You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
سنڌي ٻالڪ
مونکي پيارا سنڌي ٻالڪ
جيءَ جيارا سنڌي ٻالڪ.
تارن وانگي چمڪن پياسي
چنڊ ستارا سنڌي ٻالڪ
لاڙ اتر ۽ ڪاڇي توڙي
ٿر جا پيارا سنڌي ٻالڪ
سنڌ امڙ جا سورهيه بڻيا
سنڌ جا سارا سنڌي ٻالڪ
آڻيندا سي انقلاب جڳ ۾
فتح جا اشارا سنڌي ٻالڪ
مشتاق احمد