هڪ ڏينهن ڪاڪو آچار پنهنجي پاڙيسري ولوءَ جي گهر آيو، در کڙڪايائين، ولو نڪتو، ڪاڪي آچار چيس ته ابا منهنجي گهر مهمان آيا آهن سو ٿانوءَ کُٽي پيا آهن، سو رڌ پچاءَ جا ٿانوءَ ڪجهه مڙيوئي ڏي ته هينئر ويلو ڪڍون، شام جو ٿانوءَ ورائي ڏيندم، ولو ٻه ٽي ٿالهيون، هڪ ديڳڙي کڻي آيو، (ڪاڪي آچار تي مڙئي يقين گهٽ هُئس) شام جو وري ڪاڪو آچار ٿانوءَ ورائي ڏيڻ آيو، ولو ڏٺو ته هر ٿانوءَ سان گڏ اهڙو هڪ ٻيو ننڍو ٿانوءُ به هو، پوءِ ڪاڪي آچار کان پڇياسين، ڪاڪا مون ته توکي رڳو وڏا ٿانوءَ ڏنا هُئا، هي وري ننڍڙا گڏ ڇو کڻي آيو آهين۔۔۔؟ ڪاڪي آچار وراڻيو: ابا تو واري ٿانوءَن اهي ٻچا ڏنا آهن۔۔۔۔! ولو اچرج ۾ پئجي ويو عجيب چريو آهي، خير پنهنجو ڇا وڃي، فائدي جي ڳالهه آهه، ٿانءَ مفت ۾ ملن ٿا ته ڀلو آهه۔۔۔ وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪاڪو آچار وٽس ٻيهر ٿانءَ وٺڻ آيو۔ هن ڀيري ولوءَ چڱا ٿانوءَ گڏ ڪري ڏنس۔۔۔ ڪاڪو آچار ويو وري سائين هفتو کن ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو هفتي کان پوءِ ولوءَ کي واٽ ۾ مليو۔ پڇيائينس ڪاڪا ڀلا مون وارا ٿانءَ اڃا موٽائي ڪونه ڏنا اٿئي؟ ڪاڪو آچار : ” ميان! اهي تو وارا ٿانوءَ ته موڪلائي ويا مطلب ته الله کي پيارا ٿي ويا“ ولوءَ چيس: ڪاڪا اهو وري ڪيئن! ٿانوءَ وري ڪيئن مرندا، ساهه وارا ٿورائي آهن جو مري ويندا۔ ڪاڪي آچار چيس : ابا تو وارا ٿانوءَ جيڪڏهن ٻچا ڏئي سگهن ٿا ته ڇا مري ڪونه ٿا سگهن ڇا۔؟؟؟؟ asul matt