جڏهن نيهن جا رشتا ٽٽندي ڏٺم،

شيرين

سينيئر رڪن
جڏهن نيهن جا رشتا ٽٽندي ڏٺم،
تڏهن کان زندگي جا ڏينهن کٽندي ڏٺم.
چيم ته پيار وارن سان ڇا جو رسڻ،
قدم هن جا آهستي پوئتي هٽندي ڏٺم.
نه سار لڌائين ته ڪهڙي حال ۾ آهيان.
پر هو الائي ڇو مونکان لڪندي ڏٺم،
پنهنجي وجود ۾ هن کي ايندو ڏسي،
نيڻ سجدا ڪرڻ لئي آزاد جهڪندي ڏٺم
جاويد آزاد.
 
Back
Top