نثارابڙو
نائب منتظم
آزاد نظم
”احساس“
نسيم حيدري
اکڙين جي کڙڪين مان
لهي وڃن ٿا
جي
روح جي پاتال ۾ ...
ٺاهي پنهنجو مسڪن
اهي پيارا
ڪيئن وسرن
رسائي جن جي
رڳن ۾...
رت جي گردش سان
دل و ذهن جي
خيالن و احساسن جي
دنيا تائين...
نئين سال تي هي گيت ۽ هي نظم آءُ پنهنجي محبوب جي نالي ٿو ڪريان ... ان محبوب جي نالي جنهنجي ساٿ جي سهاري آءُ دنيا جا سڀ ستم سهي ويندو آهيان ....
جهڙي سنڌ تهڙو منهنجو محبوب الله ٻنهي کي سدا سلامت رکي ... آمين