• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روشني روشي ڄام شورو ھيو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
روشني روشي ڄام شورو ھيو،
مُرڪ ھُن جي مِٺي ڄام شورو ھيو،
مون وجَد ۾ اچي . . . . ياد تو کي ڪيو
تنھنجي گھر جي گھٽي گھٽي ڄام شورو ھيو
چنڊ سان دوستي ڇا ! اجائي ھئي
چاندني چاندني ڄام شورو ھيو
روڊ، رستا، ھار، سَار تنھنجي ھئي
شوخ ،چنچل سَکي ڄام شورو ھيو
رات رابيل ھا . . . ماک ۾ مَنَ ڀُنا
تازگي تازگي ڄام شورو ھيو
 
جواب: روشني روشي ڄام شورو ھيو

ادا تمام بهترين شاعري ونڊ ڪئي آهي پر اوهان آهيو ڪٿي ادا ؟يار اسان سڀني کي وساري ڪري اوهان خبر ناهي الاء ڪٿي ڪهڙو ديس وسايو اٿو
 
جواب: روشني روشي ڄام شورو ھيو

رات رابيل ھا . . . ماک ۾ مَنَ ڀُنا
تازگي تازگي ڄام شورو ھيو

واه ادا لاجواب
بهترين ونڊ آهي
 
جواب: روشني روشي ڄام شورو ھيو

ڀا تمام سٺا خيال پر ادا مائينڊ نه ڪجو
يا ته توهان جي لکڻ جي غلطي پر اوهان جو هي خيال ٿورو وزن بحر کان ٻاهر آهي۔
مون وجَد ۾ اچي . . . . ياد تو کي ڪيو
تنھنجي گھر جي گھٽي گھٽي ڄام شورو ھيو
تنهنجي گهر جي گهٽي ڄام شورو هيو۔ هي لفظ وزن ۽ بحر جي حساب سان پورا آهن۔
 
Back
Top