارن جي فوت ٿي وڃڻ جي به ٽيئن ٻار جو نالو عبداللطيف رکيائين، ته پوء وهم ۽ وسوسي ۾ اچي هن ڪيئن پنهنجو گهر ڇڏيو هوندو ۽ ماڳ مٽايو هوندو! ڊاڪٽر نبي بخش خان وڌيڪ لکيو آهي ته: جيئن ته شاه حبيب جي گهرواري جاء توڙي پهرين ٻن ٻارن جي ولادت ۽ وفات بابت مقامي طور پڪيون پختيون شاهديون توڙي پڪا پختا آثار موجود آهن، انهيء ڪري پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ٽيون ٻار” عبداللطيف“(شاه عبداللطيف) پڻ اتي ئي ان ساڳئي گهر ۾ ڄائو۔ٿي سگهي ٿو ته ٻارڙي جي خير سان صحيح سلامت ولادت بعد، سندس صحت عافيت ۽ دوادرمل خاطر شاه حبيب ڪي ڏينهن وڃي ڪنهن ٻئي جاء تي رهيو هجي، پر اهڙي گمان موجب پڻ سندس ”ڀين پور“ وڃڻ وڌيڪ مناسب نظر اچي ٿو جو اتي جا ڪي سما فقير غالبن سندس مريد ۽ متقعد هئا،جن مان ميان اسماعيل فقير سمو پوء شاه عبداللطيف جو خليفو ٿيو۔بهرحال جيڪڏهن اتي شاه حبيب جو رهڻ ٿيو ته به ٿوري وقت لاء ٿيو جو ه وري پنهنجي حويلي ۾ موٽي آيو۔(شاه جو رسالو:شاه جو ڪلام،صحفو 7،ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ لطائف لطيفي، فارسي متن صحفو 169) شاه عبداللطيف جي ولادت جي تاريخ ڪٿي به لکيل ڪانهي۔ پر جيڪڏهن مهيني صفر سنه 1165 هجري ۾ وفات وقت سندس عمر ٽيهٽ سال هئي ته پوء قمري سالن جي حساب سان سندس ولادت1102 هجري جي صفر مهيني جي 14 تاريخ ڌاري يا ڪي ڏينهن اڳ پوء ٿي هوندي۔ ولادت کان اڳ سندس ٻه همنام سڳا ڀائر فوت ٿي چڪا هئا:هي ٽيون لطيف هو جيڪو وڃي بچيوء هو ،جنهن مان سندس والدين جي خوشيء ۽ ساڻس پيار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو۔انهي ڪري ننڍڙو عبداللطيف رح نه فقط ٻالجتيء واري دور ۾ پنهنجي پيء ماء جي محبت ؤ شفقت ۾ نرنو پر اها نعمت وڏي هند ي تائين ساڻس شامل حال رهي۔جنهن سندس شخصيت کي سنواريو ۽ اجاريو۔ٻالجتيء ۾ ٻيو جيڪو ٻارسندس ويجهو ساٿي هو،سو هو سندس ماسات محمد عالم ڏيرو جنهن سان هو کيڏيو ۽ خوش ٿيو۔ ٻارڻي واري هن دور ۾ ۔شاه عبداللطيف رح جي اٿڻ ويهڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو مرڪز سندس پنهنجي گهر وارو ڳوٺڙو هو،پر ان ج دائرو البت گنباٽ واري جوء تائين وسيع هو۔ ان وقت ننڍڙي شاه عبداللطيف رح جي اچ وڃ سندس والده جي ڀيڻ ۽ ٻين عزيزن جي گهرن تائين، يعنئ گنباٽ واري تر ۾ ” گنباٽ“ هڪ وڏي ايراضي جونالو هو۔ موجده صورت حال موجب،اها ايراضي شهدادپور ۽ ٽنڍي آدم جي وچ ۾ ريلوي لائين کان اوله طرف ويندي وڏي واه سکر بئراج تائين۔اتر ۾ ”ملدسي“ ۽ ”گولي پير“تائين ۽ ڏکڻ ۾ ڳوٺ ”مَلي مکڻ “ تائين هئي۔ سمن جي دور کان وٺي هي هڪ وڏي آباد ايراضي هئي۔ ترخانن جي دور ۾ هيء ايراضي شاه قاسم بيگلار جي جاگير ۾ هئي، جنهن هتي گنبات وارو قلعو ٺهرايو جنهن جا آثار ” مٺن فقيرڏيري“ جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي اوله طرف ويندي 1976ع تائين موجود هئا،جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاڻ به ڏٺا هئا جن جو ذڪر هن شاه جي رسالو: شاه جي ڪلام جي صحفي 7 ۾ ڪيو آهي۔ نتيجي طور شاه عبداللطيف رح ٻالجتي واري دور ۾ ،ڏيرن فقيرن جي قبيلي واري نج سنڌي ٻولي ، جيڪا سندس مادري ٻولي پڻ هئي، ذهن تي نقش ڪئي ۽ اها ٻولي هنن جي زبان تي چڙهي ۽ اڳتي هلي سنڌي ٻولي تي سندس ڪلي طور دسترس ۽ ڪمال لاء پيش خيمو بني۔ننڍپڻ واري مڪتبي تعليم بعد،بلوغت توڙي نوجواني واري دور تائين شاه عبداللطيف جي تربيت پنهنجي والد شاه حبيب جي شفقت ۽ هدايت هيٺ ٿي۔ هو هميشه گڏوگڏ هئا: اهڙو جو ڄڻ هڪٻئي جا رفيق هئا۔ شاه حبيب پاڻ پڙهيل هو ۽ دعا خاطر تعويذ لکي ڏيندو هو۔بعضي هو حال واري بيت پڻ چوندو هو۔ عالمن ۽ عارفن جو صحبتي هو ۽ خود پنهنجي وقت ۾ وڏو فيض وارو عابد، زاهده۔ مير علي شير قانع کيس” ڪريمي سلسلي جو ناميارو بزرگ، ۽ جد ۽ حال وارو ڪرامتن جو صاحب “ سڏيوآهي۔ (مقالات الشعره، صحفو357۔) سندس تاڪيد ۽ سعيو توڙي سندس نظر فيض اثر جو سايو، ٻئي سڪليڌي عبداللطيف رح سان شامل حال رهيا۔ٻئي طرف خود نوجوان شاه عبداللطيف رح ۾ پاڻ پنهنجو سوچڻ ۽ اخلاقي ۽ روحاني منزلن ماڻڻ جو ذوق ۽ جذبو موجزن ٿيو۔شاه حبيب ڪوٽڙي ۾ لڏي آيو ۽ نوجان شاه عبداللطيف رح جي ڏسڻ وائسڻ جو دائرو اتر طرفان هالن کان وٺي هيٺ لاڙ ۾ بلڙي تائين ۽ اولهھ طرفان ڪوٽڙي واري علائقي کان وٺي اوڀر ڏانهن ڀٽ ۽ گنباٽ تائين ۽ اتان کان ڏکڻ ڏانهن نصرپور تائين وسيع ٿيو۔شاه حبيب هاڻي پنهنجي سعادتمند فرزند کي پنهنجي صحبت ۽ رفاقت ۾ رکي سڄو توجه سندس تربيت تي ڏنو ته جيئن هو ذهني، اخلاقي ۽ روحاني طور اعلئ درجي کي پهچي۔ کيس هميشه پاڻ سان گڏ پئي رکيائين ۽ جتي پئي ويواتي وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ پئي وهاريائين۔ کيس وٺي اباڻي ماڳ مٽياري ۽ خاص طرح وڏي ڏاڏي ميين شاه ڪريم جي آخري آرامگاه تائين پاڻ سان گڏ نيائين ۽ پڻ شاه ڪريم جي فقيرن سان ملايائين: ٻئي طرف ميين شاه عنات سان ملڻ لاء کيس شاهپور_ نصرپور تائين گهمائين۔ اهڙي طرح بلوغت ڏانهن اسرندڙ،سالم طبع ۽ ذهين لطيف پنهنجي والد سان گڏ انهن سفرن ۽ صحبتن مان گهڻو ڪجه پرايو ۽ سندس ڏسڻ جو دائرو تمام گهڻو وسيع ٿئي ويو۔، جنهن جو مثال شاه عبد اللطيف رح جي بيتن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو۔ شاه عبداللطيف رح جن جي سونح حيات اسان مختلف ڏاهن جي شاه سائين جي باري ۾ لکيل ڪتابن مان رهنمائي حاصل ڪري،هت پيش ڪرڻ جي جسارت ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪا غلطي ٿئي وئي هجي ته معاف ڪندا۽ ان جي نشاهندي به ڪندا۔
ميمڻ صاحب۔ شاه عبدالطيف رح جن جا بيت ته اسان ننڍي هوندي کان پڙهندا، ٻڌيندا آيا آهيونانهن جي ظاهري ۽ باطني معنئ سان گڏ۔ پر شاه صاحب جن ٻلڪپڻ، پيدائش جي جاء ۽ ذهني نشونما جي باري ۾ اسان کي بلڪل به خبر نه هئي۔ توهان جي موجود ليک ته شاه سائين جي سونح حيات کان اسان کي واقف ڪري ڇڏي۔ ڏاڍي محنت سان لکيل اوهانجو ليک هن فورم جي اثاثن مان آهي ۽ هر ميمبر کي پڙهڻ گهرجي خاص ڪري شاگردن کي۔۔ توهان کي جس هجي۔
ڀٽائي سرڪار جي عرس جي مناسبت سان تمام سهڻي شيئرنگ ۔۔۔۔ لطيف سائين جو پيغام سچ ته انمول پيغام آهي۔ جنهن ۾ محبت ۽ جدوجهد جو درس ملي ٿو۔
محترم سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب اوهان جا لکين قرب جو اهڙي ونڊڪئي آهي جو لون لون واسجي ويو ڪالهه تائين مان به ٿورو مصروف هيس، اڄ سوچيم ته لطيف سرڪار بابت ڪو مضمون پڙهجي ڇو ته مون اهو پئي سمجهيو ته لطيف سرڪار جي عرس گذرڻ باوجود اسان جي اڱڻ جي سڄاڻن اڃا تائين ڪو ليک ونڊ ئي نه ڪيو آهي، پر جڏهن ڳولها ڪيم ته اوهان جو هي مضمون اکين اڳيان گذريو، تمام سهڻي ۽ سولي ۽ وسيع معلومات ونڊ ڪري اسان جي علم ۽ شعور ۾ اضافي جو سبب بڻيا آهيو، الله پاڪ کان دعا آهي ته اوهان اهڙي ريت اسان اٻوجهن جي عقل، علم ۽ فهم ۾ واڌارو ڪندا رهو ۽ اسين اوهان جي علمي ۽ تحقيقي پورهئي مان لاڀ حايل ڪندا رهون۔ شل جُڙيا هجو۔ آمين
سائين مانوارا اسلام عليڪم ! شاه عبداللطيف ڀٽائي رح کي تمام سهڻي ڀيٽا پيش ڪئي اٿو ۔ مضمون نهايت تحقيقي ۽ ڪافي محنت طلب هو جنهن کي اوهان احسن نوني سرانجام ڏنو آهي ۽ اوهان جي اهڙين ڪاوشن مان ڀٽائي رح جن سان والهانه محبت ۽ عقيدت پڻ نظر اچي ٿي ۔ اسان کي قوي اميد آهي ته اوهان وقت سر شاه صاحب رح جن تي پنهنجا قيمتي ۽ معلوماتي مضمون اسان سان شئير ڪندا رهندا ۔ جزاڪم الله !