جيڪڏهن اسان جو رحمان ۽ رحيم هستي جي وجود تي يقين ڪونهي ته پوءِ لامحاله اسانجي سوچ اها هوندي ته موت اسان جي هستي کي مٽائي، اسان کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندي. ڄمندي ئي، انسان جي موت ۽ ان سان لاڳاپيل مرض ۽ پيڙا سان هڪ ويڙه، هڪ راند، شروع ٿي ٿئي. زندگي موت کان بچڻ جي هڪ مسلسل جدوجهد ٿي بڻجي وڃي جنهن ۾ آخرڪار فتح موت جي ٿئي ٿي. سوال رڳو اهو آهي ته ڪڏهن؟ اهڙي سوچ جي صورت ۾ هر گذرندڙ گھڙي اسان کي زندگي مٿان موت جي يقيني فتح جي ياد ٿي ڏياري ۽ اسان کي ان جي اڃا به وڌيڪ ويجھو ٿي آڻي. ته پوءِ هر ايندڙ نئون سال، هر ايندڙ نئون پل، موت جي فتح جي نويد ٿو سڻائي. تنهن ۾ خوشي ۽ شادمانن جي ڪهڙي ڳالھ آهي؟ نئين سال جي آمد جا سڀ شادمانا، هل هنگاما، هنبوڇيون حقيقت ۾ اهڙي سوچ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ لاشعوري احساس نااميدي کي ٻوڙڻ جون ڪوششون آهن، بلڪل ايئن جيئن نااميد انسان پنهنجي غم کي مٽائڻ لاءِ شراب، نشه آور شين وغيره جو سهارو وٺندو آهي. نئين سال جي اصل خوشي ته انهن لاءِ آهي جيڪي رحمان ۽ رحيم هستي جي وجود ۾ يقين رکن ٿا ۽ احساس اٿن ته هو وٽانئن آيا آهن ۽ ڏانهس ئي سندن موٽ آهي. پوءِ زندگي، موت ۽ ان کان پوءِ جيڪو ڪجھ به ٿيڻو آهي سي سڀ مرحلا آهن ان سفر جا جيڪو هر گھڙي اسان کي پنهنجي منزل، پنهنجي اصل ڏانهن ورائي ٿو ۽ ويجھو ٿو ڪري. اهڙي سوچ ئي هر گذرندڙ سال ۽ هر گذرندڙ پل سان خوشي، وصل ۽ موٽ جو پيغام آڻي ٿي. سڀني دوستن کي نئون سال مبارڪ عبدالماجد ڀرڳڙي www.bhurgri.com
مايوس ماڻهو ئي موت کان ڊڄندو آهي، بقول اوهان جي ته جنهن جو سهڻي الله جي پاڪ ذات تي اڻ ڳڻيو ويساهه آهي ته پو اهو هر ايندڙ ڏينهن کي موت جي هنج ۾ ياد ڪندي ئي گذاري ٿو ان آس تي ته شل هي موت به هڪ سهڻي حقيقت آهي جنهن وسيلي ئي پنهنجي پالڻهار جو ديدار ئي پلئه پوندو۔ ۽ موت کي ياد ڪرڻ سان مورڳو دنيا جي چاهت اندر منجهان ڌوپجي صاف ٿي ويندي ڇو ته موت کي ياد ڪرڻ وارو زندگي کي محض فنا ٿو سمجهي اصل بقا ته موت کان پو محشر جي حساب ڪتاب ٿيڻ کان پو ئي شروع ٿيندي۔ بس جنهن ان حقيقت کي پرکيو ان ئي بقا ماڻي ۽ اهو ئي زندگي ۾ به خوش ۽ ّخرم رهي ٿو ان لا ئي نئين سال جا شادمانا آهن۔ باقي سڀ ته پنهنجي حياتي جي کسجي وڃڻ جي ڊپ منجهان اهو ڪجهه ڪري ظاهر ڪندا آهن ته اسين زندهه رهڻا آهيون۔