شيرين
سينيئر رڪن
زندگيءِ کي زندگيءَ جي، هر ادا ماري ڇڏيو،
آدميءِ کر آدميءَ جي، قضا ماري ڇڏيو،
ڀاڳ ڪهڙو آدميءُ جو، ٿو لکي ڪاتب انڌو،
هان غريبن کي جهان ۾، خود خدا ماري ڇڏيو.
ڪا وفاداري نه ملندي، پڻ حسينن مان ڪڏهين،
عشق وارن کي حسن جي، هر دغا ماري ڇڏيو.
ڌرم ۽ مذهب جي ڪيڏي، آ فضا ۾ گندگي،
ڪن سياسين جي سياست،جي خطا ماري ڇڏيو.
هر ظلم نازل ٿئي ٿو، بيوجا ڪاهل مٿان،
ڪيئن نه تن کي وقت ظالم، ناخدا ماري ڇڏيو.
واسنا جي ڄر ۾ ڄلڪي، ڪيئن نه ٿيون ڦٿڪي مرن،
پيٽ جي بک هاءِ عصمت، کي جدا مري ڇڏيو.
منهن تي مسڪا لڳن ٿا،پر پٺيان هردم گلا،
دوستيءَ کي دوستن جي، هر نندا ماري ڇڏيو.
ٿا وڃن ڪاشي ۽ مٿرا، پڻ مديني حج به ڪن،
آدمين کي آدمين جي، بد دعا ماري ڇڏيو.
ڪيئن ڀلايون وطن سنڌڙي، هو اباڻن جو اجهو،
هاءِ سنڌين کي سياست، جي سزا ماري ڇڏيو.