• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پهنجو سيڪريٽ فولڊر ٻين کان ڪيئن لڪايان

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو

مان پهنجو سيڪريٽ ڊيٽا ٻين کان ڪيئن لڪايان؟

ڪافي دوست جن ۾ زاهد سومرو فقير سر فرست آهي مون کان اهو سوال ڪندا آهن ته فقير سائين پنهنجو ذاتي فولڊر بنا ڪنهن سافٽ ويئر کي انسٽال ڪرڻ جي ڪيئن لڪائجي سو حاضر آهي انهن دوستن لا۽ هڪ ڊاس ڪمانڊ جي ٽِپِ جيڪا يقينن انهن دوستن کي ڪافي فائدو ڏيندي جيڪي پنهنجي فولڊر کي ٻين کان لڪائڻ چاهين ٿا
سڀ کان بهريائين ته توهان Windows key+ Run پوء ان ۾ لکو CMD +Enter هاڻي ڊاس کلي ايندي هاڻي توهان ان Drive ۾ اچو جتي توهان جي ڊيٽا فولڊر جي صورت ۾ رکيل آهي هاڻي command ڏيو مثال طور تي مان E Drive ٿو ڏيان
E:// attrib VIP +a +s +h وي آء پي فولڊر جو نالو آهي هاڻي توهان انٽر ڪيو
38911083.gif
هاڻي وري فولڊر کي واپس آڻڻ لاء اسان ساڱئي ڪمانڊ استعمال ڪنداسين پر هن نموني سان
E:// attrib VIP -a -s -h هاڻي توهان انٽر ڪريو فرق صرف فولڊر لاڪ ڪرڻ لاء پلس (+) استعمال ڪئي سين ء فولڊر کي انلاڪ ڪرڻ لاء (-) مائينس استعمال ڪنداسين
86984465.gif
(نوٽ) جيڪو به فولڊر جو نالو هجي پر ان نالي ۾ اسپيس استعمال ٿيل نه هجي

sindhsalamatsaathsal
 
فقير سائين هي تمام بهترين ڪمانڊ شيئر ڪئي آهي توهان۔۔۔
توهان اسان کي پراڻي دور جي ياد ڏياري ڇڏي، جڏهن اڃان ونڊوز نه آئي هئي ۽ ڊاس جي ذريعي هر فنڪشن ڪم ڪندو هو يعني ڪمانڊ بيسڊ سسٽم هو۔ هاڻي ته گرافڪ انٽرفيس آهي، مائوس سان بس ڪلڪ ڪرڻو ٿو پوي۔۔۔
 
واه واه فقير سائين واه اصل اوهان ته اسانجو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ ادا رشيد سمون ،منتظم اعلي آهي، منهنجي آفيس ۾ ايندو آهي۔۔۔۔ پوءِ زوري به اچي منهنجي آفيس واري ڪمپيوٽر کي استعمال ڪندو آهي۔۔۔۔۔ لازمي منهنجي فولڊر کي به ضرور کوليندو هوندو۔۔۔ پر هاڻي سائين کان اسان لڪائي ڇڏينداسين ۔۔۔۔۔۔۔ لڪايون ڪهڙو ادا فقير ۔۔۔۔۔اوهان جي هي تحرير ته ادا رشيد به ته پڙهندو هوندو نه۔۔۔۔۔هاهاهاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

شال جڙيو هجين۔۔۔۔۔
 
توهان ادي رشيد کي فولڊر جو نالو ئي نه ٻڌايو نه ۔۔۔۔
 
ادا ڀائو فقير سائين تمام بهترين شيئرنگ ڪئي اٿئو،
ادا ڄامشورائي توهان وٽ اگر ڪوئي ونڊوز ۾ فولڊر کي لڪائڻ جو طريقو ٻڌائيندا تو اسانکي ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻ حاصل ٿيندي. ۽ ڏاڍي خوشي ٿيندي.
واهو ادا زاهد اهو وڏي ايڊمن وڏي ايڊمن ئي هوندي آهي.
 
Back
Top