سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران، سنڌ سڄڻن کي نئين سال جون نيڪ خواهشون ۽ دعائون قبول پون ... اميد ته هي سال سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ تمام گهڻيون خوشيون ۽ ڪاميابيون کڻي ايندو ...
انشاء الله
محترم نثار ابڙو صاحب۔ توهان کي به نئين سال جون مبارڪون هجن۔ الله پاڪ هن نئين سال ۾ اسان جي پياري ملڪ جي حفاظت فرمائي ، هي جيڪا دهشتگردي جي لهر اسان جي ملڪ ۾ جاري آهي، جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ اسان جي ملڪ جو نالو بدنام ٿئي رهيو آهي۔ الله پاڪ پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان ان دهشتگردي کي ختم ڪري۔ انسان انساني جان جي قدر ڪرڻ لڳي۔ جيڪڏهن ملڪ سلامت آهي ته اسان سڀ حفاظت سان رهنداسين ورنه غلام قومون جو ڇا انجام هوندو آهي ان کان اوهان چڳي طرح واقف آهيو۔