• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گُڏي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
گُڏي
زاهده پروين گوپانگ
1575 اٽيچمينٽ ڏسو
عائشه پيءُ کي گهر ۾ ايندي ئي سوال ڪيو ”بابا! منهنجي گڏي وٺي آيا آهيو؟“
پڻهس جواب ڏنو ”ڌيئڙي!تون وعدو ڪر هن سال امتحان ۾ پهريون نمبر اچ ته مان پنهنجي ڌيءَ کي تمام سٺي گڏي وٺي ڏيندس “
عائشه پيءُ سان واعدو ڪيو ته هن سال مان پهريون ايندس ۽ اڳ کان به وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳي.
عائشه جو پيءُ هڪ پرائمري ماستر هو عائشه کي گهڻو پيار ڪندو هو. عائشه هئي به تمام ذهين ڇوڪري، اسڪول ۾ به ڪنهن سا گهڻو نه ڳالهائيندي هئي بس پڙهڻ ۾ ڌيان لڳائيندي هئي عائشه جي گهر جي ڀرسان پنهنجي ڪچي گهر ۾ زينب رهندي هئي زينب جو پيءُ هڪ مزدور هو جيڪو ڪمائيندو هو سو پيٽ ۾ پورو عائشه زينب کي ڏسي غمگين ٿي ويندي هئي ۽ پنهنجا پراڻا ڪپڙا ان کي ڏسي ڇڏيندي هئي.
عائشه خوب محنت ڪئي هئي ۽ اڄ هن جو امتحان هو. عائشه صبح جو سوير اٿي تيار ٿي نيرن ڪري پنهنجي مٺڙي امڙ کان پيار وٺي اسڪول آئي اتي هن تمام سٺو امتحان ڏنو.
گهر اچڻ سان هن کي هڪدم زينب ياد آئي هن جلدي يونيفارم بدلايو ۽ زينب جي گهر آئي زينب جي گهر جي ڪچي اڱڻ تي زينب جي ماءُ ٻهاري ڏئي رهي هئي عائشه زينب جي ماءُ کي سلام ڪيو ۽ زينب جو پڇائينس زينت اکين ۾ لڙي آڻيندي چيو ”امان! زينب کي چئن ڏينهن کان سخت بخار آهي ۽ پئسا ڪونهن جو علاج ڪرايون“
عائشه زينب جي ماءُ سان ان ڪوٺيءَ ۾ وئي جتي زينب ڇنل کٽ تي سمهي پئي هئي عائشه زينب کي هٿ لائي ڏٺو ته ڇرڪ نڪري ويس زينب بخار ۾ ٻري پئي عائشه ٿوري دير ويهي واپس گهر هلي آئي.
هڪ هفتي کان پوءِ عائشه جي رزلٽ آئوٽ ٿي ۽ عائشه پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آئي هئي عائشه گهر اچي اها خوشخبري پنهنجي امڙ ۽ پنهنجي پيءُ کي ٻڌائي هن جو پيءُ تمام خوش ٿيو ۽ چيائينس ته ”هل بازار هلون توکي گڏي وٺي ڏيون“
عائشه خوش ٿي پيءُ جو هٿ پڪڙي ٻاهر نڪتي اڃا وک مس هليا ته هوڏانهن زينب جي پيءُ آيو ۽ چيائين ”ادا؛! مون کي ڪجهه پئسا کپن منهنجي زينب بيمار آهي“
عائشه جي پيءُ جواب ڏنس ”ادا! مون وٽ ته پئسا ڪونهن“
زينب جو پيءُ مايوس ٿي وڃڻ لڳو. ته عائشه هٿ ۾ بند ٿيل گڏي وارا پئسا ڪڍي ڏنس. زينب جو پيءُ دعائون ڏيندو هليو ويو عائشه پيءُ کي چوڻ لڳي ”بابا! آنءُ گڏي ڪانه وٺنديس گڏي کان وڌيڪ انسان جي زندگي آهي“
عائشه جو پيءُ پنهنجي هن عظيم ڌيءَ ڏانهن فخر مان ڏسي مرڪي ڏنو۔
 
تمام بهترين ۽ انساني همدردي جي حوالي کان هڪ ننڍڙي نياڻي جي ڪهاڻي ، باقي جاويد جو قصو شايد اڌورو لکيل آهي درست ڪندا
 
الله ڪري سنڌ جي هر نياڻي کي اهڙي تعليم ملي جو ان ۾ انساني همدردي جو جذبو پيدا ٿئي۔ ۽ هڪٻئي جي مدد لا پنهنجين خواهشن کي پاسيرو ڪري انسانيت جي خدمت کي ترجيح ڏجي۔
 
Back
Top