• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه جي باري ۾

شيرين

سينيئر رڪن
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي شريف جو هي نسخو، جيڪو شاهه صاحب جي وڏي ڄاڻو ۽ پارکو، حضرت علامہ آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي ڊگهي عرصي جي جاکوڙ جو نتيجو آهي. ”سنڌي ادبي بورڊ“، اول 1961ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو وري 1986ع ۾ ڇپيو هو. رسالي جي هن متن جي منفرد سهيڙ ۽ افاديت جي ڪري، عام پڙهندڙن، طالبن توڙي تحقيق ڪرڻ وارن پاران، ان جي وقت بوقت طلب ٿيندي ٿي رهي. ان ڪري هي ٽيون ڇاپو، شاهه سائينءَ جي ٻه سؤ اُڻونجاهين سالگرهه جي موقعي تي پڌرو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون. اُميد ته اسان جي اها پيشڪش قبول پوندي
 
Back
Top