سنڌ مشهور ليکڪ شاعر ڊاڪٽر زوالفقار سيال جي شاعري جي ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا جي حيدرآباد ۾ مهورت

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ مشهور ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا جي مهورت سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد پاران سنڌي لينگويج اٿارٽي هال حيدرآباد ۾ ٿي گُذري جنهن جي صدارتي پينل ۾ مانوارو سنڌي ليکڪ محترم تاج بلوچ، لاهور پنجاب کان ڪهي آيل ليکڪه رخشنده نويد، آپا مهرالنساءِ لاڙڪ، نياز پنهور هُئا. جڏهن ته ٻيا کوڙ سارا اديب ليکڪ ڏات دڻي سول سوسائٽي جا ڪافي خواتين ۽ حضرات هن ۾ شريڪ ٿيا..
    دوستن کي سُڌُ ڏيندو هلان ته هن ڪتاب جي تصويري مهورت جي ڪوريج سنڌ سلامت جي ڊاٽ ڪام پاران ڪئي وئي آهي ۽ شايد ان کانپوءِ نثاراحمد ناز هاڻي ڪنهن به ادبي سماجي ۽ سياسي تقريب جي تصويري ڪوريج ڪڏهن به ڪونه ڪندو، مجبوري آهي.. هتي اسان جي سنڌي ادبي سماجي ۽ سياسي تقريبات جي تصويري ڪوريج ۽ شيئرنگ ڪرڻ جو منهنجو مقصد صرف اهو هوندو هو ته اهي اسان جا سنڌي ڀائر يا ڀينرون پنهنجي روزگار، پنهنجي پڙهائي جي سلسلي يا ڪنهن ٻي سبب جي ڪري مُلڪ کان ٻاهر يا سنڌ ۾ پروگرام واري هنڌ کان ڪافي پري رهندڙ سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون انهن ادبي ، سماجي، شو بز وران پروگرام ۾ شريڪ ٿي نه ٿا سگهن انهن سمورن سنڌين کي فائدو ڏئي کين پاڻ سان گڏ شامل ڪري انهي پروگرامن ۾ تصويري ڪوريج ذريعي سئو فيصد شامل ڪري سگهجي. انهن کي ائين محسوس ٿئي جو هو هنن پروگرامن ۾ پاڻ ذاتي طور شريڪ آهن پر منهنجي انهي قومي ڪم کي به ڪافي دوست ناپسند ڪن ٿا. ۽ جڏهن مان عمر جي هن 53 هين سال ۾ سفر جون تڪليفون سهي انهن سمورن خوبصورت پروگرامن جي فوٽو گرافي سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري يا هٿي وٺائڻ لاءِ ئي ڪندو آهيان ته انهن پروگرامن ۾ تصويري ڪوريج ڪرڻ دوران ڪُجهه ماڻهو مون سان انتهائي بدتميزي سان پيش ايندا آهن. خير مونکي خود ڏُک پيو ٿئي ته منهنجا سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون هاڻي منهنجي تصويري ڪوريج کي ڪڏهن ڪونه ڏسي سگهندا. دوستو جيجل سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان منهنجو اُڻٽُٽ رشتو آهي تصويري ڪوريج به منهنجي ڌرتيءَ سان عشق جو هڪڙو عملي اظهار جو نمونو هوندو هو پر پر پر ....... .!!! مونکي اميد آهي ته منهنجا دوست منهنجي هن قومي ڪم کي تياڳڻ تي مونکي معاف ڪري ڇڏيندا. الله توهان کي سلامت رکي ، شال آباد هُجو آمين ثم آمين.
    رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز سنڌ سلامت جو جهونو (سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان) سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ 30 ڊسمبر 2012 رات جا 11.
    پيش آهن هي منهنجي هن تصويري ڪوريج جو فائنل تصويرون ڪوشش ڪندس ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيل جي جي ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا جو ڪوريج ٿيل سموريون تصويرون توهان سان ونڊ ڪري ڇڏيان

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    وڌيڪ تصويرون
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي جوائينٽ سيڪريٽري آپا مهرالنسا لاڙڪ سان گڏ بيٺو آهي
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا جي تخليق ڪار سائين ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان گڏ بيٺو آهي
    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جو ليکڪ ڊاڪٽر محمد علي ماڻڪ ميمڻ پنهنجو تخليق ڪيل ڪتاب چنڊ اکين اندر جي اعزازي ڪاپي سنڌ مشهور شاعره ڪتاب عڪس گل جي تخليق ڪاره گل بِي بِي شاهه صاحبه کي ڏئي رهيو آهي
    [​IMG]
    سنڌ مشهور شاعر آغا جان آغا سوڀ اخبار جي شعبي ڏات جي انچارج محترم ساجد سنڌي سان گڏ بيٺو آهي
    [​IMG]
    محترم علي اظهار محترما گل بي بي شاهه ، نثاراحمد ناز ۽ امين لاکو
    [​IMG]
    آپا مهرالنسا لاڙ ڪ سان گڏ اردو ادب جي مشهور شاعره لاهور پنجاب کان ڪهي آيل محترمان رخشنده نويد سان گڏ بيٺي آهي
    [​IMG]
    سنڌ مشهور ليکڪه نسرين الطاف، سنڌ مشهور شاعره رضيه لغاري هڪ ٻي خاتون سنڌي ليکڪه سان ساٿ ساٿ
    [​IMG]
    ٻه سنڌي ليکڪائون
    [​IMG]
    سنڌ جو مشهور اديب محترم قاضي خادم ۽ سانئڻ مهرالنسا لاڙڪ صاحبه
    [​IMG]
    لاهور پنجاب کان ڪهي آيل مشهور شاعره رخشنده نويد سنڌ جي کاهوڙي ليکڪه جنهن ٻِٽي نظام جي خلاف ملندڙ صدارتي ايوارڊ برا حُسن ڪارڪردگي کي ٺوڪر هڻي ٺُڪرائي ڇڏيو محترما آپا مريم مجيدي سان گڏ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته توهان طرفان اهڙا پروگرام اٽينڊ ڪرڻ ۽ انهن جون رپورٽس تيار ڪري پيش ڪرڻ هڪ ٿڪائيندڙ عمل آهي۔۔۔ پر تصوير ڪشي جي هن عمل ۾ توهان جي تيزي ۽ ڦڙتي ۽ بي انتها دلچسپي ڏسي لڳندو هو ته فوٽوگرافي ڪرڻ ۽ اهڙن ادبي ميڙاڪن کي دنيا آڏو آڻڻ توهان جي شروع کان خواهش رهي آهي۔۔۔ ان ڪري ان جي ناڪاري اثرن کان توهان کي آگاهه ڪرڻ بيڪار هيو۔۔۔
    هتي توهان جنهن عذر جي ڳالهه ڪئي آهي اهو توڙي ته ڏکوئندڙ هجڻ سان گڏو گڏ حل ٿيڻ جهڙو آهي۔۔۔ ۽ اهو ته توهان جي هن ڪم کي ڪجهه دوست ناپسند ڪن ٿا جي جواب ۾ اهو ڀرپور جواب موجود آهي ته انهن ٿورن ماڻهن جي مقابلي ۾ گهڻا ماڻهون پسند به ڪن ٿا ۔۔۔ پر پر۔۔۔۔ توهان جي اهڙي فيصلي جي مان مڪمل طور حمايت ڪندم۔۔۔ ان جا سبب رڳو اهي ناهن جيڪي توهان مٿي ٻڌايا آهن ۔۔۔ پر ۔۔۔
    توهان جي اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ پڻ هڪ خرچ ٿيندڙ، ٿڪاوٽ آڻيندڙ ۽ عمر جي 53 ڏاڪي ۾ رفتار جي معيار کان مٿي آهي۔۔۔
    توهان جي تصوير ڪشي ڀلي لڳڻ ۽ رپورٽ جو جامع هجڻ سان دوست پروگرامن ۾ جهڙوڪ شامل ته ٿين ٿا پر توهان دوستن کان ڪوهين پري ٿيندا ٿي ويو۔۔۔
    توهان جي شاعري جيڪا توهان جي سڃاڻپ هجڻ سان گڏ سنڌين ۽ نوجوانن جي جذبن جي هميشه عڪاسي ڪندڙ هئي توهان کان رسندي پئي وئي۔۔۔
    سنڌ سلامت تي نثار ناز جو اچڻ ڪنهن نئين رڪن جي اچڻ برابر ٿيندو ٿي ويو۔۔۔
    ۽ سڀ کان اهم ته توهان جي صحت ۽ توهان جي ڪردار سان گڏ توهان جي شخصيت اهڙن پروگرامن جي تصوير ڪشي سان مطابقت نه پئي رکي۔۔۔

    ان دعا سان ته رب پاڪ توهان کي هميشه ڏکن ۽ صدمن کان پري رکي۔۔۔ اميد ٿي رکجي ته عملي طور اهڙن پروگرامن کان هٽندي هاڻي توهان پنهنجي اولاد، گهر وارن ۽ پنهنجو پاڻ کي وقت ڏيڻ سان گڏ سنڌ سلامت تي موجود پنهنجي کوڙ سارن چاهيندڙن کي به وقت ڏيندا۔۔۔ پنهنجي شاعري ۽ مخاطب ٿيڻ جي ان سريلي انداز کي لفظن جا روپ ڏئي سنڌ سلامت تي انڊلٺي رنگ وکيريندا رهندا۔۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڀائو جادوگر تنهنجي سئو ڳالهين جي هڪڙي ڳالهه ته هاڻي مونکي هڪڙي ڪُنڊ ۾ ويهي الله الله ڪرڻ گهرجي۔ سو دنيا ڏسندي ته جهونو نثار ناز اهڙو آرامي ٿيندو جو ڳولهيندي به ڪنهن کي ڪونه ملندو۔
    هُونه هِن پار آ هُو نه هُن پار آ
    ناز جي ڪا خبر ۽ نڪا چار آ،
    ڪو ته ڳولهي وڃِي ڪِٿِ کُٽا ٿس قدم،
    دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم۔۔۔۔۔!
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جو سهڻو سرجڻهار آهي۔ اوهان جي ڪوريج ۽ رپورٽنگ لاء لک ٿورا۔ مجبوريون ڪهڙيون آهن اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي۔ باقي سائين نثار ماڻهن کي ڇڏيو هو ته الائي ڇا ڇا چوندا وتن۔

    آرام به ڀلي ڪيو ۽ مرضي سان پروگرام ۽ انهن جي رپورٽنگ ڪيو، ڪنهن قيد يا ڪنهن مجبورين کان آزاد ٿي پنهنجي دل جا فيصلا ڪيو ۔۔۔ پر اوهان موجود ضرور هجو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    دوست محمد سليمان وساڻ جون مهربانيون جو کين اسان جي هي رپورٽنگ ۽ تصويرون پسند آيون۔ ادا مجبوري انسان کي لاچار بنائي ڇڏيندي اهي سو مان ڀي ته انسان آهيان ان ڪري لاچاري ڏيکاري اٿم۔ باقي نثارناز کي ماڻهن جي پرواهه ڪانهي مونکي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻي آهي سنڌي ماڻهن مٿان قرب وارڻا آهن سو انشاالله جهونو پنهنجي فرضن کي ڄاڻي ٿو ۽ پنهنجا فرض ضرور نڀائيندو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب ماڻهو اُجرا رستا ميرا واري ڪتاب جي مهورت تي ڳالهائڻ وارا۔
    [​IMG]
    سنڌ ڏاهو محترم تاج بلوچ ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا جي مهورت جي موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊي رهيو آهي
    [​IMG]
    لاهور پنجاب کان ڪهي آيل مشهور اردو شاعره محترما رخشنده نويد صاحبه ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي ڳالهائي رهي آهي
    [​IMG]
    ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا جو تخليق ڪار سائين ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي ڪتاب جي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهي
    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائينٽ سيڪريٽري آپا مهرالنسا لاڙڪ ڪتاب جي باري ۾ ويچار ونڊي رهي آهي
    [​IMG]
    سنڌ مشهور شاعره آپا مريم مجيدي ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا تي ڳالهائي رهي آهي
    [​IMG]
    ڪتاب عڪس گُل جي تخليق ڪاره محترما گل بيبي شاهه ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا تي مقالو پڙهي رهي آهي
    [​IMG]
    سنڌ مشهور ليکڪ محترم جمال ابڙو جي صاحبزادي نالو وسري ويو اٿم ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا واري ڪتاب تي روشني وجهي رهي آهي
    [​IMG]
    محترم نياز پنهور ڪتاب اُجرا ماڻهو رستا ميرا جي مهورت تي ڳالهائي رهيو آهي
    [​IMG]
    سنڌ مشهور ليکڪ سائين انعام شيخ خطاب ڪري رهيو آهي
    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جو سيڪريٽري هن مهورت واري تقريب جو ميزبان امين لاکو مهمانن جي آجيان ڪري رهيو آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو