• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مدح نامه سنڌ

رحيم بخش

ايڊيٽر
سائين هي هڪ ڪتاب جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله تعالي جي تصنيف آهي ليڪن حضرت علامه صاحب جن جي تصنيف فارسي ۾ آهي ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي منهنجي استاد حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب جن هن ڪتاب ۾ هڪ پٺاڻ سنڌين کي گهٽ سمجهي ڪجهه پٺاڻڪي ڪئي حضرت علامه مخدوم محمد هاشم جيڪو سنڌ جي عالمن جو سرتاج ٿي ؓگذريو آهي ان پٺاڻ جي ڳالهه جو جواب لاجواب ڏنو آهي دوستن جي پڙهڻ وٽان آهي ته حاضر آهي ان کي ڊائون لوڊ به ڪري سگهو ٿا ۽ اتي پڙهي به سگهو ٿا.

[SCRIBD] 21610280&access_key=key-2507p48a0bye6uw2hd2j&page=1&version=1&viewMode=list [/SCRIBD][/QUOTE]
 
ادا رحيم بخش، اوهانجا لک لائق جو اهڙو سهڻو ڪتاب ونڊ ڪيو اٿو ... هن تاريخي ڪتاب جي اهميت ۽ ان ۾ قومي جذبي جو اظهار اسان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن لئه هڪ بيمثال تحفو آهي ... اميد ته دوست پاڻ به پڙهندا ۽ ٻين دوستن سان به ڪارائتيون ڳالهيون ونڊ ڪندا ...

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا
 
ادا رحيم بخش السلام عليڪم: توهان جي هن ونڊ جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي۔۔۔۔۔۔مدح نامون سنڌ ترجمون ٿيل ڪافي اڳ ڪنهن دوست جي تعاون سان مون گنهگار جي نظرن مان گُذريو هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هتي توهان اهو ڪتاب شيئر ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان قومي ڪم تي توهان يقينن لکين کيرون لهڻو۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي مٺي سنڌ ۾ اڃان توهان جهڙا سنڌي جوڌا آهن جيڪي پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهن ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هُو پنهنجي نئين نسل کي جيڪي ڪتاب ۽ ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي وساري ويٺا آهن انهن ۾ نئون روح ڦوڪين پيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڏي ڳالهه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي پڻ فخر آهي ته اسان جي محبتي اڱڻ تي توهان جهڙا علم ۽ فهم جهڙي ڏات ۽ ڏانءُ سان ڀرپور سنڌي سپوت موجود آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک ٿورا توهان جا
 
جواب: مدح نامه سنڌ

السلام عليڪم ادا رحيم بخش صاحب۔۔۔
ادا تمام بهترين ڪتاب توهان پيش ڪيو آهي۔۔۔ پر ادا ڇا هي ڪتاب (پي ڊي ايف) فارميٽ ۾ ملندو۔۔۔ته جيئن اسان پرنٽ ڪري پڙهي سگهون ۽ پاڻ وٽ محفوظ ڪري سؓگهون۔
 
جواب: مدح نامه سنڌ

سائين غلام حيدر اهو پي ڊي ايف فارميٽ ۾ ئي آهي توهان سڪرائبڊ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا
 
جواب: مدح نامه سنڌ

سائين غلام حيدر اهو پي ڊي ايف فارميٽ ۾ ئي آهي توهان سڪرائبڊ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا

سائين آءُ اسڪرائيبڊ واري پيج تي اچان ٿو پوءِ پنهنجي فيس بوڪ اڪائونٽ ۾ به لاگن ٿيان ٿو پر ڪٿي به ڊاونلوڊ جو آپشن نظر نه ٿو اچي رهنمائي ڪندا
مهرباني
 
جواب: مدح نامه سنڌ

سائين آءُ اسڪرائيبڊ واري پيج تي اچان ٿو پوءِ پنهنجي فيس بوڪ اڪائونٽ ۾ به لاگن ٿيان ٿو پر ڪٿي به ڊاونلوڊ جو آپشن نظر نه ٿو اچي رهنمائي ڪندا
مهرباني

ادا طاهر سنڌي پهريان اوهان سڪرائيبڊ جي سائيٽ تي پنهنجو اڪائونٽ کولرايو پو ڪوشش ڪري ڏسو شايد اوهان جو مسئلو حل ٿي وڃي۔۔۔۔۔

ٻي صورت ۾ فقير ڦلپوٽي ۽ سائين مست کي عرض ٿا ڪريون ته اوهان جي انهي مسئلي جو حل ڪڍي وٺن

سائين مولوي رحيم بخش صاحب لک ٿورائتا آهيون اوهان جا۔۔۔۔۔ اهڙو ناياب ڪتاب هتي ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔ مهرباني قبلا
 
جواب: مدح نامه سنڌ

سائين بهترين ونڊ آهي، مان ان کي ڊائون لوڊ ڪري رکي ڇڏيو آهي
 
جواب: مدح نامه سنڌ

سائين رحيم بخش صاحب اوهان جا قرب۔ هيڏي سٺي شيئرنگ ڪرڻ تي اسان اوهان جا احسانمند آهيون۔
 
Back
Top