
هي تصوير آهي پنجاب جي شهر پتوڪي جي نوجوان شاهد نظير جي جيڪو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ شهرت جي بلندين تي وڃي پهتو۔۔۔ ڪنهن کي معلوم ئي نه هو ته هو لندن پهچندو ۽ ڪوئنز مارڪيٽ مڇي کپائيندي کپائيندي دنيا ۾ مشهور ٿيڻ شروع ٿي ويندو۔۔۔ هو پنهنجي مالڪ جي دڪان تي مڇي جو هوڪو ڏئي مڇي کپائيندو هو۔۔۔ سندس جو هوڪو ڏيڻ ڀلي پاڪستانين کي سمجهه ۾ ئي نه اچي پر انگريز سندس لب و لهجي تي ڪلاڪ جا ڪلاڪ بيهي ٻڌندا رهندا ۔۔۔ ائين ئي هڪ ڏينهن اتان مشهور ميوزيڪل ڪمپني ”وارنر ميوزڪ“ جو مالڪ جو گذر ٿيو جيڪو سندس آواز کان اهڙو متاثر ٿيو جو کيس ميوزڪ سان اهو هوڪو ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ۽ پوء سندس وڊيو 7 ڊسمبر تي رليز ڪيائين۔۔ ۽ پوءِ بس رڳو ٻن منٽن اندر دنيا ۾ ان وڊيو تهلڪو مچائي ڇڏيو۔۔ ۽ ڏسندي ئي ڏسندي انٽرنيٽ تي اهو گيت مقبول ٿي ويو۔۔
هي آهي وڊيو جنهن ۾ سندس طرفان ڳايل هوڪو سندس دڪان تي۔۔۔
۽ هي آهي سندس آفيشل هوڪو ميوزڪ ۽ ڊانسنگ سان گڏ
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اسان جي ۽ انگريزن جي معاشري ۾ ڪيترو فرق آهي۔۔ جو هڪ عام مزدور کي ترقي جا ڏاڪا طئي ڪرڻ کان اتي ڪير روڪي نه ٿو سگهي۔۔۔ هاڻي اها انگريزن جي بيوقوفي چئجي يا اسان وارن جي ۔۔۔ خير ڪنهن سچ چيو آهي ته ڀاڳن وارن جا گابا به ڍڪا۔۔۔