شام شوخيءَ جي رنگن سان ڏينهن ڏياريءَ جو هئو،ڇا ته مُرڪن ساڻ مهڪيل چهرو پياريءَ جو هئو.رت بسنتيءَ ۾ ٽڙيل ڄڻ ڪا ڪلي ڪچنار جي،ڇا ته گل ڇاتيءَ مٿي جوڀن جي ٽاريءَ جو هئو.آس جي آڪاس ۾ تارا خوشيءَ جا پيا ٽڙي،پئي نگاهن نينهن ارپيو پل بهاريءَ جو هُئو.ڳاءَ موهن ميگهه برسي ٻاٻيهن جي آ صدا،پياس مان پيو روح تڙپي ٿي جي واريءَ جو هُئو.چاهتن جي چنڊ سان ڪيئن چاڳ چُمين جا هُئا،عشق ونڊيل اڱرين سان چڳ ڪاريءَ جو هُئو.مُحبتون ساريون مئل ڪتبا اُڀا احساس جا،هانوَ ۾ جو ڀي هُريو سو درد ياريءِ جو هئو.شيخ اياز