• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تحفو...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
CH003.jpg
80 سال جو بزرگ پنهنجي گهر جي سامهون اڱڻ تي ويهي اُس سڪي رهيو هو۔۔ آدم شماري واري هڪ ڇوڪرِي هن وٽ پهتي۔۔ بزرگ وڏي پيار سان ڇوڪري کي ساڻ ويهاريو۔۔ ۽ پنهنجي خاندان جا تفصيل ٻڌاڻ لڳو۔۔
ڇوڪري ڏٺو ته بزرگ جي ڀرسان نهايت عمده قسم جي بادامن سان ڀريل هڪ تحفي نما ٽوڪرو رکيل هيو۔۔
بزرگ به ڏسي ورتو ته ڇوڪرِي جون نظرون باربار بادامن ڏانهن وڃي رهيون هيون۔۔ ان ڪري هن چيو۔۔ ”ڌيء هي ڪنهن تحفي ۾ مون ڏي موڪليا آهن۔۔ پر مون کي انهن جي ضرورت ناهي۔۔ تون چاهين ته کائي سگهين ٿي۔۔ “
شڪريو ادا ڪندي ڇوڪري وڏي اطمينان سان بادام کائڻ لڳي۔۔ گهڙي رکي هن پڇيو۔۔ ”تحفو ڏيندڙ به عجيب تحفو موڪليو آهي۔۔ کيس خبر نه هئي ته توهان کي ته ڏند ئي ڪونهن پوء بادام ڪيئن کائيندو۔۔۔“
بزرگ وراڻيو۔۔ ”ان کي معلوم هو۔۔۔ اصل ۾ جڏهن اهو تحفو مون کي مليو هو ته انهن بادامن مٿان عمده قسم جو چاڪليٽ چڙهيل هيو ۔۔۔ جيڪو مون چوسي کائي ورتو آهي۔۔۔“
 
Back
Top