طاقت ۽ توازن

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مضبوط جسامت جو مالڪ هڪ ڪاٺير هوندو هو.... هڪ ڏينهن هو ڪاٺين تي ڪم ڪندڙ ڪارخاني جي مالڪ سان مليو ۽ نوڪري لاءِ عرض ڪيو....
    مالڪ ڪاٺير جي جسماني مضبوط بناوٽ ڏسي کيس في وڻ 200 روپين جي ڪٽائي جي حساب سان پگهار تي رکيو… ڪاٺير ڏاڍو خوش ٿيو ڇو ته هن کي پنهنجي مضبوط جسم تي تمام گهڻو ناز هو...
    ڪارخاني جي مالڪ ڪاٺير کي هڪ ڪهاڙي ڏني ۽ کيس جهنگ جو اهو ايريا ڏيکاريو جتان وڻن جي ڪٽائي ڪرڻ هئي...
    پهرين ڏينهن ڪاٺير 15 وڻ ڪٽي ڪارخاني جي مالڪ وٽ پهتو...
    مالڪ اهو ڏسي خوش ٿيندي چيو؛ “زبردست..! اهڙي ڪم کي جاري رکج..”
    مالڪ جي اهڙن لفظن کي ٻڌي ڪاٺير ڏاڍو خوش ٿيو... ٻئي ڏينهن ڪاٺير وڌيڪ جوش سان وڻ ڪٽڻ شروع ڪيو پر ان سموري ڏينهن ڪاٺير 10 وڻ ئي ڪٽي سگهيو...
    ٽئين ڏينهن هن وڌيڪ جوش ۽ محنت سان وڻ ڪٽڻ شروع ڪيا پر ڏينهن مڪمل ٿيندي ئي هي صرف 7 وڻ ڪٽي سگهيو.... ۽ اهڙي طرح هر نئين ڏينهن هن جي وڻ ڪٽڻ جو تعداد گهٽجندي ٿي ويو...
    “شايد منهنجي طاقت ڏينهون ڏينهن گهٽبي پئي وڃي” اهو سوچي هي ڪارخاني جي مالڪ ڏانهن ويو ۽ سموري ماجرا ٻڌائيندي کائنس چيائين “ مون کي خبر نه ٿي پوي ته آخر اهو ڇو ٿي رهيو آهي...؟”
    ڪاٺير جي مالڪ کيس چيو.. “تو آخري ڀيرو ڪهاڙي کي ڪڏهن تکو ڪرايو هو...؟”
    ڪاٺير وراڻيو... “ ڪهاڙي کي تکو .... ! نه مون کي ته ايترو وقت ئي نه مليو آهي ... مان ته بس وڌ کان وڌ وڻ ڪٽڻ ۾ رڌل رهيو آهيان.... ”

    سبق؛ اسان مان گهڻا ماڻهون اهڙا هوندا هوندا آهن جيڪي پنهنجي هنر يا اوزارن کي اپڊيٽ نه ڪندا آهن ... اسان سمجهندا آهيون جيڪو ڪجهه اسان سکي سگهيا آهيون ... بس اهو ئي کوڙ آهي.... پر سٺو کي بهترين ڪرڻ ئي بهتر هوندو آهي... پنهنجي تعليم ۽ هنر کي هر وقت تکو رکڻ ئي ڪاميابي جي ضمانت آهي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ٿورن ۽ مختصر لفظن ۾ بي بها نياپا ڏيڻ ۾ ته ادو رشيد ماهر آهي پر اڄ وارو نياپو ته سنڌي قوم لئه انتهائي لازم ۽ اڻٽر آهي جو سنڌي قوم جي پورهئي ۽ ڪاروباري مهارت واري حالت انتهائي هيٺ واري درجي تي وڃي پهتي آهي ... جنهن لئه مون هڪ مضمون لکڻ شروع ڪيو آهي اميد ته دوستن کي ڪجهه ڏينهن ۾ پڙهائبو ...

    مهرباني سائين رشيد صاحب


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    وڏو استاد آهين جادوگر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڏي ڳالهه ڪري ويو آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هو چوندا آهن نه!۔۔ ته! چئو ڌيءَ کي سمجهي نُونهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سمورا سنڌ واسي تو واري هن وارتا کي سمجهن نه سمجهن مان ته سورهان آنا سمجهي ويس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو ميلو لڳو ئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي سُڌارڻ لاءِ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي ڪُهاڙي سدائين سراڻ کان بغير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نپٽ سنڌي آهيان نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان شروعات ٿا ڪريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان وارو يار فقير وحيد ڦلپوٽو بلڪل آهي نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جنهن جي ڪهاڙي سدائين تيز ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت لاءِ روزاني جي حساب سان اڻ ڳڻيون ونڊون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔باقي اسان جهڙو جهونڙو مُڏي ڪُهاڙي کڻي مشڪل سان ڪا هڪ اڌ ونڊ سا به سهڪي سهڪي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا تمام بهترين ۽ لاڀائتي شيئرنگ آهي، اصل چئجي ته آخري شئي آهي۔۔۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين سهڻي صلاح لاء اوهان جا لک قرب پر سنڌي سست نه هجي ته پوء الائي ڪٿي پهچي باقي سائين نثار ناز صاحب ۽ سائين نثار ابڙو صاحب ۽ سائين فقير صاحب جن لڳي ٿو ته ان لسٽ ۾ نه آهن الله تعالي کان دعا آهي ته شال اسان سڀني کي همت عطا فرمائي جو سندس بندگي به ڪيون ۽ دنيا ۾ رکيل ذميواريون به نڀايون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو