• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ديس جي ڌرتي

شيرين

سينيئر رڪن
سنڌ ديس جي ڌرتي
سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان
مٽي ماٿي لايان
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا بيت به تنهنجا ڀانيان
جيءُ جيءَ جيجل جيءُ جيءُ جيجل توکان ڪيئن لنوايان
مٽي ماٿي لايان
سارا سڏ پڙاڏا تنهنجا وائيءَ ۾ ورنايان
سر سر ڄڻ ساوڻ ۾ سنڌ لهر لهر لهڪايان
رم جهم رم جهم راڳ انهن سان ٿي بر باغ بڻايان
مٽي ماٿي لايان
ڪالهه مليران مهڪ اٿي جا نگر نگر ڦهلايان
ڏٿ به تنهنجو ڏيهه به تنهنجو مارو شال ملايان
تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان
مٽي ماٿي لايان
اياز امر شيخ
 
هر ساڃاهه وند سنڌي جي خواهش۔۔۔
تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان
مٽي ماٿي لايان
 
Back
Top