ٽي وي آرٽسٽ، رائيٽر ۽ سماجي اڳواڻ وزير فرهاد سولنگيءَ سان ڳالهه ٻولهه س: سڀ کان پهرين پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيدا؟ ج: ادا، وزير فرهاد ولد محمد يوسف سولنگي آئون 5 جولاءِ 1967ع ۾ ڳوٺ مياڻي لڳ ٺٽ ڳوراهو تعلقي ۽ ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيس ۽ هن وقت مورو شهر ۾رهائش آهي. پيشي جي حوالي سان آئون ٽيچر آهيان. س: اوهان اداڪاري جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟ ج: مون 1981ع کان اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي پهرين اسٽيج پرفارمنس ٺارو شاهه جي هڪ اسڪائوٽ ڪئمپ واري پروگرام کان ٿي جتي مون مزاحيه خاڪا پيش ڪيا ۽ تمام سٺي موٽ ملي، ايئن ئي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي اسٽيج جي ناليواري آرٽسٽ ۽ هدايتڪار محمد صديق پرهياڙ کان هن حوالي سان رهنمائي حاصل ٿي ۽ مون مختلف رولن ۾ تقريبن 70 اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. 1993ع ۾ پي ٽي وي تان پروڊيوسر بيدل مسرور جي ڊرامي ”سفر“ ۾ اداڪاري ڪيم ۽ ان کان علاوه پي ٽي وي تان روپ هزار، مور اڏاڻا مور، وساريل واٽون، ڊرامن ۾ پڻ رول ادا ڪيا اٿم. 2004 کان ڪي ٽي اين جي مختلف ڊرامن ۾ رشيد چارڻ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو مشهور سيريل ”چاچو چڪر ۾“ منهنجو اهم رول هو ان کان علاوه هڻ کڻ هاسپيٽل، درگذر، مکڻ موجن ۾، هڪ ڏينهن ڪردار سان گڏ ۽ مزاحيه مشاعرا، قواليون ۽ عيد ٽهڪ جي نالي سان عيد پروگرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي اٿم ۽ ڏسندڙن طرفان ڏاڍي سٺي موٽ ملي ۽ ڪي ٽي اين کان علاوه مون مهراڻ، آواز ۽ ٻين سنڌي چينلن تي پڻ مختلف ڊراما ڪيا آهن. ان کان علاوه آئون بطور اسٽنٽ ڊائريڪٽر به رهيو آهيان. س: فني حوالي سان اوهان جي ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟ ج: ادا، منهنجي خواهش آهي ته آئون هن فيلڊ ۾ فن جي انهن بلندين تائين پهچان يا ڪو اهڙو رول ادا ڪريان جيڪو هميشه هميشه ياد رکيو وڃي. س: ادبي سفر جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟ ج: ڪتابن جي گهڻي مطالعي ۽ سٺن دوستن جي صحبت سبب ادبي دنيا ۾ پير پائڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ 1994ع کان ٻاراڻن ڪتابن ۾ مختلف مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيم. ان کان پوءِ سائين راشد مورائي، مسرور پنائي ۽ حافظ محمد بخش خاصخيلي لکڻين جي حوالي سان منهنجي اصلاح ڪئي ۽ اڄ تائين به ڪڏهن شاعري ته ڪڏهن نثر لکندو آهيان. ڪافي ڪتابن جيترو مواد گڏ ٿي ويو آهي پر اڃا تائين ڪوبه ڪتاب ڇپايو ناهي. س: ڪهڙين ڪهڙين سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان اوهان جي وابستگي رهي آهي. ج: 1990ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪيم. ان کان پوءِ 1992ع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي اوٻاوڙي کان ڪراچيءَ تائين نڪتل پيادل امن مارچ ۾ حصو ورتم. 1996ع ۾ عبدالخالق جوڻيجو جي دعوت تي جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت اختيار ڪيم ۽ سياسي حوالي سان سائين جي ايم سيد جي ئي فڪر سان لاڳاپو رهيو آهي. سماجي خدمتن جي حوالي سان آئون ٻڌائيندو هلان ته آئون سگا برانچ مورو جو ٽي سال جوائنٽ سيڪريٽري رهيو آهيان جنهن ۾ دوستن سان گڏجي مختلف طبي ڪئمپن ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو وٺندي سرگرم رهيس. هن وقت آئون سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جو سيڪريٽري آهيان. هن پليٽ فارم تان پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي ڪافي پروگرام منعقد ڪرايا آهن. جنهن ۾ مشاعرا، مذاڪرا، سيمينار ۽ مختلف شخصيتن سان رهاڻيون ۽ ورسين جا پروگرام شامل آهن. ان کان علاوه سنڌ فنڪار ويلفيئرٽرسٽ جي پليٽ فارم تان موري تعلي جي فنڪارن جي فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪيو اٿم. س: اوهان کي ڪهڙا ڪهڙا ايوارڊ ملي چڪا آهن؟ ج: 21 مارچ 2010ع تي مورو هسٽاريڪل سمينار ۾ بهترين ڪالم نويس جو ايوارڊ مليو ۽ ان کان علاوه 15 مارچ 2011ع تي پريس ڪلب نوشهرو فيروز پاران بهترين اداڪار جو ايوارڊ مليل آهي. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
ڪافي وقت کان منهنجي ۽ سليمان وساڻ جي انهي موضوع تي ڳالهه هلندڙ آهي ته وڊيو انٽرويز ڏجن سنڌ سلامت تي۔ انهن شخصيتن جا جن جو ڪنهن به حوالي سان پنهنجي فيلڊ ۾ نمايان ڪردار هُجي۔ هي ڪم ڏِسي همت وڌي آهي۔