• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گليڪسي 4 جو خيالي ماڊل...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
60024_217600728375728_1445348647_n.jpg
سامسنگ طرفان گليڪسي4 جي تشهير کي گذريل سال کان ايترو تشيهر ڏني پئي وڃي جو ڀلا سيٽ رکندڙ ۽ مٽائيندڙ منتظر آهي ته آئي فون جي ڪاپي تي سزا مليل سامسنگ ڪمپني آخر اهڙو ڪهڙو سيٽ لانچ پئي ڪري جو آئي فون کي اچي پريشاني وڪوڙيو آهي۔۔۔
آخر آئي فون 5 جي سيپٽمبر 2012 ۾ اچڻ کانپوءِ سامسنگ به پنهنجو گليڪسي ايس4 اپريل 2013 ۾ رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ئي ڇڏيو۔۔۔ ان سيٽ جو انتظار مارڪيٽ ۾ وڏي شدت سان ڪيو پيو وڃي۔۔۔ هتي دوستن جي دلچسپي خاطر گليڪسي ايس 4 جو خيالي ماڊل وڊيو جي صورت ۾ ڏيکارجي ٿو۔۔۔ متان نئين سيٽ جي ڳولا ڪندڙ اسان جو دوست عبدالحفيظ لغاري کي هي سيٽ پسند اچي وڃي۔۔۔

 
واهه سائين واهه۔ سيٽ ته صفا واسينگ لڳو پيو آهي۔ اصل ڦڻ ڪڍيو بيٺو آهي۔​
پر وڏا اسان اڃان 3 ئي ڪونهي ڏٺو۔ سو هي ڪٿي ٿا ڏسي/ سمجهي/ وٺي سگهون؟ باقي جي اهو فيچر آيو ته اصل واهه۔ لائيٽ پوندي ته ڪي بورڊ جو ڏيک ڏيندي ۽ اوهان ٽائيپ شروع ڪريو۔ مون کي ته لڳي ٿو شوقي اکاءِ ڪٿي ڪٿي نرم ملائم ڄڳهن تي اها روشني هاري نرم کان نرم ترين ٽچ پئڊ ٺاهڻ جو مزو وٺندا۔​
بهرحال سيٽ جو خيالي تصور ايترو ڀلو آهي جيترو هن وقت طاهر القادري کي نگران وزيراعظم جي ڪرسي جو به نه هوندو۔​

 
ادا سليمان وساڻ بلڪل صحيح پيا چئو۔ خبر خود جي به نه آهي ته مٿان ايڏو مهانگو سيٽ ڪٿي ٿو سنڀالجي وري مٿان ڪير اچي ڪڙڪي ته هزارن جو سيٽ هٿو هٿ کپي وڃي ۔
 
Back
Top