شيرين
سينيئر رڪن
غزل
هندو هجين يا هجين مسلمان،
سڀ کان پهريون پر ٿي انسان.
فيحض هجين يا هجين ٻلوان،
ڪين ڪڏهن تون ٿجان شيطان.
تون نرڌن يا سڏجين ڌنوان،
ماڻهو پر تون بڻجا مهان.
داناءُ هجين يا تون نادان،
مهمان کي سمجهه پنهنجو ڀڳوان.
عام هجين يا سڏجين پرڌان،
اوچو رکجا ملڪ جو شان.
مونکي علم سمت ڏي ڀڳوان،
ته پائي سگهان ڪو آتم گيان.
دليپ ٽيڪچنداڻي ساز