اڄوڪي ڏينهن 30 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون جنم ڏينهن: 30 ڊسمبر 1884ع مذهبي اسڪالر مولانا مولانا عبدالڪريم مگسي جي پيدائش ٿي. 30 ڊسمبر 1920ع شاعر، صحافي ۽ ليکڪ غلام محمد گرامي جي ميهڙ ۾ پيدائش ٿي. 30 ڊسمبر 1939ع شاعر غلام سرور حاذق جو جنم ڏينهن آهي. 30 ڊسمبر 1942ع شاعر محمد بخش نياز جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 ڊسمبر 1800ع بزرگ پير قائم الدين قلندر بڪيرائي جي وفات ٿي. 30 ڊسمبر 1965ع اسڪالر ۽ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جي ديهانت ٿي. 30 ڊسمبر 1969ع شاعر احمد خان گلزار جي وفات ٿي. 30 ڊسمبر 1988ع صحافي ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد يعقوب جتوئي جو انتقال ٿيو. 30 ڊسمبر 2020ع نظم جو خوبصورت شاعر پارس حميد لاڌڏاڻو ڪري ويو. اڄوڪي ڏينهن 30 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا حواله: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ روزانه ڪاوش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام